ويهين صدي دنيا جي تاريخ ۾ انقلابن، جنگين، نون فڪرن، نظرين ۽ سائنسي صديءَ طور سڃاتي وڃي ٿي. هِن صديءَ ۾ جتي فاشسٽ، قاتل، جابر، ڦورو ۽ لٽيرا پيدا ٿيا، اُتي بي مثال محبِ وطن، عوام دوست، قوم دوست، مظلوم ۽ محڪوم عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ پتوڙيندڙ مها انقلابي، ڏاها، فلسفي، اديب، شاعر، چترڪار ۽ دانشور توڙي سياستدان پيدا ٿيا، جن پنهنجي دور جي علمي، فڪري ۽ سماجي روايتن تي غير معمولي ۽ اڻمٽجندڙ اثر ڇڏيا، جيڪي ڪڏهن به وقت جي وهڪري ۾ وهي، ختم ٿي نٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته اُنهن عظيم سورمن جو ڪيل پورهيو مجموعي طور سموري انسانيت جي آزادي ۽ ڇوٽڪاري لاءِ ڪيل املھه سرمايو آهي، جيڪو مظلوم ۽ محڪوم قومن ۽ طبقن جو ڪُل وقتي اتساھه به آهي ته ملڪيت به.
ويهين صديءَ ۾ جتي سنڌ ۾ ٻيا به قومي سورما ۽ مهانَ انسان پيدا ٿيا، اُتي هڪڙي اهڙي انسان جو به جنم ٿيو، جنهن جي شخصيت، فڪر ۽ علمي توڙي عملي جدوجهد سنڌ جي تاريخ جو هڪڙو عظيم باب آهي. توڙي جو هُن ماڻهوءَ جو جنهن مٽيءَ مان جنم ٿيو، اُها ازل کان وٺي ڌرتيءَ جي عشق ۾ رڱيل ۽ بهادريءَ جو اُھڃاڻ رهي آهي ۽ ھُو پاڻ اُنهيءَ تاريخي ابديت جو تسلسل هُو، پر هُن جي وجود ۾ اهڙي ته غيرمعمولي مَڻيا هئي، جنهن صدين جي اُنهيءَ گهڻ طرفي عظمتن واري ڪَڙيءَ ۾ نوان ۽ بيمثال علمي، عملي، فڪري، ادبي ۽ ڏاهپ سان سرشار باڪمال ۽ مُنفرد واڌارا ۽ سُڌارا ڪيا. جن هِن ماڻهوءَ جي قد ڪاٺ کي سنڌيت جي تاريخ ۾ سڀني کان الڳ ٿلڳ ڪري پنهنجي انفراديت بخشي.
ھُو ماڻهو جنهن کي مظلوم ۽ محڪوم عوام رسول بخش پليجي جي نالي سان سُڃاڻي ٿو. سندس جنم 20 جنوري 1930ع تي جنگشاهي، ضلعي ٺٽي ۾ هڪڙي غريب خاندان ۾ ٿيو، پر ھُو ڪڏهن به اُن ملڪيتي اڻهوند ۽ پُٺ تي پيل عام ۽ روايتي سماج جي جڪڙ ۾ نہ آيو، پر اُن جي ابتڙ هي اُنهن سمورن روايتن ۽ سماجي قدرن جي خلاف ٿي بيٺو، جيڪي گهڻي وقت کان عورت دشمن ۽ سماج جي ترقيءَ ۽ تبديليءَ جي اڳيان هڪڙي سازش تحت رڪاوٽ بڻيل هئا.
رسول بخش پليجو سنڌي سماج جو اُهو جينيئس تخليقڪار هو، جنهن سنڌ جي ڏاهپ کي نئين سر تخليق ڪري، اُن ۾ سياسي ۽ سماجي شعور جي ادراڪ جو روح ڦُوڪيو.
هن جي سموري زندگي پورهيت عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذري ۽ جنهن انداز ۽ ڍنگ سان هِن عورتن، ٻارن، ٻُڍن، نوجوانن ۽ هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن ۾ سياست جي فن جا فڪري سرشما پيدا ڪيا، اُنهن جو سندس دور ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي.
هونئن به هڪڙو ڏاهو انسان نه رڳو پنهنجي شخصيت ۾ منفرد هوندو آهي، پر ھُو پنهنجي ڪم جي ڍنگ، عمل جي علم، فن جي اطلاق ۽ وجودي جوهر ۾ انفراديت پسند ۽ نئون ڏيک ڏيندڙ به هوندو آهي ته وري اُنهن سمورن سماج سڌارڪ روايتن، قدرن، علمن توڙي عملن جي تشڪيل ڪرڻ ۾ پڻ الڳ سڀاويڪ ۽ فطرت رکندڙ هوندو آهي. اُهو ئي سبب آهي جو هر تخليقڪار ۽ ڏاهو انسان سماج ۾ پنهنجي الڳ الڳ سڃاڻپ، حيثيت ۽ معيار رکندڙ هوندو آهي. اهڙي ريت پليجي صاحب جي زندگيءَ جا ته تمام گهڻا پهلو، روپ ۽ پاسا پڻ آهن.
ھُو شاعر به هو ته شاعريءَ جي فن، فڪر ۽ اُنهيءَ جي سماجي ڪارج جي پروڙ به رکندڙ هو. ھُو اديب به هو ته ادب جي اهميت کان به واقف هو ۽ اُن جو مثال سندس لکيل ٻه شاهڪار تنقيدي ڪتاب “انڌا اونڌا ويڄ” ۽ “سندي ذات هنجن” آهن. هُو دانشور به هو ته دانشوراڻي روايتن جي لڄ به رکندڙ هو. ھُو سياسي مفڪر به هو ته اُنهيءَ جو عملي روپ به هو.
جيئن ھُو پنهنجي جوهر ۾ هڪڙو يگانو عالم، اسڪالر، سائنسي ۽ سياسي مفڪر هو، تيئن ئي ھُن جي زندگيءَ جو هر پَلُ، لمحو ۽ گهڙي سخت پورهيي، عمل، جستجو ۽ ڪم تي مشتمل هئي. ھُو اُنهن شعبن به ايتري ئي وسعت ۽ همگيريت رکندڙ هو، جيتري ھُو فلسفي، تاريخ، فطري ۽ سماجي سائنس، ادب، آرٽ، مذهبي تاريخ، سياست، قانون، جنگ ۽ جنگي حڪمت عملين، مارڪسزم ۽ ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ رکندو هو. ان کانسواءِ جنهن انداز ۾ ھُن اُنهن سڀني عملن کي پنهنجي تخليقي نظر ۽ نگاھه سان دريافت ڪري، اُنهن ۾ سولائي ۽ آساني پيدا ڪري پنهنجي سماج جي هيٺئين ۽ گهٽ پڙهي لکي طبقي اڳيان پيش ڪيو. سندس اُنهيءَ عمل تي ته مٿس پيار اچيو وڃي.
اُهو ئي سبب هو ته ھُن سنڌ جي اڌ آبادي تي مشتمل عورتن ۾ جيڪا بي پناھه سياسي ۽ سماجي شعور جي سجاڳي پيدا ڪئي، اُن کيس سنڌي سياست جي تاريخ ۾ سڀني اڳواڻ ۽ سياسي مفڪرن ۾ نمايان ڪري بيهاريو.
هِن ماڻهو جي ايترين گهڻ طرفن علمي ۽ عملي پاسن تي ڇا لکجي، بس پاڻ ته هڪڙي ماڻهوءَ ۾ ايتري ڪماليت ڏسي حيران ئي ٿي سگهون ٿا.
سچ ۾ ته اسان جي سماج ۽ قوم جو ڀاڳ ڀلو آهي، جو اهڙن عظيم سورمن ۽ ڏاهن سياسي، سماجي مفڪرن هتي جنم ورتو ۽ نه رڳو پنهنجي ڪمال ڏاهپ ۽ سياسي عمل ذريعي پنهنجي دور تي بي انتها اثر ڇڏيا، پر ھو پاڻ به ڄڻ ته هڪڙي تاريخ جو حَسين ۽ دلفريب باب بڻجي ويا.
ضرورت اُن ڳالھه جي آهي ته اسان جو نئون نسل ۽ سماج اُنهن جي ڪيل پورهيي کي ڪهڙي نقطه نگاھه سان ڏسي ٿو. جيڪڏهن اسان جو نسل ۽ سماج پليجي صاحب جهڙن عظيم انسانن جي فڪر کي سمجهڻ ۽ اُنهي تحت سماج جي سياسي ۽ فڪري جوڙجڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ته پوءِ اُهو ڏينهن پري ناهي جو اسان جو سنڌي سماج پڻ ترقي يافته سماجن مان هڪ هوندو.
آخر ۾ پليجي صاحب بابت محترم جامي چانڊيي جا لفظ هتي ڏجن ٿا.
“نج نبار ڏاهن ۽ اسڪالرن جو ڪم رڳو پنهنجي اندر ڪتابن جو علم گڏ ڪرڻ نه هوندو آهي پر علم کي تخليقي ذهن ۽ رويي سان حاصل ڪري، ان کي پنهنجيءَ ڏاهپ جي مٽيءَ سان ٻيهر ڳوهي، علم کي ڏاهپ ۽ ادراڪ جي منزل تائين رسائڻ هوندو آهي. رسول بخش پليجو جڏهن لکندو ۽ ڳالهائيندو آهي ته هو ڪتاب نه اوڳاڇيندو آهي، پر نوان تصورَ، ڏاهپ جا رنگَ، علمي رويا ۽ تخليقي قدر ۽ زندگيءَ جا ڍنگ تخليق ڪندو آهي. ھو پنهنجي سموري سوچ، رويي، جدوجهد، ڏاهپ ۽ زندگيءَ ۾ هڪ نج نِبار تخليقڪار نظر ايندو، اها ئي هن جي ذات جي انفراديت آهي”…