شوبز

تون جهوم جي موسيقي روح ان ترتيب ڏني آهي:عابده پروين

ڪراچي: صوفي ڪلامن جي ملڪه عابده پروين چيو آهي ته ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14 ۾ منهنجي ۽ نصيبو لال جي گاني “تون جهوم” جي موسيقي موسيقار دل ۽ روح سان ترتيب ڏنو آهي، ان ڪري ماڻهن ان کي پسند ڪيو. سنڌ جي ضلعي عمرڪوٽ جي نوجوان گلوڪاره نرملا مگهاڻي دعوى ڪئي آهي ته موسيقار ذوالفقار علي عرف ذوالفي منهنجي ڌن (ميوزڪ) چوري ڪري تون جهوم گانو ٺاهيو آهي. پر موسيقار ذوالفي نوجوان راڳي جي دعوى کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ان معاملي تي نئين بحث شروع ٿي وئي آهي. اهڙن الزامن کان پري ٿي عابده پروين چيو آهي ته ذوالفي ٻين ماڻهن سان ملي ڪري تون جهوم جي موسيقي ٺاهي آهي. عابده پروين “ايڪسپريس ٽربيون” سان کلي ڪري گاني بابت ڳالهائيندي چيو ته مون سان ڪم ڪندڙ موسيقارن کي خبر آهي ته آئون ڪهڙا ڪلام ڳائيندي آهيان. ذوالفي پاران گاني ۾ نصيبو لال کي شامل ڪرڻ وارو تجربو سٺو رهيو. نصيبو لال به مون جيان سينيئر گلوڪاره ۽ مختلف ڪلامن جي تاريخ رکندي آهي. هن دنيا مان شدت پسندي جي خاتمي لا تصوف جي پرچار تي زور ڀريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button