ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ھيمون ڪالاڻيءَ جي تاريخي قرباني

Editorial-Article- Muhammad Khan Sial


اڄ 21 جنوري تاريخي قربانيءَ جو ڏينھن آھي، جيڪو گهڻو عرصو گذرڻ باوجود، وسارڻ سان اڃا نٿو وسري. اڄوڪي ڏينھن يعني سال 1943ع تي سکر جي 19 سالن جي نوجوان سنڌي، ھيمون ڪالاڻيءَ کي انگريزن سندس بھادري ۽ معافي نه وٺڻ واري ھمت کي ڏسي کيس ڦاھيءَ تي لٽڪايو ھو. ھيمون وڻندڙ، خوبصورت ۽ دلاور نوجوان ھو جنھن مُرڪندي ڦاھي قبول ڪئي. ھن، ملڪ تي قبضو ڪندڙ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ بھادري ڏيکاريندي قرباني ڏني جنھن جو ڪاٿو انھيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس قربانيءَ کي 79 ورھين جو ڊگهو عرصو گذري ويو آھي پر سندس ھمت، بھادري ۽ قربانيءَ کي اڃا به واقفڪارن کيس عزت جي نگاهه سان ياد ڪندي وساريو ناھي. سندس نالو ٻڌندي ڪيترا عزت جا تبصرا ڪندا رھندا آھن ڇاڪاڻ ته اھا سچائي آھي ته نوجوان پنھنجي جان کلندي کلندي قربان ڪئي. کيس جان بچائڻ لاءِ معافيءَ جي رٿ ڏني وئي پر ھن ان کي ڪونه مڃيو ڇاڪاڻ ته سندس اڳيان ملڪ جي آزادي ئي سندس جان کان وڌيڪ اھم ھئي جيڪا نوجوان لاءِ معمولي ڳالھه ڪونه ھئي. ڀارت جي مختلف شھرن ۾ ڪيترا 21 جنوريءَ تي “نوجوان جو ڏينھن” ملھائي کيس ياد ڪندا رھندا آھن.
مون کي چڱي ريت ياد آھي ته مان ڀارت جي گاديءَ واري شھر دھليءَ ۾ سنڌين جي فنڪشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ذاتي طور دھلي ويو ھئس. اتان جي فنڪشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مون کي سنڌ جا ڪيترا دوست به ھوائي جھاز ۾ مليا ھئا جڏھن ته ڪيترا سنڌي، ڀارتي رياستن مان ڪھي مکيه گاديءَ واري شھر نئين دھليءَ ۾ اچي ٻن ـ ٽن ڏينھن واري انھيءَ سنڌي فنڪشن ۾ اچي شريڪ ٿيا ھئا. اسان دھليءَ جا مختلف علائقا به گهمي ڏٺا. جڏھن ڀارت جي اسيمبلي گهمڻ وياسين ته ان جي ٻاھران سکر جي نوجوان سنڌي يادگار ھيمون ڪالاڻيءَ جو بت ٺھيل ھو، جنھن کي مان ڪيتري وقت تائين ڏسندو رھيس ۽ سچ ته مان انھيءَ نوجوان سنڌيءَ جي، ملڪ جي آزاديءَ جو جذبو ۽ قرباني ڏسي، ڪيتري دير تائين کيس دل ئي دل ۾ پيار ڪري عزت ڏيندو رھيس. مون کي اھو ڏسي خوشي ٿي ته گهڻا سال گذرڻ جي باوجود، کيس وساريو ڪونه ويو آھي پر ساڳي وقت مون کي اھو نوٽ ڪري ڏک به ٿيو ته اسان سندس قربانيءَ جي سلسلي ۾ ڪي خاص يادگار شيون سنڌ ۾ قائم ڪونه ڪيون آھن. ھا البت سکر ۾ ھيمون ڪالاڻي پارڪ (پراڻو نالو لوڪس پارڪ) ٺاھيو ويو. پاڪستان جي الڳ ملڪ ٺھڻ کانپوءِ ان جو نالو بدلائي قاسم پارڪ رکيو ويو. اھا دکدائڪ خبر آھي، جيڪڏھن ابن قاسم جي نالي ۾ پارڪ ٺاھڻو ھجين ھا ته ڀلي الڳ ٺاھين ھا پر سنڌي نوجوان جي تاريخي قربانيءَ ۾ ٺھيل پارڪ جو نالو مٽائڻ سنڌين سان نفرت نه ھئي ته ٻيو ڇا ھو؟
مون کي ڀارت جي سنڌي رسالي ڪونج ممبئي (پراڻو نالو بمبئي) جي ايڊيٽر ھري موٽواڻيءَ جنھن سان مون ممبئي جي ذاتي دوري ۾ اڳ به کوڙ ملاقاتون ڪيون ھيون تنھن سان گڏ، اسان سنڌين جي شھر الھاس نگر (عام طور مشھور سنڌو نگر) ريل گاڏيءَ ۾ اٽڪل ڪلاڪ کانپوءِ پھتاسين تنھن مون کي ٻڌايو ھو ته اسان سندس ھيمون ڪالاڻيءَ جي ياد ۾ سنڌي فلم به ٺاھي آھي ۽ سندس يادگار شيون به ٺھيل آھن.
ڪنھن دوست ٻڌايو ته ھيمون جيڪو سکر جي تلڪ ھاءِ اسڪول سکر ۾ ميٽرڪ جو شاگرد ھو کيس پڪڙي سکر جيل ۾ وڌو ويو. ھر وقت “ڪريو يا مرو” آزاديءَ جي جدوجھد لاءِ نعرو ھڻندو ھو ۽ مندر ۾ بہ ويندو رھندو ھو. ھو قيد ھئڻ جي باوجود ورزش، رانديون ۽ ڪُشتي ڪندو رھندو ھو. جيل جي واسطيدار يونٽ جي سربراهه راشٽر ڪوي شري ھوند راڄ دکايل لکيو ته کيس شام جو راند ڪرڻ جو شوق ھوندو ھو. بھرحال، سنڌ ۾ ملٽري گهرائي وئي ۽ مارشل لا به لڳائي وئي. 23 آڪٽوبر 1942ع چانڊوڪي رات ھڪ ٽرين انگريز سپاھين سان لنگهي رھي ھئي. سکر جي پراڻي شھر بسڪوٽ فيڪٽري ويجهو ملٽري ٽرين ڪيرائڻ لاءِ ھٿ ۾ ھٿوڙو ۽ ٻيا اوزار وٽس ھئا. جڏھن جج کيس معافي نه وٺڻ تي، موت جي سزا ٻڌائي ته ھن پڇيو: “مھرباني ڪري اھڙو ڪتاب به ٻڌايو جنھن ۾ ائين لکيل ھجي ته وطن سان پيار ڏوهه آھي”.
تن ڏينھن ۾ ملڪ جي آزاديءَ جي جدوجھد زورن تي ھئي. ڀارت جي قومي ھيرو گانڌيءَ جي للڪار تي سکر جو نوجوان آزاديءَ لاءِ نڪتو ۽ ھن ٻن ساٿين سان گڏ فوجي سامان کڻي ايندڙ ٽرانسپورٽ ٽرين کي ڪيرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پر جڏھن پاڻ پڪڙجي پيو ته ساٿين کي اڳ ئي ڀڄائي ڇڏيائين پر انھن جا نالا زبردست تشدد جي باوجود ڪونه ٻڌايائين. اصل ۾ ھن آزاديءَ ۾ مددگار جو مکيه ڪردار ادا ڪيو ھو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته
19 ورھين جي نوجوان ھيمو ڪالاڻي ڪوئيٽا کان ايندڙ بارود سان ڀريل ٽرين کي ٻن ساٿين سان گڏ ڪيرائڻ لاءِ ريل جو بلٽ کولڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ھٿوڙي ۽ پانيَ سميت گرفتار ٿي ويو. جڏھن ته سندس ٻه ساٿي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اھا به سچائي ھئي ته ساٿين جا نالا ۽ تفصيل ٻڌائڻ لاءِ کيس انوکا سور پھچايا ويا ۽ برف جي ٿڌين ڇپن تي به کيس ليٽايو ويو. اُس ۾ سندس پير اگهاڙا ڪيا ويا. کيس سخت اوزار به ھنيا ويا سي سھندو رھيو پر پوءِ به واسطيدار ساٿين جا نالا ڪونه ٻڌايائين ۽ ڪورٽ اندر جج کي کلندي ۽ ٽھڪ ڏيندي چيائين: منھنجا ٻيئي ساٿي اوھان جي سامھون ھن ئي ڪمري ۾ آھن. مون انھن جي سھڪار سان ريل جو پٽو کولڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھئس. اوھان پاڻ سڃاڻو پر مان ڪونه ٻڌائيندس. بند ڪمريَ ۾ پوليس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين خاطري نه ٿي سگهي سو جج مڇرجي پيو پر نوجوان ڦاسيءَ جو حڪم ٻڌي به کلندو رھيو. بھرحال،کيس ھڪ سال اڳ ئي اسڪول مان به ڪڍيو ويو ھو.ڪورٽ جي مٿان 13ساٿين سان تڙنڪو جهنڊو جهولڻ سبب 12 ساٿين کي ڦٽڪن جي سزا ڀوڳڻي پيئي.
شريمتي اندرا گانڌيءَ (وزيراعظم ڀارت) 18 آڪٽوبر 1982ع ۾ ھيمون ڪالاڻيءَ جي نالي تي ٽڪلي جاري ڪئي ۽ ھيمونءَ جي ماءُ ڄيٽي ٻائي جو “سنمان” (مذھبي يادگار) جاري ڪري سنڌين جو مان مٿانھون ڪيو. اھا سچائي آھي ته سنڌ جو سرُ اوچو ڪندڙ آزاديءَ جي متوالي ۽ سکر جي ھيمون ڪلاڻيءَ بابت مون سرچ ڪئي ته خبر پيئي ته ڀارت ۾ اٽڪل 40 اھڙا شھر آھن جن ۾ ھيمون ڪالاڻيءَ جي قرباني خاطر سندس نالن ۾ کوڙ يادگار ادارا ۽ چوڪ ٺھيل آھن، جن ۾ سنڌين جي اھم شھر اجمير ۾ “شھيد ھيمون ڪالاڻي چوڪ” آھي. ھونئن به نوجوان ھيمون ڪالاڻيءَ کي انگريز حڪمرانن 21 جنوري 1943ع تي سکر جيل (ھاڻي سينٽرل جيل سکر 2) ۾ ڦاھي ڏني پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رھندڙ سنڌين کيس وساريو ڪونھي، ھو سندن دلين ۾ داخل ٿيل آھي ۽ اھي اڃا به کيس نيڪ نيتيءَ سان ياد ڪندا رھندا آھن. انڊيا جي وزيراعظم اندرا گانڌي سال 1983ع ۾ سندس ياد ۾ پوسٽ اسٽيمپ جاري ڪئي ھئي، جڏھن ته سندس قربانيءَ کانپوءِ سندس ڪُٽنب سنڌ ڇڏي ڀارت ھليو ويو ھو.
سندس پيءُ شري پيسو مل ڪالاڻي ٺيڪيدار ھو ۽ سندس ماءُ شريمتي ڄيٽي ٻائي ھئي. سندس چاچو منگهارام ڪماراڻي قومي اڳواڻ ھو. سندس وزن جيل ۾ وڌيل ھو ۽ ان جو حوالو ڪيترن ھنڌن تي ڏنل آھي. 19 سال 10 مھينن جي نوجوان (20 سال پورا ڪونه ڪيا ھئا) کي 21 جنوري 1943ع تي صبح جو سوير ڦاھي ڏني وئي، جڏھن ته 23 مارچ 1923ع تي سکر ۾ ڄائو ھو. ظاھري طور ھيمون ڪالاڻي ھن دنيا مان ختم ٿي ويو پر ماڻھن جي دلين ۾ 79 ورھين جي گذرڻ باوجود اڃا به موجود آھي. اھو معمولي ڪارنامو ڪونھي ڇاڪاڻ ته عام طور جيئرا ماڻھو، مرڻ کانپوءِ گهٽ ماڻھن کي ياد ھوندا آھن. بھرحال سنڌ جي اھم شھر سکر جي سنڌي نوجوان ھيمون ڪالاڻيءَ جي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ قرباني عاليشان ھئي. کيس سلام آھي سلام.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button