ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران کي بي اعتمادي ذريعي هٽائڻ تي ٿيل مڪمل اتفاق

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

اربع واري ڏينهن پارليامينٽ کان مني بجيٽ منظور ڪرائي امريڪي وياج خور اداري آئي ايم ايف کي راضي ڪرڻ وارو لعنتاڻو ته بيشڪ وزير اعظم عمران خان جي نصيب ۾ لکيل هو پر پاڻ سچائئ سان ويچار ڪري انهئ سوال جو جواب لهون ته عمران خان جي بدران جيڪڏهن نواز شريف يا زردارئ جي حڪومت هجي ها ته ڇا اهي قومي غيرت کان ڪم وٺي هن سامراجي اداري سان مهاڏو اٽڪائي، آئي ايم ايف جي فيصلن کي رد ڪرڻ جي جرئت جو مظاهرو ڪن ها؟ هرگز نه! پاڪستان ۾ جيڪو به سياسي ليڊر اقتدار ماڻيندو آهي ان کي آئي ايم ايف جا شرط مڃڻ واسطي سگهارين ڌرين جي ڊڪٽيشن تي فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. اسٽيبلمينٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ وقتي حڪمران جو حشر بچڙو ڪيو ويندو آهي. ڏسو ته مخالف ڌر جي پارٽي اڳواڻن کي ڪيڏي نه پڪ هئي ته مني بجيٽ پاس نه ٿي سگهندي ڇاڪاڻ ته حڪومت جي اتحادي ڌرين مهانگائي وڌڻ جي امڪان سبب ان جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. وڏي ڳالهھ ته خود عمران خان جي حڪمران جماعت تحريڪ انصاف ۾ ڏار پئجي ويا آهن جن جو اظهار سندس ويجهي ساٿي ۽ وفاقي وزير دفاع پرويز خٽڪ اهڙن سخت لفظن ۾ ڪري ڇڏيو جو عمران خان کي ڪاوڙ مان چوڻو پيو ته “اها صورتحال آهي ته پو مون کي هٽائي ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم ٺاهيو!”
بهرحال واڳ ڌڻين بگڙيل ماحول کي ڪنٽرول ڪري پارليامينٽ جي سمورن ناراض ٿيل ميمبرن ۽ اتحادي ڌرين کي مني بجيٽ پاس ڪرڻ جي هدايت ڪئي تڏهن وڃي عمران خان سک جو ساھه کنيو. جيڪڏهن حڪومت مني بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿئي ها ته عمران خان کي آئين مطابق استعيفا ڏيئي ڪرسي خالي ڪرڻي پوي ها. مون کي مولانا فضل الرحمان کان وٺي بلاول تائين انيڪ اپوزيشن اڳواڻن جي اکين ۾ گذريل هفتي کان اميد جي اها چمڪ ڏسڻ ۾ آئي جيڪا وزيراعظم جي ڪرسي جي هر شوقين سياسي ليڊر جي اکين ۾ نظر ايندي آهي. اپوزيشن جو هئ وار فقط ان ڪري گسي ويو جو اسٽيبلشمينٽ هڪ ته عمران خان کي عدم اعتماد واري آئيني قدم ذريعي سان هٽائڻ جي تياري ڪري چڪي آهي جنهن تي سڀ سياسي پارٽيون پڻ متفق آهن ۽ ٻيو ته مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي جماعت مسلم ليگ جي جلاوطن رهنما ميان نواز شريف پاران رکيل شرطن کي ٿورو نرم ڪرائڻ خاطر لنڊن ۽ راولپنڊي ٻنهي طرفن کان منٿ ميڙ قافلن جي اچ وڃ اڃا به جاري آهي. نواز شريف جو سڀ کان ڏکيو شرط اهو آهي ته هرهڪ ادارو پنهنجي آئيني ذميوارين کي سنڀالي ۽ سياسي ڪار وهنوار ۾ ڄنگھه اڙائڻ وارو غير آئيني ڪم هڪدم بند ٿيڻ کپي. ان جي جواب ۾ اسٽيبلشمينٽ وارن جو چوڻ آهي ته اسان جيڪڏهن هڪدم اهو ڪم بند ڪنداسين ته عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ لا ميمبرن جي گهربل اڪثريت اوهان ڪيئن پوري ڪندا؟ اهو دليل وزندار آهي ڇاڪاڻ ته اڌ صدئ کان به مٿي هلندڙ غير سياسي ادارن جي سياسي مداخلت جي ڪري پاڪستان جو هئ جڏو سڏو جمهوري سرشتو “لٺ ۽ چٺ” بنا هلي نه سگهندو جنهن کي انگريزي ۾ چئبو آهي، Carrot and Stick Policy هتي هرهڪ سياسي پارٽي ۾ ضمير وڪڻڻ وارا اهڙا ميمبر به وڏي انگ ۾ آهن جيڪي هيستائين ٽي يا چار پارٽيون مٽائي چڪا آهن. وزير اعظم عمران خان جي وفاقي وزارت ۾ اهڙن سياسي لوٽن جو انگ ڏاڍو سرس آهي. شيخ رشيد، فواد چوڌري ۽ ٻيا جيئرا جاڳندا مثال آهن. وڏي ڇرڪائيندڙ سچائي هي به آهي ته سڀني سياسي پارٽين کي پرڏيهي فنڊنگ کان علاوه پاڪستان جي ٽيڪس چور ۽ مني لانڊر گماشتن سرمائيدارن جي پٺڀرائي حاصل آهي. پاڻ هر ڀيري هرهڪ اليڪشن توڙي سينيٽ جي چونڊن ۾ اربين روپين جي هير ڦير جا قصا ڪهاڻيون نه رڳو ٻڌندا آهيون بلڪ ايان علي ۽ حريم شاهھ جهڙين سهڻي صورت وارين جوان جماڻ اپسرائن جي ذريعي ٿيندڙ ڏيتي ليتي ۽ ڪارو ڌن اڇو اجرو ٿيڻ جا ثبوت به ڏسندا رهندا آهيون.
جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ اهڙن ميمبرن کي ڪنٽرول ڪرڻ اڄ اوچتو ڇڏي ڏئي ته پارليامينٽ ۾ ڌن دولت جي ڏيتي ليتي انارڪي پيدا ڪري ڇڏيندي ۽ حرام جو مال ڪمائڻ جا هيراڪ اسيمبلي ميمبر پنهنجي پارٽي جو ڊسيپلن برباد ڪري تمام گهڻي اگھه تي اگهامڻ واسطي آزاد ٿي ويندا بلڪ ڇڙواڳ بڻجي لولي لنگڙي جمهوريت جو جنازو به ڪڍي ڇڏيندا. اسان وٽ جمهوريت جو يورپي ماڊل ته آهي ئي ڪونه، ڇاڪاڻ ته سالن جا سال اسٽيبلشمينٽ جي هٿ چراند جي ڪري اها مصنوعي آڪسيجن تي جيئري آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جو وينٽيليٽر هٽائي ڇڏبو ته لاش بڻجي ويندي.
مخالف ڌر جي اسيمبلي ميمبرن توڙي عمران خان جي وزيرن مشيرن اربع واري ڏينهن مني بجيٽ جي منظورئ مهل هڪ ٻئي سان جيڪا ٺونشي بازي ۽ ڄنڊاپٽ ڪئي، ان منجهان ئي اندازو لڳايو ته هڪڙا اقتدار کي چهٽيل رهڻ ڪاڻ ۽ ٻيا عمران خان جي ڪرسي والارڻ واسطي ڪيڏا نه اتاولا آهن. پئسي ۽ پاور جي لوڀ ۽ لالچ پارليامينٽ ميمبرن جي روح ۾ اهڙي طرح رچي راس ٿي آهي جو هنن ٻنهي ڌرين بد تهذيبي ۽ بد اخلاقي جون سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون. جيتوڻيڪ هن دفعي به اپوزيشن پارٽيون پنهنجا ميمبر پوري طرح گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيون پر جنهن نموني گارگند ۽ مارڪٽ ڪيائون سو هنن “چونڊيل” همراهن جي ذهنيت کي وائکو ڪرڻ لا ڪافي آهي.
هنن ميمبرن ايوان جي عزت ۽ وقار کي لتاڙي هڪ ٻئي خلاف جيڪا نعريبازي ڪئي ۽ اسپيڪر جي ميز ويجهو اچي جنهن ريت بجيٽ جون ڪاپيون ساڙيائون، ان مان اهو محسوس نه ٿيو ته ڪو هنن کي غريب مسڪين عوام لا ڪا تڙپ ۽ همدردي آهي بلڪ سندن اقتدار جي بک چٽي نموني نظر آئي. پاڻ ڄاڻون ٿا ته ايندڙ هفتن ۾ وزيراعظم عمران خان جو تخت ڊاهڻ کان پو جيڪي به اپوزيشن وارا ٻيهر اقتدار ۾ ايندا تن سڄا سارا ٽيھه سال غريب عوام جي رت پگهر واري آمدني منجهان محل ماڙيون ۽ ڪارخانا لڳائي جاوا ڪيا آهن. ڪروڙين مسڪين ماڻهن جي بدحالئ تي هنن رت پياڪ ڄئورن کي نه اڳي رحم آيو ۽ نه آئيندي انهن مان اهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي.
هاڻي اچون ٿا عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ واسطي اسٽيبلشمينٽ پاران ميان نواز شريف سان ٻن مهينن کان هلندڙ ڳالھه ٻولهه تي جنهن جي پهرين شرط کي قبول ڪندي عمران خان جي رکوال هڪ طاقتور شخصيت کي سڀ کان وڏي عهدي تان سندس ٽي سالا مدو پورو ٿيڻ کان اڳ هٽايو ويو ته جيئن ڌرين وچ ۾ اعتبار ۽ اعتماد پيدا ٿي سگهي. جيتوڻيڪ عمران خان انهئ فيصلي جي گهڻي مزاحمت ڪئي پر نيٺ کيس سگهاري ڌر آڏو جهڪڻو پيو. لنڊن ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ رابطن واسطي جن سياسي اڳواڻن کي ٻنهي پاسن کان قبول ڪيو ويو سي آهن، اڳوڻو مسلم ليگي اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق، اڳوڻو نگران وزير اعليٰ پنجاب نجم سيٺي ۽ تحريڪ انصاف جو باغي ليڊر جهانگير ترين جن لنڊن ۾ ڪورونا جي موتمار وبا پکڙيل هوندي به مهينا ترسي ڪم کي اڳتي وڌايو. اسٽيبلشمينٽ کي هنن ايلچين جو لاچار ان ڪري به ٿيو جو ٽنهي جو نواز شريف سان ويجهو لاڳاپو آهي. عمران خان کي اٽڪل سٽڪل سان 2018 ۾ حڪومت ڏياري واڳ ڌڻين جيڪو نئون سياسي تجربو ڪرڻ چاهيو سو سندن ئي ڳچئ ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته پنجاب جي ماڻهن جي دلين ۾ نفرت ايتري وڌي ويئي جيتري جنرل ضيا جي دور ۾ به نه ٿي سگهي. جنرل مشرف کي موت جي سزا ڏيڻ ۽ سندس لاش کي ڊي چونڪ تي لٽڪائڻ توڙي سرڪاري زمينن تي نان سويلين ادارن جي قبضن خلاف عدالتن پاران ڏنل شاندار تاريخي فيصلن کان وٺي زنده ضمير صحافين جو ظلم ۽ جبر خلاف مڙسي سان مقابلو ڪرڻ، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي حق ۾ ججن جا رمارڪس، وڪيلن جي اڳواڻن لطيف آفريدي، علي احمد ڪرد ۽ ججن مان خاص ڪري جسٽس فائز عيسيٰ جي سگهاري ڌر خلاف مثالي مزاحمت سچ ۽ ڪوڙ کي سڄي دنيا جي ماڻهن اڳيان نروار ڪري ڇڏيو ۽ سون تي سهاڳ سوشل ميڊيا جي سچائي سان ٽمٽار ٽيڪا ٽپڻي سگهارن جي سگھه کي اهڙو ته مڏو ڪري وڌو آهي جو ايندڙ فيبروري کان عمران حڪومت کي 440 وولٽيج بدران 880 جا جهٽڪا لڳندا ڇاڪاڻ ته مهانگائي ۽ بيروزگارئ جا ستايل انسان هاڻي ان سوچ کي هينئين سان هنڊائي چڪا آهن ته جيڪڏهن ٻني پوکيندڙ هارين کي ٻچن جي گذرسفر ڪاڻ ان ٻنئ مان ان نه ملي ته پو ڇو نه اهڙي پوک کي باھه ڏيئي ساڙجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button