ملڪ جي سياسي حالتن ۾ هر روز ڪا نه ڪا نئين خبر ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. عمران خان نيازيءَ جي مٿان اها تلوار ڪجهه وقت کان لڙڪي رهي آهي ته سندس حڪومتي دور اجهو ختم ٿيو، مٿان وري حڪومت پاران عوام تي کنوڻ وانگر ڪڙڪندڙ مهانگائي آهي، جيڪا بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري آهي. اپوزيشن وارا ان اڻ تڻ ۾ آهن ته ڪهڙي ريت عمران خان نيازي خلاف بداعتماديءَ جي رٿ آندي وڃي. پر جيئن ته اپوزيشن ۾ دم ناهي، ان ڪري في الحال ته ڪي اهڙا امڪان نظر نٿا اچن ته اها بد اعتماديءَ جي رٿ آڻي عمران خان نيازيءَ کي گهر ڀيڙو ڪندي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين اپوزيشن پارٽيون خاص طور تي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. نواز ليگ ان ڪري پيپلز پارٽيءَ تي اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي ان سان ڪئين دوکا ڪري چڪي آهي ۽ عمران خان نيازيءَ جي حڪومت لاءِ راهه هموار ڪرڻ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هن وقت بلاول ڀٽو زرداري اسيمبليءَ ۾ بيهي ڀلي عمران خان نيازي خلاف ڪيتريون به تقريرون ڪندو هجي پر اصل حقيقت اها آهي ته هو عمران خان خلاف ڪو به اهڙو اپاءُ نٿو وٺي سگهي، جنهن سان کيس گهر موڪلي سگهجي. باقي بيانن جي حد تائين اهو سلسلو جاري رهندو.
بظاهر ته ائين لڳي ٿو ته عمران خان نيازي مٿان اهو هٿ هٽي ويو آهي، جنهن جي کيس وڏي سپورٽ مليل هئي پر ڇا تنهن هوندي به هو پنج سال پورا ڪري ويندو. هاڻ جيڪڏهن هو پنج ڇا ڏهه سال به حڪومت ۾ رهي ته سندس ڪارڪردگي اها ئي رهندي جيڪا عوام ساڍن ٽن سالن ۾ ڏٺي آهي، ڇاڪاڻ ته سياستدان هجڻ ۽ سياستدان بڻجي ڏيکارڻ ٻه الڳ معاملا آهن. عمران خان نيازيءَ جي خواهش هئي ته هو سياستدان ٿئي ۽ وزيراعظم ٿي دنيا کي متاثر ڪري پر مسئلو اهو آهي ته هڪ ته سياست سندس شعبو نه هو ۽ ٻيو کيس اوچتو ئي اوچتو وزير اعظم وارو عهدو ملي ويو ته کيس اها خبر ئي ڪانه پئي ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ سياسي معاملا ڪيئن هلايا ويندا آهن، ان ڪري هو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ خلاف چور چور واري مهم تي لڳي ويو، جڏهن ته وڏي ۾ وڏا چور سندس پارٽي ۾ موجود آهن. جن کي نه ته هو چور سمجهي ٿو ۽ نه ئي ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ملڪي سياست ۾ اڳ به سياسي تجربا ٿيندا رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته هي ملڪ هڪ سياسي تجربي گاهه آهي پر جيڪو تجربو عمران خان نيازيءَ جي صورت ۾ ڪيو ويو آهي. ان جهڙو بدترين سياسي تجربو اڳ ڪڏهن نه ڪيو ويو هو. ان جي ناڪام ٿيڻ جا هڪ ته ڏيهي سبب هئا ۽ ٻيا پرڏيهي به هئا. جيئن حد کان وڌيڪ اها اميد لڳائي وئي ته عمران خان نيازي چندو گڏ ڪرڻ جو ماهر آهي، ان ڪري هو جنهن ملڪ ۾ به ويندو ماڻهو سندس شڪل صورت ڏسي ٽجوڙين جا تالا کولي ڇڏيندا. چندي گهرڻ جو فن ته بس ۾ پيتي کڻي چڙهندڙ ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪوبه نٿو ڄاڻي پر ڇا ان کي ملڪ جي سربراهي ان اميد سان ڏئي سگهجي ٿي، جيئن ته هو سٺي سر ۽ سٺن لفظن جي استعمال سان چندو گهري سگهي ٿو، ان ڪري هو ملڪي معاملا به هلائي ويندو. ڪوبه ملڪ عمران خان نيازيءَ جي ڪرڪيٽر هجڻ واري معيار تي ملڪ جو قرض معاف نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي کيس ايترو قرض ڏئي سگهي ٿو جو وري واپس وٺڻ جو نالو ئي نه وٺي. سياست ۾ مفاد اهم هوندو آهي. ان ڪري اڄ جڏهن آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرضن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي پنهنجون شرطون مڃرائي رهيو آهي ته ان جا ڪي خاص مفاد هوندا.
“ڪمپني بهادر” کي نواز شريف نه وڻيو، آصف زرداري نٿو وڻي، بينظير به پسند ڪانه هئي. ذوالفقار علي ڀٽو هڪ اک نه ڀائيندو هو. پر عمران خان نيازيءَ لاءِ چيو ويو ته هو ايماندار آهي، هن جو ڪو ذاتي ڪاروبارو ڪونهي ۽ خيرات تي اسپتال ٿو هلائي. اها ساڳي نفسيات اسان کي هاڻ ملڪي سطح تي به نظر اچي رهي آهي. عمران خان نيازي ملڪ ۾ فيڪٽريون لڳائڻ يا ادارا ٺاهڻ جي ڳالهه نٿو ڪري. پر هو لنگر خانا کولڻ تي زور ڏئي ٿو ۽ سڄي ملڪ ۾ لنگر خانا کولڻ چاهي ٿو، يعني عوام کي بنا ڪم ڪرڻ جي ماني کارائڻ جي سکيا ڏيڻ چاهي ٿو ته جيئن ماڻهو هڏ حرام ٿي رڳو لنگر خانن تي پيا هجن. اها ساڳي سوچ سيلانيءَ جي آهي. اهو ادارو ڪنهن کي روزگار يا هنر سيکارڻ لاءِ تيار ناهي پر ٻه ويلا ماني کارائي ماڻهو جي عزت نفس کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. تنهنڪري هڪ ليڊر لنگر خاني جو نه پر ڪارخاني جو سوچيندو آهي. جڏهن ڪارخانا لڳندا آهن ته بيزوگاري گهٽ ٿيندي آهي، ماڻهو جي معاشي حالت بهتر ٿيندي آهي، وچون طبقو جنم وٺندو آهي. سماج خوشحال ٿيڻ لڳندو آهي. پر لنگر خانا ماڻهوءَ کي ڪا ڪمائي نٿا ڏين ۽ نه ئي اهي انهن کي اهو احساس ڏياري سگهن ٿا ته پورهيي ۾ ئي عظمت آهي ۽ پنهنجو پورهيو ڪري کائيندڙ ماڻهو وڌيڪ خوددار هوندو آهي.
عمران خان نيازيءَ واري تبديلي مان “ڪمپني بهادر” ۽ عوام جي دل جيڪڏهن اڃا به نه ڀراڻي آهي ته کيس ڀلي ايندڙ پنج سال به ڏنا وڃن. تبديليءَ جا مزا ورتا وڃن. اها عجيب ڳالهه آهي ته عمران خان نيازي پاڻ اهو چوندو رهندو آهي ته ملڪ ۾ هن کان سواءِ ڪو ماڻهو ئي ڪونهي، جيڪو ملڪ کي سنڀالي سگهي. پر هن پاڻ جڏهن کان حڪومتي واڳون سنڀاليون آهن، تڏهن کان نه جي ڊي پي وڌي آهي ۽ نه ئي مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هو پاڻ به اهو قبول ڪري چڪو آهي ته سندس حڪومت احتساب نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪرپشن کي ڪنٽرول ڪري سگهي آهي. جڏهن ته هاڻوڪي حڪومت پرويز مشرف وانگر احتساب جو نعرو کڻي آئي هئي پر هن وقت تائين هڪ به اهڙو ڪيس شهباز شريف، نواز شريف يا آصف علي زرداري توڙي مريم نواز تي ثابت ناهي ٿي سگهيو، جنهن وسيلي کين سزا ملي سگهي. اهو ان ڪري به ٿيو آهي جو گهڻا ڪيس ته هٿ ٺوڪيا آهن. ائين ناهي ته انهن ڪرپشن نه ڪئي هوندي پر اهي عمران خان نيازيءَ کان وڌيڪ چالاڪ آهن جو انهن ڪي اهڙا ثبوت ئي ڪونه ڇڏيا آهن، جن وسيلي اهو ثابت ڪري سگهجي.
ملڪ ڪيئن هلي رهيو آهي، عوام ڪيئن پسجي رهيو آهي، ان جي ڳڻتي حڪمران جماعت ۽ عمران خان نيازيءَ کي بلڪل به ناهي. ڇاڪاڻ ته سندس هدف وزير اعظم ٿيڻ هو، سو پورو ٿي چڪو آهي. اپوزيشن پارٽيون بيانن جي حد تائين سندس مخالفت ڪنديون رهنديون پر ڪوبه عملي طور عمران خان نيازيءَ کي هٽائڻ لاءِ اڳيان اچڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن ملڪ کي سياسي طور سياسي تجربي گاهه بڻائڻو آهي ته سڀاڻي ڪوبه اهڙو ماڻهو هن ملڪ جو وزير اعظم ٿي سگهي ٿو، جيڪو عمران خان نيازيءَ کان وڌيڪ سهڻو هجي ۽ پاڻ کي ان کان وڌيڪ ايماندار چورائيندو هجي. پر اهڙي سونهن ۽ ايمانداري جيڪڏهن ملڪي عوام لاءِ بي لاڀ آهي ۽ ملڪي مفادن کي به داءُ تي لڳائي ٿي ڇڏي ته پوءِ ان کي عوام ڇا ڪندو. تنهنڪري سياست جو تعلق سياسي ساڃاهه سان هوندو آهي. جنهن وٽ جيتري وڌيڪ سياسي ساڃاهه هوندي، اهو اوترو ئي ملڪ جي مفادن کي بهتر سمجهي سگهي ۽ عوام لاءِ وڌ کان وڌ بهتر فيصلا پڻ ڪري سگهي ٿو.