جهڙي طرح تمام وڏي زلزلي کان پوءِ مسلسل جهٽڪا ايندا رهندا آهن، ڪورونا کان پوءِ اومي ڪرون جا جهٽڪا به ڪجهه اهڙائي آهن. ڪووڊ19 ته هڪ طوفان هو. جڏهن ته ان بعد ڪورونا جون ايندڙ لهرون واچوڙا ثابت ٿيا آهن. اسان کي اهو نه فراموش ڪرڻ گهرجي ته زلزلو جن گهرن کي جهوري وجهندو آهي، اهي آفٽرشاڪس ۾ ڊهي پٽ پوندا آهن. ان ڪري ڪورونا جي پوين جهوٽن کي به گهٽ نه سمجهڻ گهرجي. اهو هڪ تمام وڏو خطرو آهي. اهو خطرو ڪنهن به وقت خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
دنيا ۾ سرمائيداريءَ جو اثر ايترو وڌي ويو آهي جو ماڻهن جي موت کان وڌيڪ معاشي بحران اثرانداز ٿئي ٿو. ڪورونا سبب ننڍڙين ڪمپنين کي تمام گهڻو مهٽو آيو پر وڏين ڪمپنين ڪسر ڪڍي ڪمايو. جيڪڏهن ان ۾ ڪنهن وڃايو ته اهو ٽين دنيا جي ملڪن جو غريب عوام آهي. هن مهل به پاڪستان جهڙو اقتصادي طور تي ڪمزور ملڪ جنهن پيڙا مان گذري رهيو آهي، ان کي سامهون رکي وزير اعظم چيو آهي ته ”ڪورونا جي پنجين لهر سبب ڪاروبار بند نه ڪنداسين“ پر ان مجبوريءَ جو اهو مطلب نه هجڻ گهرجي ته عام ماڻهوءَ جي مٿان ان جي پوندڙ اثرن جي ڪا پرواهه نه ڪجي. تازو اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ جي آڏو مري شهر مان موٽندڙ ماڻهن جو جيڪو حشر ٿيو، ان به اسان کي سمجهايو آهي ته حڪمرانن جي نظر ۾ عوام جي ڪيتري اهميت آهي؟ پر اصل سوال اهو آهي ته جيڪڏهن حڪمرانن کي عوام جي ڪا پرواهه ناهي ته ڇا عوام به پنهنجي تحفظ جو ڪو بندوبست نه ڪري؟ جڏهن حڪومتون عوام جو تحفظ ڪرڻ ڇڏي ڏين ته پوءِ عوام جي مٿان اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پنهنجو ٻٽو خيال رکي. ڇو ته غريب عوام جي خاندانن وٽ ڪمائڻ وارن گهر ڀاتين کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي. جيڪڏهن گهر جو ڪفيل ڪورونا جي سبب دنيا مان هليو ويو ته هيءَ دنيا هن جي ٻارن ٻچن جي لاءِ دوزخ بڻجي پوندي آهي. ان ڪري جن وٽ دولت جا انبار ناهن. جن وٽ ٽجوڙيون ناهن. جن وٽ مال ۽ جائدادون ناهن. جن وٽ ڇڙا هٿ آهن. انهن کي پنهنجي ٻچن جي لاءِ ٻوٿ ٻڌي هلڻ گهرجي.
اهو سچ آهي ته جيڪي انسان منهن تي ماسڪ چاڙهڻ جا عادي ناهن، انهن جي لاءِ ماسڪ پائي ساهه کڻڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. پر اها تڪليف عام انسان کي برداشت ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن هو اها تڪليف نه برداشت ڪندو ته سڀاڻي جن جي خاندان لاءِ ملڪي ماحول مان آڪسيجن جو مقدار ايترو گهٽجي ويندو جو انهن جي لاءِ ساهه کڻڻ به تمام گهڻو مشڪل ٿي پوندو. سنڌيءَ ٻوليءَ جو پراڻو پهاڪو آهي ته ”اهو ڪجهه ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي“ پر عوام جيڪو ڳڀي جي ڳولا جي حيران ۽ پريشان آهي. اهو عوام جيڪو جاگيرداري واري معاشري ۾ رهڻ جي باوجود به پنهنجي گهر جي نارين کي سرڪاري خيرات گهرڻ جي لاءِ گهر مان ڪڍڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ اهو به ڏسي ٿو ته عورتن جي پيهه ۽ انتظاميا جي ريهه سبب اهڙا واقعا به پيش اچن ٿا جو زور سان دروازو بند ڪرڻ سبب ڪنهن نياڻيءَ جون آڱريون هٿ مان الڳ ٿي هيٺ پٽ تي ڪرن ٿيون. تڏهن به زندگيءَ کي زهر وانگر ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ وارا انسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن. پر هو گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ڪري سگهن ٿا جو ڪورونا جي پنجين لهر کان پاڻ بچائڻ جي لاءِ بوسٽر ڊوز هڻائن ۽ اهو هڻائڻ جي باوجود به پاڻ کي موتمار وبا مان محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجي طور تي اهي احتياط ڀرپور طرح سان عمل ۾ آڻين، جن جي تاڪيد ڪرڻ هن مهل سرڪار کان وسري وئي آهي.
عوام کي ان ڳالهه جو احساس هجڻ گهرجي ته انهن جي مٿان جيڪا حڪومت مڙهيل آهي، اها حڪومت عوام جي حفاظت ڪرڻ جي سلسلي ۾ بري طرح سان ناڪام ٿي آهي. ڇو ته عوام جي تحفظ جو مطلب صرف اهو نه هوندو آهي ته عوام کي دشمن ملڪ جي حملي کان محفوظ رکجي. دشمن ملڪ کان بچائڻ جي ذميواري فوج جي آهي. جڏهن ته سول انتظاميا جو اهو اولين فرض آهي ته اها عوام کي بکن، بيمارين ۽ ڏکن ڏنجهن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري. جيڪڏهن ڪا حڪومت پنهنجا اهي بنياد فرض پورا نه ٿي ڪري ته ان حڪومت کي اقتدار ۾ رهڻ جو حق قانوني طور تي هجي ته هجي پر اخلاقي طور تي اهڙا حڪمران اهو حق پهرين سٽ ۾ وڃائي ويهن ٿا. پهاڪا لوڪ ڏاهپ جو نچوڙ هجن ٿا. پهاڪن ۾ انسانن تائين نسل در نسل تجربا، مشاهدا ۽ تدبيرون ملن ٿيون. اسان جي ٻوليءَ ۾ اهو پهاڪو عام جام آهي ته ”بي پرواهي، بادشاهي“!
پاڪستان مٿين پيش ڪيل پهاڪي جو بهترين مثال پيش ڪري ٿو. اسان جي حڪمرانن کي ڪڏهن به عوام کي ڏکن ۽ تڪليفن جي تر جيتري به پرواهه نه ٿي آهي. اهي ملڪ ئي ٻيا ۽ انهن جا حڪمران ئي ٻيا، جيڪي عوام جي اهنجن تي لڙڪ لاڙيندا نظر ايندا آهن ۽ جڪڏهن انهن کي محسوس ٿيندو آهي ته هو عوام جو تحفظ ڪري نه ٿا سگهن ته بنا ڪنهن مطالبي جي استعفا پيش ڪري ڇڏيندا آهن. انهن کي ڪا پرواهه نه ٿيندي آهي ته هو اڄ حاڪم آهي ۽ سڀاڻي عام خلق وانگر بنا پروٽوڪول جي هلندا ڦرندا نظر ايندا آهن. جڏهن ته اسان وٽ موجوده توڙي اڳوڻو، جيڪو به حڪمران هوندو آهي، ان کي عوام جي نه پنهنجي حفاظت جي ڳڻتي هوندي آهي. جڏهن اسان جا حاضر ۽ سابق حڪمران غيرمحفوظ هجن ته عوام جي تحفظ جو تصور ڪرڻ به تمام گهڻو مشڪل بڻجي وڃي ٿو. اسان کي پنهنجي ان ملڪي صورتحال ۾ ان مهل تمام گهڻي پريشاني ورائي وڃي ٿي، جڏهن اسان ڏسون ٿا ته اسان جو عوام هڪ تمام وڏي خطري جو ٽارگيٽ بڻجي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ صحت هڪ رت چوس انڊسٽري بڻجي وئي آهي. سرڪاري اسپتالون نالي ماتر آهن. صحت جي سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو ٿئي. جڏهن ادارن جو حال اهڙو برو هجي ته پوءِ اسان کي پوري ڪوشش ڪري پنهنجي صحت جو خيال رکڻ گهرجي. هن مهل اسڪولن ۾ ڪورونا کان تحفظ جا نالي ماتر اپاءَ به ناهن. اهي نجي اسڪول جيڪي مهانگا آهن، انهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڏيکارڻ جي لاءِ هٿ پير هنيو وڃي ٿو ۽ ٻيو نه ته هو پئسي وارن ماڻهن جي ٻارن کي ماسڪ پائڻ ۽ فاصلو قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پابند بڻائي سگهن ٿا پر هن ملڪ جي تمام وڏي اڪثريت سرڪاري اسڪولن ۾ آهي ۽ اهي اسڪول نه صرف ڪورونا جي سلسلي ۾ غيرمحفوظ آهن پر انهن جون عمارتون به اهڙيون ناهن، جن جي هيٺان ويٺل ٻارن کي محفوظ سمجهي سگهجي.
ملڪ جي انتظامي سرشتي کي سنڀالڻ وارا ڪامورا ايترا ته ڪٺور دل آهن جو هو ڪجهه ڪارخانن کان رشوتون وٺي انهن کي ڏينهن رات هلائڻ جون اجازتون ڏين ٿا ۽ جڏهن انهن جي مٿان ڪجهه سختي ٿئي ٿي ته هو صرف هڪ عدد نوٽيس موڪلي پوري سسٽم کي ڪجهه وقت لاءِ بند ڪري ڇڏڻ ۾ مهارت رکن ٿا ۽ انهن کي ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي ته جيڪي مسڪين مزدور انهن ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا، انهن جي گهرن جي روزي روٽي ڪيئن هلندي؟ ملڪ ۾ ڪورونا کان پوءِ مهانگائي ماپڻ جي لاءِ جيڪي به سروي ٿيا آهن، انهن جي مطابق هر ٻيو غريب ماڻهو اهو ٻڌائڻ تي مجبور آهي ته هن جي ملازمت ڪورونا سبب ختم ٿي وئي ۽ هاڻي هو در در جا ڌڪا کائي رهيو آهي ۽ هن کي ٻچن جو پيٽ ڀرڻ جي لاءِ ڪجهه نه ٿو ملي. ان ماحول ۾ ڪهڙو انسان سک جو پاڇو پسي سگهي ٿو. ڪجهه وقت اڳ ۾ هڪ خابرو اداري پاران ان باري ۾ تحقيق ڪئي وئي هئي ته دنيا ۾ ڪهڙن ملڪن جا ماڻهو خوش آهن؟ اهي ملڪ تمام ٿورا هئا، جن جا اڪثريتي ماڻهو زندگيءَ جو ڀرپور لطف ماڻي رهيا آهن ۽ انهن لاءِ جيون جون مسرتون عام جام آهن. جڏهن ته ان قسم جون خبرون ان مهل مڪمل طور تي اڌوريون محسوس ٿين ٿيون، جڏهن انهن خبرن کي متوازن بڻائڻ جي لاءِ انهن خبرن جي متضاد خبرون پيش نه ٿيون ٿين. جيڪڏهن دنيا جي انهن ملڪن جو تذڪرو ٿئي ٿو، جيڪي خوش آهن ته پوءِ ناخوش ملڪن جي لسٽ به پڌري ڪئي وڃي.
دنيا جا اهي ملڪ جن جو عوام خوش ناهي. جن جو عوام دکي ۽ اداس آهي. جن ۾ رهندڙ ماڻهو مايوس ۽ دلگير آهن. جن ۾ زندگي مسرتن جو محور ناهي. اهڙن ملڪن جي لسٽ جيڪڏهن پڌري ٿئي ته اسان کي پنهنجي ملڪ جو نالو مهڙ ۾ نظر ايندو. سائنس جي اها تحقيق به آهي ته جيڪي انسان خوش رهن ٿا، اهي انسان گهڻو جيئن ٿا ۽ جن انسانن جا ڏيک ڏکارا آهن، اهي گهڻي وقت تائين دنيا ۾ نه ٿا رهي سگهن. ڏکن انسانن کي اڏوهيءَ وانگر اندران پورو ڪري ڇڏي ٿو ۽ جڏهن انسان اندران کاڌل ۽ ڪمزور هجي ٿو ته هو ان پيلي پن وانگر بڻجي وڃي ٿو، جنهن کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڪنهن وڏي طوفان جي ضرورت نه هوندي آهي. ان کي وڻ کان وڇڙائڻ جي لاءِ هلڪي هوا جو جهوٽو به ڪافي هوندو آهي. ان حوالي سان عام طور تي اسان جي ملڪ جو عوام ۽ اسان جي ملڪ ۾ وري خاص طور تي اسان جي سنڌ جو عوام ايترو ته هيڻو ۽ ڪمزور آهي جو هن جي لاءِ ڪورونا جي پنجين لهر جا جهوٽا به سندس جيئڻ جي حق ڦرڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا. ان صورتحال ۾ ڪورونا جي پنجين لهر کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي ۽ ان ۾ احتياط ايترو ئي ڪرڻ ضروري آهي، جيترو ڪورونا جي پهرين لهر جي دوران ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون وينديون هيون. هن مهل به ڪورونا جو سلسلو رڪيو ناهي پر حڪمرانن کي اها پرواهه ناهي ته ماڻهو ان مرض مان بچڻ لاءِ اپاءَ وٺن ٿا يا نه! اهوئي سبب آهي ته هن مهل به جيڪڏهن مارڪيٽن ۾ ڏسجي ٿو ته عام ماڻهو کي نالي ماتر به ماسڪ پهريل ناهي. اها پرخطر صورتحال تمام گهڻي خطرناڪ ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن کي ڪهڙي پرواهه!!