ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

طاهر بن جلون جو ناول

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

عقوبت خانن يا ٽارچر سيلن بابت لکيل ادب کي پڙهڻ کان پوءِ هڪ پڙهندڙ جا لڱ ته ڪانڊارجي ويندا آهن پر جڏهن ناول وسيلي انهن واقعن کي بيان ڪيو ويندو آهي ته انهن جي حقيقي هجڻ جو احساس وڌيڪ شدت سان ٿيڻ لڳندو آهي. اهڙو ئي هڪ ناول طاهر بن جلون جو به آهي. جنهن جو نالو This Blinging of Absence of Light آهي، جنهن کي اردو ۾ آج پبليڪشن وارن ”يه بصارت ڪش انڌيري“ جي نالي سان ڇاپيو آهي، جنهن جي ترجمي نگار ارجمند آرا آهي. طاهر بن جلون فرينچ ٻوليءَ ۾ لکندو رهيو آهي، هن وقت هو فرانس ۾ رهي ٿو پر سندس اصل وطن مراڪش آهي. هو فلسفي جو استاد رهيو آهي ۽ ڪاسا بلانڪا ۾ فسلفو پڙهائيندو هو. جڏهن 1971ع ۾ يونيورسٽيءَ جو تدريسي عمل عربي ڪيو ويو ته هن عربيءَ ۾ فلسفو پڙهائڻ کان انڪار ڪيو ۽ پيرس هليو ويو. ان کان اڳ هو 1966ع ۾ شاگردن جي هڪ سياسي مظاهري ۾ شريڪ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ شاگردن سان گڏ کيس به گرفتار ڪيو ويو ۽ هن 19 مهينا ملٽري ڪيمپ ۾ قيد ڪاٽيو. ان قيد دوران هن فرينچ ٻوليءَ ۾ شاعري شروع ڪئي. طاهر بن جلون ان کان سواءِ ڪيترائي ناول ۽ ٻيا ڪتاب پڻ لکيا آهن، جن ۾ The Happy Marriage،The Last Friend، The Sand Child ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب شامل آهن.
هيءَ ناول مراڪش ۾ ان وقت جي سلطان حسن الثاني خلاف ناڪام بغاوت جي ڪهاڻي آهي، جڏهن سلطان پنهنجي محل ۾ 42 هين سالگره ملهائي رهيو هو ۽ ان وقت فوج جي ڪمانڊنٽ حڪم ڏنو هو ته سلطان کي قتل ڪيو وڃي پر هو بچي ويو ۽ جن فوجين اِها رٿ رٿي هئي، انهن کي گرفتار ڪيو ويو. ان کان پوءِ کين قيد ۾ واڙيو ويو. اهو هڪ اهڙو قيد هو جيڪو لڳ ڀڳ 18 سال هليو. ان ۾ جيڪي فوجي ڪال ڪوٽڙيءَ ۾ واڙيا ويا هئا، انهن مان بنهه ٿورا وڃي جيئرا بچيا ۽ ٻيا آهستي آهستي مرندا ويا.
ناول جي ڪهاڻي بيان ڪندڙ ڪردار آخر تائين جيئرو رهي ٿو ۽ هو سڄي ناول جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. کين هڪ اهڙي هنڌ واڙي رکيو ويندو آهي، جتي روشنيءَ جو ترورو به نظر نٿو اچي ۽ هڪ اونداهي رات آهي، جيڪا کين ڳڙڪائيندي رهندي آهي. جتي هر ڪردار مختلف قسم جو تشدد برداشت ڪري ٿو، اذيتون سهي ٿو ۽ جڏهن ان جو وقت پورو ٿيو وڃي ته سندس لاش کي ٺڪاڻي لڳايو ويندو آهي. پر ناول نگار هر ڪردار جي انفراديت به بيان ڪئي آهي. هنن لاءِ سڀ کان وڏي ڳالهه ان قيد خاني مان ٻاهر نهارڻ يا ڪنهن سوجهري جو قيد خاني تائين پهچڻ هوندو آهي. هڪ جاءِ تي جلون لکي ٿو:
”رات اسان کي ويس ڍڪايو، ٻاهرين دنيا جا ماڻهو چئي سگهن ٿا ته رات اسان جي خدمت ۾ هٿ ٻڌي بيٺي هئي.“ اها رات ان وقت جي علامت آهي، جيڪا مستقبل ۾ هنن لاءِ اونداهو دور هوندي. جڏهن اهي سڀ قيدي ان رات کانسواءِ ڪجهه به ڏسي نه سگهندا ۽ ان رات جي اونداهيءَ ۾ هڪ هڪ ٿي مرندا ويندا.
”رات هاڻ رات نه هئي، ڇاڪاڻ ته ڏينهن جو وجود ڪونه هو، تارا ڪونه هئا، چنڊ ڪونه هو، آسمان نه هو، اسين ئي رات هئاسين، اسين رات جو اولاد هئاسين.“
جڏهن کين سلطان کي مارڻ جي رٿا سبب قيد ڪيو وڃي ٿو ته هنن کي سزائون ڏيڻ لاءِ به خاص فوجي مقرر ڪيا وڃن ٿا، جيڪي نه رڳو کين جسماني اذيتون ڏين ٿا پر نفسياتي اذيتون به ڏيندا رهن ٿا. ان قيد خاني ۾ ڪوئا آهن، ڪاڪروچ آهن. ماني بنا لوڻ جي آهي، جنهن ۾ ڪو ذائقو ڪونهي. جنهن کي سيمنٽ جي ٺهيل ماني چيو وڃي ٿو. ڪنهن حاجت لاءِ به اتي ئي بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. ڪاڪروچ انهن جا جسم پٽين ٿا، وڇون قيدين جي جسمن کي ڪورڻ لڳن ٿا ۽ اهي مانيءَ مان نڪري اچن ٿا، پر سڀني قيدين جي مرڻ جو منظر اتي موجود محافظ مزا وٺي ڏسن ٿا.
قيدين کي وڌيڪ اذيتون ڏيڻ لاءِ هڪ ڪمانڊنٽ مقرر ڪيو ويندو آهي، جيڪو بنهه گهڻو جلاد هوندو آهي. پر ڪوبه هن جو چهرو ڪونه ڏسي سگهندو آهي. سڀئي اهو اندازو لڳائيندا آهن ته هو شڪل شبيهه ۾ ڪيئن هوندو. جنهن لاءِ بيان ڪيل آهي ته ڪمانڊنٽ جنهن ڪڏهن اسان کي پنهنجي شڪل ڪانه ڏيکاري هئي. هو هڪ ڳجهه هو. مک ڪردار جو پيءُ شاهي محل ۾ مشڪرو هوندو آهي، جيڪو شاهه جو وفادار آهي.
جڏهن قيد جا پورا 18 سال گذري ويندا آهن ۽ بنهه ٿورا ماڻهو وڃي جيئرا بچندا آهن ته سلطان رحم کائي انهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندو آهي. مُک ڪردار به آزاد ٿيندو آهي. کيس وڏي وقت کان پوءِ سٺي ماني ملندي آهي. گوشت ملندو آهي. ڀاڄي ملندي آهي پر تيسائين هن جي سونگهڻ ۽ چکڻ واري حس ختم ٿي چڪي هوندي آهي. جڏهن ته اونداهيءَ ۾ جيتن سان رهڻ ڪري آواز واري حس تيز ٿي ويندي آهي، جنهن ڪري ڪوبه هلڪو آواز کيس زوردار ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. قيدين جي واپسي هنن لاءِ هڪ نئون عذاب هوندي آهي، جتي سوجهرو هوندو آهي. کائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي پر اهي ايترا ته ڪمزور ٿي چڪا هوندا آهن جو ارڙهن سالن جي قيد کان پوءِ جڏهن مُک ڪردار پنهنجي چهري کي آئيني ڏسي ۾ ٿو ته هو سمجهي ٿو ته اهو ڪو ٻيو ماڻهو آهي، جنهن کي هو ڏسي رهيو آهي.
هيءَ ناول قيدين جي ڪهاڻي ته آهي پر ان سان گڏ اتان جي ماحول کي طاهر بن جلون بهترين انداز سان پيش ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته جلون جو پنهنجي ناول جي باري ۾ چوڻ آهي ته ”هي ناول سچن واقعن تي آڌاريل آهي، جيڪي تازمامرت جيل جي قيدين جي بيان مان اخذ ڪيا ويا آهن.“
جڏهن ناول پڙهجي ٿو ته جلون جي اسلوب سبب ان کي پورو ڪرڻ بنا رهي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته هن وٽ نه رڳو هڪ هڪ لفظ جي معنيٰ کي بيان ڪرڻ جو هنر آهي پر هو ان ماحول کي به بهترين نموني ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هو موت ۽ زندگيءَ جون معنائون قيدين واتان بيان ڪرائي ٿو. موت لاءِ چوي ٿو ته ”موت جي پنهنجي بوءِ هوندي آهي. کاري پاڻي، سرڪي ۽ مواد جو مرڪب. تيز ڪڙي ۽ مخصوص بوءِ، سدائين رڙندڙ چٻري جو سنگتي بڻجي ايندو آهي.“
هيءَ ناول مراڪش جي 1971ع واري سياسي ماحول کي بيان ڪري ٿو. پر دنيا ۾ فوج سدائين ائين ڪندي رهندي آهي، اها سدائين ڪنهن چونڊيل صدر يا وزير اعظم جو تختو اونڌو ڪري ان کي جائز قرار ڏيندي آهي، پر قيد ڪنهن به انسان لاءِ ساڳيو ئي هوندو آهي. تنهنڪري طاهر بن جلون انهن انساني حقيقتن کي بيان ڪيو آهي، جيڪي عقوبت خانن ۾ماڻهو برداشت ڪندا آهن. مثال طور اهو گهٽ ٿيندو آهي جو ڪو ماڻهو قبضيءَ جي ڪري مري وڃي پر هن ناول ۾ هڪ ڪردار کي قبضيءَ جي ڪري مرندي ڏيکاريو ويو آهي. اهو عمل ان ڪري ٿئي ٿو جو اهي سڀ قيدي ڪنهن نه ڪنهن بيماريءَ ۾ ورتل هوندا آهن. کين اهڙي ماحول ۾ رکيو ويندو آهي، جتي اهي بيماريءَ کان بچي ئي نٿي سگهيا.
ناول جون ڪي ڪي سٽون بنهه گهڻيون وڻندڙ آهن، جن کي وري وري پڙهڻ لاءِ دل چوي ٿي.
*اسان جي رات رڳو رات ڪانه هئي، اسان جي رات ڪلراٺي هئي، بنهه ٿڌي ۽ آلي، غليظ، انسان ۽ ڪوئن جي پيشاب جي ڌپ سان ڀريل، اهڙي رات هئي جيڪا اسان وٽ مٽي هاڻي گهوڙي تي سوار ٿي ايندي هئي.

  • هاڻ اسان مان ڪنهن جو ڪو نالو ڪونه هو، ڪو ماضي ڪونه هو، ڪو مستقبل ڪونه هو، هر شيءِ اسان کان ڦرجي وئي هئي. سواءِ سان جي چمڙين ۽ مٿن جي.
    *زندگي هن ڪيمپ جي چوڌاري اڏيل ٻٽي ڪوٽ کان ٻاهر رهجي وئي هئي.
  • ڪوٺڙي ئي منهنجو مقبرو هئي. هڪ اهڙو کڏو جو اسان لاءِ تيار ڪيو ويو هو، جيڪو آهستي آهستي اسان جي جسمن کي ڳڙڪائي وڃي.
  • ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ غلاظت جي ڌپ نه سونگهڻ جو نالو ئي راحت هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button