ڪالهه لاهور بم ڌماڪي سان لڏي ويو. هيءَ دهشتگردي جي اهڙي ڪارروائي هئي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون وقفي وقفي سان ٿينديون رهنديون آهن، جنهن جي ڪري نه رڳو عوام جو جاني نقصان ٿيندو آهي پر ملڪ جو معاشي نقصان به ٿيندو آهي. ملڪ کي هر وقت محفوظ قرار ڏيندڙ پي ٽي آءِ حڪومت کي اهو سمجهڻو پوندو ته جيڪو ملڪ لاڳيتو دهشتگرديءَ جو شڪار رهيو هجي، اهو ڪنهن به ريت ايترو محفوظ نٿو ٿي سگهي، جيترو ان کي سمجهيو ويندو آهي. ڪالهوڪو واقعو به اسان کي اهو نياپو ڏئي ويو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگرد جتي چاهين ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا.
خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاهور ۾ لوهاري گيٽ ڀرسان ڌماڪو ٿيو آھي، جنهن ۾ مارجي ويلن جو انگ 3 ٿي ويو، مارجي ويلن ۾ ھڪ ٻار بھ شامل آھي، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آھن. ڌماڪي سبب ڪيترن ئي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، گاڏين کي پڻ نقصان پھتو آھي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. ڌماڪي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن موجب ڪجھه زخمين جي حالت نازڪ آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته دڪانن ڀرسان پلانٽڊ بم رکيو ويو ھو، جيڪو ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو آھي، وڌيڪ جاچ جاري آھي. پوليس ڌماڪي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن، ريسڪيو ٽيمن زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ورتو آهي. ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار ڏني وئي آھي. ڊي آءِ جي آپريشنز عابد جو چوڻ آھي تھ مارجي ويلن جو انگ 3 ٿي ويو آھي، بم موٽرسائيڪل ۾ لڳايو ويو ھو. ڌماڪي کانپوءِ واقعي واري ھنڌ وڏو کڏو پئجي وئي آھي. جڏھن تھ دڪانن کي پڻ باهه لڳي وئي لاهور ڌماڪي بابت خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته لاهور ڌماڪي ۾ ڪير ملوث هو، ان جي جاچ جاري آهي. شيخ رشيد چيو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان جنگبندي ختم ٿي وئي آهي ۽ پنجن شهرن لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪيل آهي.
اسين سمجهون ٿا ته لاهور ۾ هن قسم جو واقعو ٿيڻ بنهه افسوس جوڳو عمل آهي. تنهنڪري گهرو وزير ۽ حڪومت کي رڳو ريڊ الرٽ جاري نه ڪرڻ گهرجن پر انهن عنصرن جو پتو لڳائڻ گهرجي، جيڪي ملڪ ۾ وري دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي رهيا آهن.
سنڌ جي گيس ۽ مهانگو ڀاڻ
سنڌ جي وسيلن تي وفاق جي مار گذريل ستن ڏهاڪن کان جاري آهي، سنڌ جو ٿورائتو ٿيڻ ته پري جي ڳالهه پر سنڌ کي انهن وسيلن تي به طعنا مهڻا ڏنا ويندا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وفاق جو رويو سنڌ سان ڪهڙو آهي. سنڌ جي وسيلن کي جهڙي بيدرديءَ سان وفاق استعمال ڪندو رهيو آهي، ان سان سنڌ کي وڌ کان وڌ نقصان ٿيو آهي. پر ڇا وفاق ڪڏهن ان ڳالهه جو احساس ڪيو آهي ته سندس اهڙي رويي سان سنڌ ۾ احساس محرومي پڻ جنم وٺي رهيو آهي. سنڌ نه رڳو گيس پر پيٽرول، ڪوئلي ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان ملڪ کي هلائي ٿي پر موٽ ۾ سنڌ کي ايترو نٿو ملي جيترو ملڻ کپي. ان ڪري سنڌ حڪومت به اهو اعتراض واريندي رهندي آهي ته سنڌ سان ناانصافي جو عمل جاري آهي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب عمرڪوٽ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم سيد علي مردان شاهھ جي ٻي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مرحوم سيد علي مردان شاھه سياست جي ميدان ۾ منهنجي استادن مان هڪ استاد هو، هن سدائين غريب عوام جي خدمت ڪئي، مرحوم علي مردان شاهھ سدائين هڪ سينيئر سياستدان هجڻ جي حيثيت سان اسان جي رهنمائي ڪئي هئي، هن جون سياست ۾ ڪيل خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن مرحوم جي پٽ ايم پي اي امير علي شاهھ سان مخاطب ٿيندي چيو ته علي مردان شاهھ جئين هن علائقي جي عوام جي خدمت ڪئي ۽ پ پ قيادت سان ثابت قدم رهيو، ايئن ئي اوهان هن علائقي جي عوام جي خدمت ڪريو. هن وڌيڪ چيو ته وفاق ۾ جئين ئي پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي آهي، تيئن هن ملڪ ۾ هر سال ڪڻڪ جي کوٽ ٿيندي پئي وڃي ۽ هارين کي پنهنجي فصل جو پورو معاوضو نٿو ڏنو وڃي. هن وقت ڀاڻ مارڪيٽ ۾ ملي نٿو، ڀاڻ جي قيمت ٻيڻي آهي، پر سنڌ 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي ۽ خود ڪفيل آهي، پر غريب هارين کي فرٽيلائيزر جي مارڪيٽ ۾ ڀاڻ جي ٻيڻي قيمت ڏيڻي پوي ٿي.
اسين سمجهون ٿا ته هن قسم جا رويا سنڌ ۽ وفاق ۾ وڇوٽين کي وڌائيندا رهندا، تنهنڪري سنڌ جي وسيلن کي استعمال ڪندڙ وفاق نه رڳو سنڌ کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري پر سنڌ جي عوام کي خوشحال رکڻ لاءِ به اهڙا اپاءَ وٺي جيڪي نظر پڻ اچن.