شوبز

شوبز جون مختصر ۽ اهم خبرون

موني رائي جي شادي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا موني رائي 27 جنوري تي ويجهي دوست سورج نمبيار سان شادي ڪري رهي آهي. جوڙي شادي جو هنڌ گووا کي مقرر ڪري ورتو آهي.

علي گل پير جي مڱڻي

ڪاميڊين علي گل پير جي مڱڻي وقت ورتل تصوير

پاڪستان جي مشهور ڪاميڊين علي گل پير مڱڻي ڪري ورتي آهي. جڏهن تھ سندس مڱڻي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، پر اڃا علي گل پير تصديق ناهي ڪئي.

آسڪر تقريب ضرور ٿيندي

آسڪر جو ايوارڊ (فائيل فوٽو)

لاس اينجلس: آسڪر ايوارڊ جي تقريب مقرر وقت تي ميزبان سان گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پر ميزبان جو نالو ناهي ٻڌايو ويو. گذريل سال اها بنا ميزبان جي ٿي هئي.

صوفيا جي ٻارن جو ڪيس

پاڪستاني اداڪارا صوفيا مرزا (فائيل فوٽو)

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اداڪارا صوفيا مرزا جي ٻارن جي اغوا ڪيس ۾ اڳوڻي مڙس خلاف ريڊ وارنٽن تي عمل خاطر ڪاميٽي جوڙڻ ۽ اڳڀرائي رپورٽ گهري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button