مارڪسزم جو اهو بنيادي سبق آهي ته، جڏهن به ڪنهن خاص تاريخي عهد ۾ پيداواري طريقو (Mode of Production) بدلجي ويندو آهي ته، ان دور جي سڄي سماجي حقيقت بدلجي ويندي آهي، جيڪا ماڻهو جي مادي ۽ روحاني زندگي جي هيڪڙائي هوندي آهي. پر تبديلي جو اهو عمل ڪيترين لڙاين جي پوري هڪ سلسلي تي ٻڌل هوندو آهي. اڄ کان پنج ڇهه صديون اڳ يورپ جڏهن تاريخي اٿل پٿل مان گذري رهيو هو ته، اهو صرف ۽ صرف ان ڳالهه جو اظهار هو ته، هڪ نئين تاريخي عهد جي شروعات لا مادي حالتون تيار ٿيڻ لڳيون آهن، جن جي محرڪ قوتن جي اها تقاضا آهي ته، پراڻي نظام کي برقرار رکندڙ سماجي لاڳاپن جو خاتمو آڻي نون سماجي رشتن جا بنياد رکيا وڃن. ان ويڙهه اسرندڙ سرمائيدار طبقي جي مرندڙ جاگيردار طبقي خلاف جدوجهد ۾ پنهنجو اظهار ڪيو.
يورپ ۾ اڀرندڙ بورجوازي جي اقتدار جي مضبوطي لا ضروري هو ته جاگيرداري کي شڪست ملي. ان جاگيرداري کي شڪست ڏيڻ لا وري ضروري هو ته ان جي ڪرنگهي جي هڏي ڪيٿولڪ چرچ کي شڪست ڏجي، جيستائين ڪيٿولڪ چرچ کي شڪست نه پئي ملي، تيستائين جاگيرداري جو خاتمو ممڪن نه پئي بڻيو، اهو ئي سبب هو جو بورجوا طبقي جي جاگيرداري خلاف ان ويڙهه پنهنجو اّظهار ريفارميشن ۾ ڪيو.
ريفارميشن دراصل 16هين صديءَ جي وسيع سماجي، سياسي ۽ نظرياتي تحريڪ هئي. جيڪا بظاهر مذهبي هئي پر پنهنجي سماجي ڳر ۽ تشڪيل ۾ بنهه پيچيده هئي. جنهن ڪيٿولڪ عقيدي ۽ چرچ خلاف مذهبي جدوجهد جي شڪل ورتي.
بنيادي طور ريفارميشن جو ڳر جاگيرداريءَ جي نظرياتي سهاري ڪيٿولڪ چرچ سان جهيڙڻ هو. جاگيرداري مخالف تحريڪ جي حيثيت ۾ ريفارميشن مغربي ۽ مرڪزي يورپ ۾ پکڙي. ان جا سمورا عمومي ۽ گهرا سبب جاگيرداراڻي پيداواري طريقي جي غيرمستحڪم ٿيڻ، سرمائيداراڻن پيداواري لاڳاپن ۽ طبقن جي بڻ بڻياد ۽ سماجي سياسي تضادن جي شدت سان ڳنڍيل هئا. ريفارميشن جاگيرداريءَ کي پهريون سنڌائتو ڌڪ هو. وچين دور جي نظرئي جي مذهبي ڪيريڪٽر جي ڪري جاگيرداريءَ تي حملي لاءِ چرچ تي حملو ضروري هو. جنهن جاگيرداراڻي ڍانچي خلاف اٿندڙ هر آواز کي نظرياتي طور دٻايو ٿي. ڪيترن ئي حوالن کان نشاط ثانيا (Renaissance) جي انسان وادي (Humanist) تحريڪ ان جي وچين دور جي عالمي نقطه نظر تي تنقيد ۽ پنهنجي بورجوا انفراديت جي اصولن جي اثبات سان گڏ ريفارميشن لاءِ نظرياتي بنياد وڌا. ان سان گڏوگڏ وچين دور جي الحاد تي ٻڌل فڪر به ريفارميشن تحريڪ لاءِ فڪري ماخذ فراهم ڪيا.
ريفارميشن جو جاگيرداراڻي ڪيٿولڪ چرچ کان انڪار اصل ۾ چرچ جي وڏي پئماني تي موجود جاگيرداراڻي ملڪيتدار اداري جي حيثيت کان به انڪار هو. ان سموري عمل جو نتيجو اهو نڪتو جو چرچ جي ملڪيت جي سيڪيولرائيزيشن شروع ٿي. خاص طور ڪيٿولڪ چرچ جون وڏيون وڏيون جاگيرون سيڪيولرائيز ڪيون ويون. ريفارميشن ۾ مختلف طبقن ۽ سماجي گروهن حصو ورتو. ريفارميشن ۾ اڀرندڙ سرمائيدار طبقي يا برگر-بورجوا عنصرن مارٽر لوٿر ۽ جان ڪالوين جي لکڻين ۾، واضح طور پاڻ کي اظهاريو. ريفارميشن ۾ برگر-بورجوا رجحان ٻن مخصوص لاڙن اعتدال پسندي ۽ ريڊيڪلزم جي نمائندگي ٿي ڪئي. برگر رجحان (لوٿري ڌڙو) اعتدال پسند، جڏهن ته بورجوا رجحان (ڪالويني ڌڙو) ريڊيڪلزم جو حامي هو. اعتدال پسند لوٿري لڏي ته بعد ۾ جاگيرداريءَ سان ٺاهه ڪندي، جرمنيءَ ۾ 26-1524ع واري هاري بغاوت ۾ هاري باغين جي قتلام جو مطالبو ڪيو. ساڳي وقت مارٽن لوٿر ريڊيڪل رجحانن تي به تنقيد ڪئي. 16هين صديءَ جي شروعات ۾ جرمن برگرن جو متضاد موڊ ۽ هٻڪ سندن طبقاتي ناپختگيءَ جو نتيجو هئي، جن لوٿر جي مذهبي خيالن ۾ پاڻ کي اظهاريو. انهن سمورين اوڻاين باوجود لوٿر جي ريفارميشن ۾ ڪردار جي اهميت تمام وڏي هئي.
جان ڪالوين جي پروٽيسٽنٽ فڪر بورجوازيءَ کي جاگيرداريءَ خلاف جاري انقلابي جدوجهد ۾ نظرياتي هٿيار ۽ تنظيمي شڪل فراهم ڪئي. گڏوگڏ بورجوا اخلاقيات لاءِ مذهبي جواز به فراهم ڪري ڏنا.
ريفارميشن تحريڪ کان پوءِ به سڄو يورپ فرقيواراڻي جنگ ۾ مبتلا رهيو. 1618ع کان 1648ع تائين يورپ فرقيواراڻي جنگ وڙهي ۽ ان جنگ ۾ رجعتي ۽ ترقي پسند قوتون هڪٻئي سان نبردآزما هيون. يعني ان جنگ جو هڪ ترقي پسند پاسو به هو. ان ۾ هيپسبرگ بلاڪ، جنهن جي پاپائي رياست پٺڀرائي ٿي ڪئي، هو ته، ٻئي طرف اڀرندڙ بورجوازيءَ جي قومي رياستن جو اتحاد هو، جنهن ۾ فرانس، سوئيڊن، ڊينمارڪ، روس، انگلينڊ وغيره اچي ٿي ويا. جيتوڻيڪ اها 30 سالا جنگ مذهبي ٽڪراءُ طور شروع ٿي، پر اها ان يورپ جي ڏکيائين جو اولڙو پڻ هئي، جيڪو ان دور ۾، گهرن سماجي، معاشي ۽ سياسي تضادن مان گذري رهيو هو. هيپسبرگ بلاڪ رجعتي قوتن جي نمائندگي ڪري رهيو هو، ته جيئن هو يورپ جي مرندڙ جاگيرداراڻي نظام کي بچائي سگهي. جڏهن ته ٻئي طرف قومي رياستون اڀرندڙ بوجوازيءَ جون نمائنده هيون، جن جو مقصد جاگيرداريءَ جو خاتمو آڻي سرمائيداراڻو انقلاب آڻڻ هو. بعد ۾ اها جنگ ويسٽ فاليا معاهدي جي شڪل ۾، 1648ع ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي. هتي اسان وٽ به مختلف شڪلين ۾، فرقيواراڻي ويڙهه جاري آهي، جيئن وقتن به وقتن شيعن جو ڪوس عمل هيٺ ايندو رهي ٿو، پر اها ويڙهه يورپ جي فرقيواراڻي ويڙهه جيان ترقي پسند نه آهي، ان جو مقصد وچين دور جي سماجي-معاشي ۽ سياسي نظام جو احياءُ ڪرڻ آهي. ٻنهي فرقن جي پنهنجي ڳر ۾ ايجنڊا ساڳي ئي آهي. منجهن جزوي نظرياتي اختلاف آهن، جيڪي وقتن به وقتن سماجي، سياسي ۽ عسڪري طور ڪمزور شيعا فرقي جي رتوڇاڻ ۾، پاڻ کي اظهاريندا رهن ٿا. جتي جتي (ايران وغيره ۾) وري شيعا فرقو سياسي ۽ عسڪري طور سگهارو آهي ته، اتي هو مخالف فرقي کي دٻائي ويٺو آهي.
بهرحال ريفارميشن جاگيرداري خلاف جدوجهد ۾ اهم مرحلو هو، ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪارخاني جي صنعتي دور جو بورجوا انقلاب اڀريو. جيڪڏهن ڪيٿولڪ چرچ مغربي يورپ ۾، مذهب تي پنهنجي هڪ هٽي وڃائي ته، اها ريفارميشن جي ڪري ئي وڃائي. جرمني، سوئٽزرلينڊ، اسڪينڊي نيويائي ملڪن، انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ، نيدرلينڊ ۽ هنگري وغيره ۾، ريفارميشن مذهبي معنيٰ ۾ ڪامياب ٿي ۽ اتي پروٽيسٽنٽ چرچ قائم ڪيا ويا. چرچ جي زمينن جي سيڪيولرائيزيشن ڪيٿولڪ چرچ جا بنياد کوکلا ڪيا. جن ملڪن ۾، ريفارميشن فتحياب ٿي، چرچ رياست تي ڀاڙڻ لڳا، چرچ جي رياست جي ماتحتي ۾ اچڻ کان پوءِ سائنس ۽ سيڪيولر ڪلچر جي واڌ ويجهه ٿي. چرچ جي ثقافتي ۽ فڪري آمريت تباهه ڪئي وئي. اهڙي نموني ريفارميشن مذهبي شڪل هيٺ جاگيرداري مخالف آخري عظيم جدوجهد ڪئي. جاگيرداري مخالف جدوجهد جو ايندڙ مرحلو سيڪيولر آئيڊيالاجي جي ترقي پسند شڪلين تي ٻڌل هو. جنهن جي روشن خياليءَ جي فڪر نمائندگي ڪئي. ٿلهي ليکي يورپ جي ريفارميشن تحريڪ اڀرندڙ سرمائيدار طبقي جي تحريڪ هئي، اها ٻي ڳالهه آهي ته، ان بظاهر مذهبي (پروٽيسٽنٽ) شڪل ورتي، ان ڪري جو ڪيٿولڪ چرچ جاگيردار طبقي جو نظرياتي هٿيار هو. سو ريفارميشن جو مقصد رياست تان چرچ ۽ جاگيردار اشرافيا جو غلبو ختم ڪري، سرمائيدار طبقي لاءِ ثقافتي، فڪري، سيڪيولر ۽ سياسي ماحول سازگار بڻائڻ هو، جنهن ۾ هوءَ ڪامياب به وئي.