ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي ڪرسي ڪيتري مضبوط آهي؟- I

Editorial- Article- Dastgir Bhatti

وزيراعظم عمران خان پاران ڪئين سال اڳ اربين روپين جي ڪرپشن ڪرڻ جي دستاويزي ثبوتن سان سندس سڀ کان پراڻي ساٿي ۽ تحريڪ انصاف جو بنياد وجهندڙ باني اڪبر ايس بابر ٻارهن سال اڳ اليڪشن ڪميشن ۾ فرياد داخل ڪيو هو ته هن سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين توڙي پرڏيهي دوستن کان هڪ نئين سياسي جماعت تحريڪ انصاف ٺاهڻ واسطي جيڪو فارين فنڊ (پرڏيهي چندو) ميڙيو هو، ان کي پارٽيءَ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ بدران وڌ کان وڌ رقم عمران خان مني لانڊرنگ وسيلي پنهنجي ڀيڻ عليمه خان ۽ ٻين مٽن مائٽن جي پرڏيهي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪندو رهيو هو، جنهن جا هي دستاويزي ثبوت آهن. هنن ثبوتن پٽاندر عمران خان نه سچو آهي ۽ نه امانت کي محفوظ رکندڙ (صادق ۽ امين) تنهنڪري پاڪستان جي آئين وارين شقن 62 ۽ 63 جي ضابطن ۽ قاعدن موجب کيس نااهل ۽ ڏوهاري ٺهرائي سياسي عهدي تان هٽائڻ لازمي آهي.
ڏهن ٻارهن سالن کان فريادي اڪبر ايس بابر اليڪشن ڪميشن جو در کڙڪائيندو رهيو پر آءِ ايس آءِ جي تڏهوڪي سربراهه جنرل شجاع پاشا پنجن سالن تائين اليڪشن ڪميشن جي هر نئين چيئرمين ۽ ميمبرن کي داٻا ڏيئي عمران خان جي بي ايمانيءَ جو ڍڪ ڍڪيندو رهيو. پنجن سالن کانپوءِ جنرل پاشا جي جاءِ جنرل ظهيرالاسلام والاري تنهن ته مورڳو نواز شريف جي حڪومت کي هڪ سال اندر ڊاهڻ لاءِ عمران کان گادي واري شهر جي وچ ۾ ڊي چونڪ تي ڌرڻو هڻائي، کيس ملڪ جو وزيراعظم بنائڻ ۽ پاڻ فوج جو سپاهه سالار ٿيڻ جي ڊگهي ۽ گهري سازش سٽي جيڪا 2014 ۾ ته ڪامياب نه ٿي سگهي پر اسٽيبلشمينٽ وارن نواز شريف جو تختو اونڌو ڪرڻ واري پراڻي سازش تان هٿ نه کنيو.
اڄ سندن ئي Hand picked وزير اعظم واڳ ڌڻين جو اهڙو ته برو حال ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي عمران خان کين دڙڪا ۽ دهمان ڏيئي چوي پيو ته ملڪ جي 1973ع واري دستور ۾ وزيراعظم کي اختيار مليل آهي ته هو ايمرجنسي لاڳو ڪري، ٽن مهينن لاءِ سمورين عدالتن، اليڪشن ڪميشن، نيب ۽ ٻين سمورن ادارن جي قانوني اختيارن کي معطل ڪرڻ ذريعي کين جڏو ۽ مڏو ڪري پاڻ بي تاج بادشاهه بڻجي سگهي ٿو. بيشڪ اها حقيقت آهي پر ايمرجنسي واري قانون تي عمل ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي عوامي ليڊر جيڪو ڊفينس آف پاڪستان رولز (ڊي پي آر) هو، ان به ڪجهه به ڪيو. ان جي ڪري خان ولي خان کان وٺي ايئر مارشل اصغر خان، عطاءُالله مينگل، مفتي محمود، مولانا شاهه احمد نوراني، پروفيسر غفور احمد، مير غوث بخش بزنجو، نوابزاده نصرالله خان، شيرباز خان مزاري، استاد رسول بخش پليجو، شهيد فاضل راهو ۽ هزاين نه پر لکين ماڻهو رستن تي احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪري آيا ۽ آخرڪار ڀٽو صاحب کي تخت تان لاهي ان تختي تي چاڙهيو ويو، جيڪو رڳو ڦاسي گهاٽ اندر هوندو آهي. پري ڇو وڃون، جنرل پرويز مشرف پاران 2007ع ۾ چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ جي جبري برطرفي کانپوءِ ڪارن ڪوٽن جي عوامي هلچل کي دٻائڻ خاطر جيڪا ايمرجنسي لاڳو ڪئي، ان جي نتيجي ۾ مشرف اڄ دنيا ۾ ڌڪا ٿاٻا کائي کائي مرڻينگ ٿي ويو آهي پر کيس پڪ ناهي ته پاڪستان ۾ کيس قبر جا چار پنج فوٽ نصيب ٿيندا يا سندس حشر به شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلوي وانگر ٿيندو، جنهن کي پنهنجي وطن ۾ ٻه گز قبر به نصيب نه ٿي سگهي.
اڄ پاڪستان جي ميڊيا تي نه رڳو نواز شريف جي ڌيءَ مريم پر هر هڪ سمجهو تجزيو ڪندڙ ۽ خود عمران خان جي پنهنجي پارٽيءَ جا وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر کلئي عام چون پيا ته وزير اعظم ڪجهه هفتن جو مهمان آهي ڇو ته هن پنهنجي آڪڙ ۾ رڳو سگهارين ڌرين سان لاڳاپا ڪونه ڦٽايا پر تحريڪ انصاف ۾ به اهڙا گهرا ڏار وجهي ڇڏيا اٿس جيڪي ڪڏهن به ڀرجي نه ٿا سگهن. ياد ڪريو ته ڀٽو صاحب خلاف 1977ع ۾ نو ستارن واري جهنڊي سان پي اين اي جي تحريڪ چوٽ چڙهي ويئي هئي ته وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي ريڊيو ۽ ٽي وي تان خطاب ڪندي پنهنجي ڪرسيءَ جي ٻانهن تي مڪ هڻي دنيا کي ٻڌايو هو ته “منهنجي ڪرسي ايتري مضبوط آهي جو اوهان جي سازش سان ڪري نه سگهندي.” نيٺ ڇا ٿيو؟ ڪيڏانهن ويئي مضبوط ڪرسي ۽ ڇا حشر ٿيو ڪرسئءَ تي ويٺل مغرور ۽ طاقتور حاڪم جو؟
هاڻي اچون ٿا اليڪشن ڪميشن ۾ ٻارهن سالن کان ڪٻٽ ۾ بند پيل فارين فنڊنگ ڪيس تي جنهن کي گذريل سال جي نومبر مهيني تائين جيڪو سگهاري ڌر جو سڀ کان سگهارو آفيسر روڪرائي ويٺو هو, ان همراه کي هٽائڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ شروع ٿيل تڪڙين تڪڙين شنوائين تي، سڀ کان اهم ۽ وڏو حڪم ٻارهن سال ننڊ ۾ ستل اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسٽيٽ بينڪ کي حڪم ڏنو آهي ته تحريڪ انصاف سميت سمورين سياسي پارٽين جا ڳجها اڪائونٽ ظاهر ڪريو! ان سلسلي ۾ وزير اعظم عمران خان جي وڪيل ڪجھه ھفتا اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ درخواست ڏني ته حڪمران جماعت جي ڳجهن خزانن secret accounts کي نه کوليو. ٻه ڏينهن اڳ چيف اليڪشن ڪمشنر اها درخواست رد ڪري رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏي. عمران خان هاڻي نه رڳو حيران ۽ سخت پريشان آهي ته هيءَ فقط بشير ميمڻ نالي اڳوڻو ايف آءِ اي چيف نه پر ملڪ جو هر هڪ ادارو منهنجي مرضي مطابق تابعداري ڪرڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو آهي! کيس پريشان ۽ حيران ان ڪري به ٿيڻ گهرجي ته هر اداري جا سربراهه، جسٽس ثاقب نثار جهڙا ٺڲڳ ۽ وطن فروش سربراهه نه هوندا آهن. بشير ميمڻ اهو خوش بخت ۽ فرض شناس سينيئر موسٽ پوليس آفيسر آهي جنهن کي نه صدر آصف علي زرداري برداشت ڪيو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به سندس سينيارٽي ايمانداري ۽ ميرٽ کي نظرانداز ڪندي، کيس آزاد ڪشمير جهڙي ڏورانهين هنڌ تي آءِ جي پوليس مقرر ڪيو. نواز شريف وٽ پنجاب ۾ ته پنهنجن ڇاڙتن پوليس آفيسرن جي ڪمي ڪانه هئي.
بشير ميمڻ خلاف عمران خان جيڪي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، سي به سندس ڳچيءَٔ ۾ نه پون ته منهنجي تجربي کي بيڪار سمجهڻ پڙهندڙن جو حق آهي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button