ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪي معيشت لاءِ بهتري جي دعويٰ

Editorial

جڏهن ملڪ جا معاشي ماهر اهو چئي رهيا آهن ته ملڪي معيشت بهتر حالت ۾ ڪانهي ۽ جي ڊي پي به سٺي ناهي ته ان وقت نه رڳو پي ٽي آءِ جا وزير مشير معيشت کي بهتر سمجهي رهيا آهن پر وزير اعظم عمران خان به اهو چئي رهيو آهي ته پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي ۽ هتي تيل به دنيا جي ٻين ملڪن کان گهڻو سستو آهي. اها عجيب ڳالهه آهي ته گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي آهي، مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ۽ ملڪي معيشت وڃي ترو ورتو آهي پر تنهن هوندي به عمران خان اهو چئي رهيو آهي ته پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي ۽ ماڻهو خوشحال لڳا پيا آهن پر ٻئي پاسي اهو پڻ اظهار ڪري ٿو ته جيستائين برآمد نه وڌائي ويندي آهي، ان وقت تائين آءِ ايم ايف ڦاٿل هونداسين. ان جو مطلب اهو آهي ته ملڪي معيشت بهتر حالت ۾ ناهي ۽ نه ئي ملڪ مان ڪي اهڙي شيون برآمد ٿي رهيون آهن، جن وسيلي ملڪي معيشت کي ڪو ٽيڪو اچي سگهي. ٻه ڏينهن اڳ جيڪي ڪجهه وزير اعظم ڳالهايو آهي، ان تي غور ڪجي ته خبر پوندي ته معيشت جو حال بهتر ڪونهي.
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هن وقت ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سستو آهي، ملڪ ۾ اڄ به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تيل جون قيمتون سستيون آهن، هي اسان کي نااهل چون ٿا، اسان جي حڪومت قوم کي سمورن بحرانن کان بچايو. 14هين انٽرنيشنل چيمبرز سمٽ کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هن وقت به تيل جا اگهه ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، وزيراعظم ٿيڻ منهنجو خواب نه هو، وزيراعظم بڻجي پاڪستان کي عظيم ملڪ ٺاهڻ منهنجو خواب هو. عمران خان چيو ته ڪمپنين کي 930 ارب رپين جو منافعو ٿيو. 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ خانگي شعبي جي اپ ٽيڪ 1100 ارب رپيا ٿي، ايڪسپورٽ ۽ ٽيڪس ڪليڪشن ملڪ جي مستقبل لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته برآمد نه وڌائينداسين ته آءِ ايم ايف ۾ ڦاسي پونداسين، ٽيڪس اوڳاڙي پاڪستان ۾ دنيا جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، اسان وٽ ٽيڪس ڪلچر ناهي، ٽيڪس ڪلچر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته في خاندان کي 10 لک رپيا هيلٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون، هيلٿ ڪارڊ ذريعي ڪنهن به اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهجي ٿو. وزيراعظم موجب افغانستان جو چيلينج آيو ته هڪ خوف پيدا ٿي ويو، خوف سبب ماڻهن ڊالر خريد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڊالر مٿي هليو ويو، آئون چوندو هئس ته 8 هزار ارب ٽيڪس گڏ ڪندس، اسان 6 هزار ارب ٽيڪس گڏ ڪيو. هن چيو ته جيستائين صنعت ترقي نٿي ڪري ان وقت تائين ملڪ خوشحال نه ٿيندو. مافيا نٿي چاهي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي هجي. عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت کي ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو مليو، مهانگائي سبب سموري دنيا تڪليف ۾ آهي، رنگ روڊ منصوبي ۾ ڪرپشن سبب دير ٿي. ڪجهه ماڻهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ منصوبي جي الاٽمينٽ تبديل ڪئي وئي، زمينون سستي اگهه تي انڊسٽريز کي ڏنيون ويون. اها ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته عمران خان هن وقت اها شڪايت ڪري رهيو آهي ته اسان کي خساري واري حڪومت ملي، جڏهن ته نواز شريف جي حڪومت ۾ نه رڳو معيشت بهتر حالت ۾ هئي پر ملڪ جي جي ڊي پي به سٺي هئي پر هاڻوڪي حڪومت اڳيون سوجهرو به چٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري عوام کي ڀوڳڻو پيو ۽ اڄ صورتحال اها آهي ته حڪومت عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي رهي آهي. پر اها گهڻي وقت تائين غلط بيانيءَ کان ڪم نٿي وٺي سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت پنهنجين ناڪامين کي ڪاميابيون سمجهڻ بدران اهو قبول ڪري ته اها ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ان کانسواءِ اها عوام کي رليف ڏيڻ ۾ به ناڪام وئي آهي. تنهنڪري اها جيڪي ڳالهيون ڪندي رهي آهي، ان عمل سان عوام جي ڦٽ تي لوڻ ٻرڪندي رهندي آهي. ملڪي برآمد بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين معاشي صورتحال کپي، جيڪا هن ملڪ ۾ نظر ڪانه پئي اچي. تنهنڪري ضروري آهي ته عوام کي ڪوڙا آسرا نه ڏنا وڃن بلڪه ان جي آڏو حقيقتون بيان ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button