ڪوهه مريءَ ۾ جنوري جي پهرين ڏهاڪي ۾ شديد برفباري واري طوفان کان پوءِ 22 انساني جانين جو مري وڃڻ هڪ وڏو سانحو آهي. سرڪاري رپورٽ موجب اهي سياح ڪاربان مونو آڪسائيڊ گئس سبب مري ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اها گئس گاڏي ۾ هيٽر هلائڻ سبب پيدا ٿي. اپوزيشن حڪومت خلاف مري سانحي تي ايوان ۽ ميڊيا ۾ سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ مري سانحي کي حڪومتي نااهلي قرار ڏيندي عدالتي جانچ جي گهر ڪئي آهي.
ڪوهه مري واري سانحي کي ائين به سمجهي سگهجي ٿو ته اڄ واري جديد دور ۾ هر روڊ جي داخلا تي هر گاڏيءَ جو اندراج ٿئي ٿو. هاڻ سياحن جو وڌندڙ رجحان سمجهڻ ۽ چيڪ ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه رهيو آهي. ڪوهه مري ويندڙ اها ڳالهه ڀلي ڀت سمجهن ٿا ته اهو سياحتي هنڌ ڪيترو نه ننڍو ماڳ آهي ۽ ان شهر جو اندروني علائقو ڪيئن آهي. جتي وڌ ۾ وڌ اڍائي هزار کان چار هزار گاڏيون پارڪ ٿي سگهن ٿيون. مري ۾ داخل ٿيڻ وارا رستا ڪهڙا ۽ ڪيئن آهن. هڪ محتاط اندازي موجب انهيءَ سياحتي ماڳ تي وڌ ۾ وڌ پنجويهه هزار سياح رهائش اختيار ڪري سگهن ٿا. انگريز دور ۾1851ع ۾ مري هل اسٽيشن کي پڪنڪ پوائنٽ جو درجو ڏئي سياحت وارو قرار ڏنو ويو. جيڪو سطح سمنڊ کان 8 هزار فوٽ بلندي تي واقع آهي. هي سياحتي طور پررونق ماڳ آهي، ملڪ جي عام ماڻهن لاءِ هي ماڳ ۽ مريءَ جو مال روڊ 1947ع جي آزادي کان پوءِ کليو. انهيءَ عرصي تائين هي ماڳ رڳو انگريز ۽ يورپي سياحن لاءِ مخصوص هو.
1947ع تائين مريءَ جي مال روڊ تي يورپي سياحن کان سواءِ ٻيو عام ماڻهو داخل ٿي نه سگهندو هو. 1907ع ۾ گرمين جي مند ۾ هي ماڳ برطانوي حڪومت جو صدر مقام به رهيو. 1857ع ۾ هتي خوبصورت چرچ جوڙيو ويو هو. مري جي پوسٽ آفيس ۽ چرچ جي عمارت مريءَ جي خوبصورت عمارتن ۾ شمار ٿين ٿيون. 1907ع تائين هن ماڳ تي سياح پنڊي کان ٽانگن ذريعي پهچندا هئا. تڏهن سياحن کي پهچڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳي ويندا هئا. اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان 54 ڪلوميٽر جي وٿي تي هئڻ ۽ وادي ڪشمير جو گيٽ وي هئڻ ڪري 1980ع کان پوءِ ڪوهه مري سياحتي طور صنعتي حيثيت اختيار ڪئي. شروعاتي دور سياح رڳو گرمين ۾ مريءَ جو رخ ڪندا هئا، پر هاڻ سرديءَ ۾ خاص طور سنو فال ۾ برفباري مان لطف اندوز ٿيڻ وارو لاڙو وڌيو آهي. هتي فطرت جون رنگارنگيون، بادلن جو پاڻ ۾ ٻکجڻ ۽ کينچل ڪندي ڏسڻ، برسات ۽ سنو فال جا منظر ڏسڻ لاءِ گرمين ۽ سياري جي موڪلن ۾ سياح وڏي انگ ۾ پهچن ٿا. سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ کان پوءِ برفباريءَ ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ ۽ سيلفي ڪڍڻ واري لاڙي به مريءَ ۾ برفاني طوفان جي اڳڪٿيءَ جي باوجود سياحن کي پڪنڪ پوائنٽس ڏانهن وڃڻ ڏانهن اڪسايو. سرڪاري رپورٽ موجب ٽن ڏينهن ۾ ڏيڍ لک گاڏيون مريءَ ۾ داخل ٿيون. جن مان فقط 12 هزار گاڏيون شهر کان ٻاهر نڪري سگهيون. رپورٽ موجب برفاني طوفان سبب چار فوٽن تائين برفباري ٿي. روڊ تي برفباري جا ڍڳ گڏ ٿيڻ 25 هنڌن تي وڻن ۽ 42 هنڌن تي بجلي جا ٿنڀا ڪرڻ سبب روڊ جي ٽريفڪ بند ٿي وئي.
جيتوڻيڪ سنسار جو وايو منڊل سمجهندڙ هر آفت کي فطرت جو جبر سڏين ٿا. پر اهڙن حادثن جي زد ۾ ايندڙ ۽ بي پناهه اذيتون ڀوڳڻ واري ڪيفيت مان گذرندي ئي اهو ڪرب ۽ درد محسوس ڪري سگهن ٿا.
رڳو يورپ ۾ طاعون واري وبا وگهي چئن سالن دوران ست ڪروڙ پنجاهه لک ماڻهو موت جي وڪڙ ۾آيا. پوءِ ڀلي کڻي ڪوئو به هن بائيوڊائورسٽيءَ جو حصو هجي ۽ مليريا پکيڙيندڙ مڇر به هن ئي بائيوڊائورسٽيَ جو حصو هوندو آهي. دنيا هن وقت ڪووڊ جي وبائي آفت مان اڃان گذري رهي آهي. پر اهوئي انسان ان کان اڳ ۾ انفلو ائنزا (زڪام) وگهي اڍائي ڪروڙ کان چار ڪروڙ ماڻهو رڳو 1918ع کان 1919ع واري هڪڙي سال ۾ مرندي ڏسي چڪو آهي. جيتوڻيڪ 1980ع ۾ دنيا مان ماتا جي وبا ختم ٿي چڪي آهي، آخري ڀيرو 1977ع ۾ هيءَ وبا صوماليا ۾ پکڙي ۽ وڏي تباهي آڻي چڪي هئي. پر انهيءَ وبا رڳو ميڪسيڪو ۾ 1520ع ۾ هڪ سال ۾ 40 لک ماڻهو ماري ڇڏيا هئا. مريضن ۾ ايڏي تيزيءَ سان ماتا پکڙيءَ جو انهن جي چمڙيءَ جي ڳوڙهين مان وهندڙ رت ۽ پون سان بسترن جي چادرون چنبڙي وينديون هيون. چادر لاهڻ سان جسم مان رت ٺينڍا ڪري وهڻ لڳندو هو.
آمريڪي صحافي ۽ محقق چارلس مان تحقيق جي روشنيءَ ۾ لکيو ته 90 کان 95 سيڪڙو لاطيني آمريڪا جي اصلي ماڻهن کي ماتا ۽ ٻين هٿرادو بيماريون پکيڙي ماريو ويو. هن آرڪيالاجي ۽ سائنسي تحقيق جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه ڪئي ته اهي بيماريون آمريڪا دريافت ڪندڙ جاگرافي دان ۽ فلڪياتي ماهر ڪرسٽوفر ڪولمبس ۽ سندس ٽيم هٿرادو طور پکيڙيون. جن بيمارين ۾ اتي ماڻهن ۾ قوت مدافعت موجود ئي نه هئي. سائنس فڪشن ۾ هٿرادو بنيادن تي زلزلا، سائيڪلون، ٻوڏون ۽ مختلف وبائون پيدا ڪري ۽ پکيڙڻ ڏيکاريو ويندو رهيو آهي. ساڳي ريت فصلن تي بيماريون پکيڙي به هٿرادو ڏڪار پيدا ڪرڻ وارو مواد سائنس فڪشن ۾ موجود آهي.
آئرلينڊ ۾ پٽاٽن جي فصل ۾ آيل تباهيءَ کان پوءِ پيدا ٿيل ڏڪاري صورتحال جي نتيجي ۾ 10 لک 29 هزار ماڻهو مري ويا ۽ 11 لک 80 هزار ماڻهو بک کان بچڻ لاءِ مهاجر ٿي آئرلينڊ ڇڏي ويا. تاريخ ۾ ذڪر آهي ته آئرش ماڻهو بک کان بچڻ لاءِ ڪئنيڊا ۽ آمريڪا ڏانهن سامونڊي سفر دوران 20 هزار سمنڊ ۾ سفر دوران مري ويا هئا. هوڏانهن اهي سازشي نظريا اڃان به تاريخ ۾ درج آهن ته آئرش واسين کي رڳو ڪيٿولڪ مذهب سبب پروٽيسٽنٽ انگلينڊ وارن سندن خلاف 1845ع ۾ ميڪسيڪو جي بحري جهازن ذريعي پٽاٽن جي فصلن خلاف بيماري آئرلينڊ پهچائي هٿرادو ڏڪار پيدا ڪيو. آئرلينڊ ۾ پٽاٽا سترهين صديءَ جي وچ ۾ متعارف ٿيا. پٽاٽا آئرش ماڻهن جي پسنديده غذا بڻجي چڪي هئي. ڏڪار کان اڳ ۾ هڪ آئرش هاري روزانو 8 پائونڊ پٽاٽا کائيندڙ هو. اهڙي سازشي ٿيوري هن وقت مري سانحي بابت به هلندڙ آهي ته پنڊي وارو روڊ ته بند ڪيو ويو هو، پر ڪي پي مان ايندڙ سياحن سبب ڄاڻايل سانحو پيش آيو آهي. ان کان اڳ ۾ سوات وادي وارن جي به اهڙي سازشي ٿيوري هلندڙ آهي ته جو صوفي محمد ۽ نيڪ محمد جو شرعي آرڊر ۽ طالباني حملا سوات تي مريءَ جي سياحتي صنعت جي فنڊ ذريعي هلندڙ هئا. ان ڪري گهرو وزير شيخ رشيد جي ان ڳالهه کي سمجهڻ به ضروري آهي ته راولپنڊيءَ کان مري ڏانهن ويندڙ رستا ته بند ڪيا ويا هئا، پر ڪي پي ڪي جي رستي کان ايندڙ سياح رڪجي نه سگهيا ۽ اهي برفاني طوفان جي زد ۾ اچي ويا.
هوڏانهن آمريڪي ڏاهي پال هينري دي سسٽم آف نيچر جي سلسلي ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته ” انساني غمن جي شروعات ان جي فطرت کان لا علمي ۾ آهي”. برفباري قلات کان گلگت بلتستان تائين پئي آهي. پر جيڪي برفباريءَ جي سخت موسم ۾ رهڻ ڄاڻن ٿا، اهي ان جي سختيءَ کي برداشت ڪرڻ به ڄاڻين ٿا. (زيارت جا مقامي ماڻهو رت ڄمائي ڇڏيندڙ برفباريءَ ۾ گئس نه هئڻ سبب ٽي هزار سال قديم جونيپر جي وڻن کي به وڍي ٻاري پنهنجو بچاءُ ڪندا رهيا آهن. زيارت جي ٿاڻن ۾ برفباريءَ جي مند ۾ گهڻا ڪيس ٻيلي کاتي پاران ناياب وڻن جي واڍي وارا داخل ڪرايل هوندا آهن.) هوڏانهن آمريڪي سائنسدان ايڊسڪڊ مور جو چوڻ آهي ته انسان کي جيڪو مسئلو درپيش اچي ٿو، ان کان بچڻ جا جتن ضرور ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ هر معاملو فطرت جي هٿ ۾ هوندو آهي. هن وقت عالمي سطح تي اهو فلسفو وڌيڪ جاءِ والاري رهيو آهي ته فطرت تي ڪنٽرول ڪرڻ واري دعويٰ ڪرڻ بدران فطري رنگن ۾ رهڻ ئي زندگيءَ جو اصل مقصد هئڻ گهرجي. آمريڪي صحافي ۽ دي نيويارڪ ٽائمز جي اسٽاف ايڊيٽر اها ڳالهه 1960ع ۾ ڪري ڇڏي هئي ته “انسان جي اها سڀ کان کوکلي دعويٰ اها آهي ته هن فطري ماحول ۽ ڪائنات تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو آهي.”
دنيا جي تاريخ ۾ ائين به ڏٺو ويندو رهيو آهي ته فطري حادثا انهيءَ ملڪ جي سياسي تاريخ کي تبديل ڪري ڇڏيندا رهيا آهن. 13 نومبر 1970ع ۾ بنگال ۾ ايندڙ سائيڪلون اوڀر پاڪستان جي تاريخ ئي تبديل ڪري ڇڏي. جنهن ۾ 10 لک ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. ساڳي ريت 1864ع ۾ ڪلڪتي ۾ ايندڙ طوفان انگريز حڪومت خلاف نفرت جو بنيادي ٻج ڇٽيو.
1998ع ۾ اقتصاديات ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ بنگالي ڊاڪٽر امرتياسين بنگال ۽ چين ۾ آيل ڏڪارن ۽ زلزلن جو تقابلي جائزو ورتو. هن تحقيقي طور دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. ڊاڪٽر امرتياسين ٻڌايو ته چين ۾ آيل ڏڪار ۽ زلزلي جي تباهيءَ کي عالمي سطح تي رپورٽ ٿيڻ نه ڏنو ويو. ان ڪري زلزلي سبب 6 لک پنجويهه هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿيا ۽ ڏڪار سبب نوي لک کان هڪ ڪروڙ ٽيهه لک ماڻهو مري ويا. ڏڪار ۽ زلزلي جي تباهيءَ جا انساني زندگيءَ تي پوندڙ اثرن کي گهٽائڻ بابت چين جي بادشاهه ۽ حڪمرانن ڪوبه تحرڪ نه ورتو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ڏڪار کان پوءِ جي اثرن سبب به انسان مري ويا. ان جي ڀيٽ ۾ 1896ع انڊيا ۾ وڏي عرصي تائين برساتون نه پوڻ کان پوءِ آيل ڏڪار ۽ ان کان پوءِ وبائي تباهيءَ کي پريس رپورٽ ڪيو ۽ 82 لک 50 هزار ماڻهن جو مرڻ پريس ۽ عيسائي مشنريز رپورٽ ڪيو. ظاهر آهي ته برساتون وسرائي نٿيون سگهجن ۽ دريائن ۾ پاڻي آڻي نٿو سگهجي. پر ڏڪار سبب ماڻهن کي بک کان ۽ وبا جي صورت ۾ ماڻهن کي علاج مهيا ڪري سگهجي ٿو. پر انهن پنجن سالن جي عرصي ۾ انڊيا ۾ ڏڪار ۽ وبائي بيمارين وگهي 82 لک پنجاهه هزار ماڻهو مري ويا. جنهن جي نتيجي ۾ دنيا انگريز حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي. ڇو ته ان وقت انگريز انديا جو اناج ڏڪار وارن کي ڏيڻ بدران انگلينڊ کڻائي ويا هئا. پريس، برطانيا جي اپوزيشن ۽ مشنريز انگريز حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ته هنن انڊيا ۾ ڏڪار وارن کي اناج ڇو نه ڏنو ۽ هيضي جي وبا ۾ مريضن جو گهربل علاج ڇو نه ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ان وقت به انڊيا انگريز سامراج جي قبضي ۾ هو. انڊيا ۾ حڪومت کي ڪنهن به اپوزيشن کي منهن ڏيڻو ڪونه ٿي پيو، پر خود برطانيا ۾ حڪومت کي اپوزيشن سڱن تي کڻي ڇڏيو هو. انهيءَ سوال حڪمرانن تي ايڏو دٻاءُ وڌو، جو چين جي ڀيٽ ۾ بنگال ۾ انساني آباديءَ جو نقصان گهٽ سامهون آيو. پر چين جي بادشاهه ۽ حڪمرانن کي نه پريس ۽ نه وري اهڙي ڪنهن اپوزيشن وارن جي ڳڻتي هئي.