شوبز

ريپنگ کان اڻواقف بلوچ فيم ڇوڪري مشهور ريپر بڻجي وئي

ڪراچي :موسيقي جي نئين ٽرينڊ ريپنگ کان اڻواقف بلوچ فيم ڇوڪري مشهور ريپر ايوا بي بڻجي وئي. تازو ڪوڪ اسٽوڊيو جي سيزن 14 ۾ نئين آيل گيت کي حجاب پاتل بلوچ ڇوڪري ملڪ ڳايو آهي، جيڪو ڪنا ياري جي نالي سان مشهور ٿيو آهي. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته حجابي بلوچ ريپر ملڪ پاڻ شروع ۾ ريپنگ کان اڻڄاڻ هئي. هن جو چوڻ آهي ته هن کي ريپنگ جي خبر نه هئي پر آمريڪي ريپر اينيم کي ٻڌڻ بعد کيس به ريپ لکڻ ۽ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. هن چيو ته سماج جي طعنن ۽ مسئلن جي ڪري ڪجهه سختيون به آهن پر منهنجي ما منهنجو گهڻو ساٿ ڏنو، هن چيو ته تون هڪ ڏينهن مشهور ريپر ٿيندين. هن ٻڌايو ته حجاب سان ايترو جذباتي لڳا ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ان کي هٽائي ڇڏيان ته شايد ڳائي ئي نه سگهان. هن چيو ته ڪنا ياري گيت محبت ۾ بيوفائي، دغابازي ۽ دوکيباري بابت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button