ڪراچي:پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ ايم پي اي شرميلا فاروقي ٽي وي هوسٽ ناديا خان خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. شرميلا فاروقي پنهنجي ما جي حوالي سان ناديا خان طرفان نامناسب وڊيو ٺاهڻ بابت قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ صبور علي ۽ علي انصاري جي شادي ۾ هن جي ما بابت هڪ وڊيو ٺاهي وئي هئي، جيڪا وائرل ٿي وئي. شرميلا ناديا خان جي رويي تي افسوس ڪيو ۽ وڊيو ٺاهڻ کي سستي شهرت حاصل ڪرڻ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته ناديا خان کي هڪ پيرسن عورت سان اهڙي وڊيو ٺاهڻ تي شرم اچڻ گهرجي ها.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close