ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

روحِ رياست مدينه: پاڪستاني سماج جي نئين سر جوڙجڪ

Editorial-Article- Imran Khan

قومن جي عروج ۽ زوال جو عمل، تهذيبن جي عروج ۽ زوال کان مختلف هوندو آهي، قومون اندروني حملن جو نشانو بڻجنديون آهن، داخلي سطح تي شڪست کائينديون آهن، پر تهذيبن جو معاملو اهو ناهي، تهذيبن کي ٻاهران ڪو به نٿو ماري سگهي، اهي رڳو خودڪشي ڪنديون آهن، قوم جو جوهر، ان جا روحاني اصول آهن، جيستائين اهي اصول مري ويندا آهن، قومون مردا ٿي وينديون آهن، مسلم تهذيب ۾ اسان جي روحاني اصولن جو ظهور رياست مدينه جي صورت ۾ ٿيو، جيڪو الله جي رسول ﷺ قائم فرمائي، ٻين اصولن کانسواءِ هي پنج اهم ترين بنيادي اصول هئا جن تي رياست مدينه بيٺي هئي، اهي اصول هي آهن، توحيد، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني، جنهن جو حصول ميرٽ جو اصول آهي، توانا اخلاقي اساس، ترقي ۽ خوشحالي ۾ سمورن بني نوع آدم جي شرڪت ۽ علم جي جستجو، رياست مدينه جي ان روح جي حيا لاءِ “قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي” قائم ڪئي وئي.
پهريون اصول جنهن تي رياست مدينه جو بنياد رکيو ويو هو اهو توحيد جو اصول هو، اهو تصور قرآن مجيد مان ماخوذ آهي، هڪ طرح سان مذهب جو اصل الاصول آهي، وحدت آدم اسلام جو سڀ کان اهم اصول آهي، اها ڳالهه ياد رکڻ جي آهي ته اسان جي نبي رسول ﷺ جيڪو سمورن عالمن جي لاءِ رحمت جو باعث هو، مختلف نسلي ۽ مذهبي پس منظر رکندڙن کي هڪ گروهه جي صورت ۾ متحد ڪري ڇڏيو آهي، ان گروهه ۾ مسلمانن سان گڏ مسيحي، يهودي ۽ صابئين به شامل هئا جيڪي رياست مدينه ۾ سماجي سطح تي بنيان مرصوص بڻجي ويا.
ٻيو اصول قانون جي حڪمراني هو، جنهن جو حاصل انصاف ۽ اهليت جي بنياد تي چونڊ جي صورت ۾ سامهون آيو، رسالت مآب ﷺ واضح فرمايو هو ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، پاڻ جن فرمايو ته اهو معاشرو برباد ٿي ويندو جنهن ۾ ٻن قسمن جا قانون هجن، هڪ اميرن لاءِ ۽ ٻيو غريبن لاءِ، پاڻ صلعم جن جو فرمان آهي ته ” اي ماڻهو! گذريل قومون ان لاءِ برباد ٿي ويون ته ان ۾ ڪو به وڏي مرتبي وارو ماڻهو چوري ڪندو هو ته کيس ڇڏيو ويندو هو جڏهن گهٽ رتبي وارو ماڻهو چوري ڪندو هو ته ان تي سزا لاڳو ڪئي ويندي هئي، خدا جو قسم! محمد ﷺ جي ڌيءَ فاطمه به چوري ڪندي ته مان ان جا هٿ به ڪٽي ڇڏيندس (صحيح مسلم 1688)
جيڪڏهن ڪو دنيا تي هڪ نظر وجھي ته آساني سان ڏسي سگهجي ٿوته سڀ کان ڪامياب رياستون اهي ئي آهن، جتي سختي سان قانون لاڳو ڪيو ويندو آهي، مغربي قومن کانسواءِ اسان ڏسون ته اولهه ايشيا جون اهي قومون به جيڪو تازو خوشحال ٿيون آهن، اتي اصول تي سختي سان عمل ٿيو آهي، جاپان، چين ۽ ڏکڻ ڪوريا ان جا ڪجهه مثال آهن، اهي ملڪ جتي قانون جي حڪمراني کي پائمال ڪيو ويو آهي، اهي غربت ۽ فساد ۾ ٻڏل ڏٺا ويا، ڪيترائي مسلمان ملڪ، وسيلن هئڻ باوجود گهٽ ترقي يافته آهن، ان جو سبب اهو آهي ته قانون لاڳو ڪرڻ جي کوٽ آهي، ان مان هڪ مثال ڏکڻ ايشيا آهي، اڄ جي ڀارت ۾ امتيازي قانون جي حڪمراني آهي، ان جو فوري نتيجو غربت ۽ اڻ ڳڻيون علحدگي جون تحريڪون آهن، جن رياست جي وحدت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پاڪستان به جڏهن ته قانون جي حڪمراني کي نظرانداز ڪيو ويو ته ان جو نتيجو قومي خزاني مان اربين رپيا ڊالر ڦرڻ جي صورت ۾ سامهون آيو، جنهن عوام کي گڏيل طور تي غربت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، امريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ڪيترن ئي ملڪن ۾ به سياست ۽ ترقي جو جيڪو طريقيڪار آهي اهو به اها ئي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو ته جنهن رياستن کي بنانا ريپبلڪ چيو ويندو هو، اهي به قانون جي حڪمراني نه هئڻ سبب ان حال تائين پهچي چڪيون آهن، قانون جي حڪمراني ۽ سماجي ۽ سياسي ڀائيچاري ۾ علت ۽ معلول جي ان تعلق تي جيترو چيو وڃي اهو گهٽ آهي.
رياست مدينه جو ٽيون اصول هو: عوام جي اخلاقي نئين سر جوڙجڪ، امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو تصور، قرآن مجيد ان کي مسلمانن جي امت جو امتيازي اصول ٺاهي ٿو، ” توهان بهترين امت آهيو، بني نوع انسان لاءِ موڪليا ويا آهيو، توهان نيڪي جو حڪم ڏيندا آهيو ۽ برائي کان روڪيندا آهيو ۽ الله تي ايمان رکندا آهيو (آل عمران 110:3)
نيڪي جي هدايت ۽ برائي کان روڪڻ هڪ اجتماعي فرض آهي جنهن جو مقصد معاشري جي اخلاقي تعمير آهي، ان اصول سان ڪنهن کي اختلاف ناهي پر اسان وٽ ڪجهه ماڻهو اها راءِ رکندا آهن ته اخلاقي تعمير کي ماڻهن تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي، رياست کي نيڪي ۽ بدي جي تاثرن جي باري ۾ اڻڌريو رهڻ گهرجي جيڪي مذهب ڏنا آهن.
اهو هڪ اهڙو فرسوده خيال آهي جيڪو ڪيترن ئي مسئلن جو موجب آهي، هڪ طرف رياست کي روڪڻو آهي ته هو پنهنجي اخلاقي ذميواري نڀائي ۽ ٻئي پاسي ان مخالفن کي کليل موقعو ڏيڻ آهي ته اسان جي تعليمي نظام ۽ ڄاڻ کي استعمال ڪندي پنهنجي بي پناهه وسيلن جي مدد سان اسان جي قدرن کي برباد ڪن، قومي رحمت العالمين اٿارٽي تي عزم آهي ته اهي اسڪول ۽ ڪاليجز آهن، سيرت النبي صلعم جي تعليم جي ذريعي امر بالمعروف جي ذميواري ادا ڪري، ان اميد سان گڏ ته ان سان اسان جي معاشري جا اخلاقي معيار اوچا ٿيندا.
مديني جي رياست جو چوٿون اصول هو، هڪ فلاحي رياست جي قيام ذريعي اجتماعي ترقي، اهڙي رياست جتي معاشرو غريب ۽ ضرورت مندن جو خيال رکي ٿو، ۽ هر ڪو رياست ۽ معاشري جي ترقي ۾ حصيدار آهي، رياست مدينه انسانيت جي تاريخ جي پهرين مسلم رياست آهي جنهن رياست جي ڪمزور طبقي جي ذميواري کنئي، اسان کي گهرجي ته رسول الله صلي الله عليهه وآله وسلم جي ان سنت جو حيا ڪيون، اسان کي پنهنجي شهرين جي معاملن ۾ هٿ وجهڻ گهرجي ۽ ٻين لاءِ سخي هئڻ گهرجي.
اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي ته جديد دور ۾ فلاحي رياست جو تصور مغربي يورپ جي تجربن مان ماخوذ آهي، ان ۾ شڪ ناهي ته 1950 جي ڏهاڪي کان 2010 تائين متاثر ڪندڙ فلاحي نظام ڪيا ويا، خاص طور اسڪينڊينيوين ملڪ آهن، تنهن باوجود مغرب جي ڪيترين فلاحي رياستن جو ماڊل ماحولياتي اعتبار سان قائم ڪرڻ وارو نه هو، ڇو ته اهي صارفين سان هڪ اهڙي معاشري تي مشتمل آهن، جتي ضرورت کان وڌيڪ شيون خريد ڪندا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ خوراڪ ۽ شين جو رڳو زيان وڌندو آهي.
جيڪڏهن ته سموري مغربي دنيا فلاحي رياست جي ان تصور کي اپنائي ۽ پيداوار رڳو ان زيان جي رستي تي هلي پون ته جيڪي رياستن اختيار ڪيو هو ته اهو هڪ اندازي موجب اسان کي زمين جيترو هجم رکندڙ 6 اهڙا ظروف (سيارا) ملندا جتي اسان پنهنجي زيان کي ٺڪاڻي لڳائي سگهون، اهڙي فلاحي رياست نه ته ممڪن آهي ۽ نه گهربل، ڇو ته اسلام اعتدال جو رستو آهي، ان لاءِ خوشحالي ۽ استعمال جي معاملي ۾ ميانه روي جو رستو ئي اسان جي لاءِ مثالي آهي جنهن سان اسان جي وقار سان گڏ تعليم ۽ صحت جي عالمي معيارن کي سامهون رکندي پنهنجي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهون.
آخري اصول علم جي بنياد تي وجود ۾ ايندڙ معاشرو آهي، جتي خواندگي ۽ علم جي فرق کي سٺي طرح سمجهيو ويندو آهي، خواندگي ممڪن آهي ته اهڙي ڄاڻ تائين پهچ جو باعث بڻجي جيڪي سٺي رويي جي تعليم ڏيندا هجن، پر ان سان گڏ اهو به امر واقعو آهي ته دنيا ۾ جن علائقن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏوهه ٿيندا آهن اتي شرح خواندگي به تمام گهڻي آهي، اها تاريخي حقيقت ڪنهن به طور نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ته صدر اول ۽ قرون وسطي جي گهٽ وڌ سمورا عالم روحانيت جي گهري ڄاڻ رکندا هئا.

پنهنجي انهن اعليٰ قدرن ۽ تصورات جي روشني ۾ اسان ڪجهه عظيم قدمن سان گڏ فلاحي رياست جي رستي تي قدم رکيو آهي، محدود وسيلن باوجود اسان احساس پروگرام جهڙن قدمن لاءِ ايترا وسيلا مختص ڪيا آهن جيڪي پهريان ڪڏهن به نه ڪيا ويا، ان پروگرام جي شروعات 2019 ۾ ڪئي وئي، پروگرام سماج جي ڪمزور طبقن جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي، پروگرام هڪ اهڙي رياست جي قيام طرف اسان جي بنيادي قدمن مان آهي، جيڪي پنهنجي شهرين جي فلاح ۽ بهبود کي پنهنجي ذميواري سمجهندي آهي.
صحت سهولت پروگرام، پاڪستاني تاريخ جي ان عظيم منصوبن مان هڪ منصوبو آهي جيڪو اسان جي شهرين لاءِ يونيورسل هيلٿ جي سهولت فراهم ڪرڻ جو ضامن آهي، اهو منصوبو غربت ۾ پيڙهيل انهن ڪمزور شهرين جي تحفظ لاءِ ناهي جيڪي علاج لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور هجن، بلڪي ان سان ملڪ ۾ خانگي اسپتالن جو هڪ نيٽورڪ به وجود ۾ ايندو جتان عوام جو ڀلو ٿيندو، اتي خانگي ڪاروباري طبقي جو به فائدو ٿيندو جيڪو صحت جي شعبي تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.
رڳو پنجاب حڪومت ان منصوبي لاءِ چار سو ارب رپيا مختص ڪيا آهن، صحت سهولت پروگرام سماجي فلاحي سڌارن جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، اهو منصوبو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته گهٽ آمدني رکندڙ طبقن جي لاءِ سرعت ۽ وقار سان گڏ علاج جي سهولت به ميسر ٿئي ۽ انهن جي معاشي بار ۾ به واڌ نه ٿئي.
ڪورونا دور جي عالمگير معاشي ڏکيائين باوجود اسان تعليمي سڌارن کي نظرانداز ناهي ڪيو، اسان جو احساس اسڪالرشپ پروگرام ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته غير مراعات يافته ۽ غريب طبقي جي ذهين شاگردن کي سٺي تعليم ملي سگهي ته جيئن پنهنجي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ان وٽ وسيع امڪان هجن، جنهن ۾ ٻيا وظيفا به شامل آهن، ان پروگرام تحت 6 ملين وظيفا ڏنا پيا وڃن، جنهن جي ماليت 47بلين روپيا آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾، تعليم جي شعبي ۾ ان جو ڪو به مثال موجود ناهي.
آخر ۾ ان نڪتي تي ٻيهر زور ڏيندس ته پاڪستان کي جيڪي چيلينجز درپيش آهن، ان ۾ فوري توجهه جو مستحق قانون جي احترام جو چيلينج آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button