نرملا منگهاڻي عمرڪوٽ جي نوجوان راڳي آهي. عمرڪوٽ جي ٿر بازار جي بجير پاڙي ۾ رهندڙ نرملا منگهاڻي گائڪيءَ جو شوق اٺين درجي کان شروع ڪيو ۽ ڪاليج جي تعليم تائين هوءَ آن لائين راڳداريءَ جي سکيا وٺندي رهي آهي. سندس ڪٽنب ۾ ڪوبه راڳي موجود ناهي. پر هوءَ پنهنجي شوق جي بنياد تي راڳداريءَ جي وڏي اڏام تي پهتي آهي. هوءَ چئن سالن کان راڳداريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿي آهي. هن شربت ٺاهڻ واري ملٽاءِ نيشنل بينڊ تي سندس ڪمپوز ڪيل ڌن جي چوري جو الزام هنيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هن 14 جون 2021ع تي لاهور ۾ واقع اسٽوڊيو جي 14 سيزن ۾ ڳائڻ لاءِ پنهنجون ست ڪمپوزيشن موڪليون ته جيئن اهي ڏسي سگهن. هن جو چوڻ آهي ته مون پنهنجي واٽس اپ ميسيج ۾ پروڊيوسر ذوالفقار ذلفي ۽ سندس اسسٽنٽ کي عرض به ڪيو ته مون کي 14 سيزن ۾ ڳائڻ جو موقعو ڏنو وڃي. پر هن جو چوڻ آهي ته کيس ان وقت سخت حيرت ٿي جڏهن ڪوڪ اسٽوڊيو وارن منهنجي موڪليل ڌن تي راڳ جي راڻي عابده پروين ۽ نصيبو لال جو ڳايل گانو ٻڌو. جنهن کان پوءِ هن سخت احتجاج وارو ميسيج ڪيو ۽ وائيس ميسيج به ڪيو. جنهن جو لاهور جي اسٽوڊيو وارن ٽن ڏينهن کان پوءِ جواب ڏنو، ته هنن سندس موڪليل ڌن اپ لوڊ ئي نه ڪئي آهي. پر ان اسٽوڊيو وارن جو چوڻ آهي ته اها ڌن اڳواٽ ئي ڪمپوز ڪري ڇڏي هئي. لاهور جي اسٽوڊيو جي گاني “تم جهوم جهوم” عالمي سطح تي وڏي پذيرائي حاصل ڪئي آهي. عابده پروين ۽ نصيبو لال جو اهو گانو ٽوئيٽر ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين انجڻين تي تمام گهڻو وائرل پڻ ٿيو آهي. انهيءَ گاني جي مقبوليت دوران عمرڪوٽ جي نوجوان راڳي نرملا منگهاڻيءَ ٽوئيٽر تي لاهور جي اسٽوڊيو جي پروڊيوسر ذوالفقار ذلفيءَ تي الزام هڻندي ٻڌايو آهي ته هن انهيءَ گاني سميت ست ٻيون ڌنون به 14 جون 2021ع تي واٽس اپ ڪيون هيون. نرملا جو چوڻ آهي ته هن سندس موڪليل واٽس اپ جو ته ڪو به جواب نه ڏنو ويو، پر جڏهن هن سندس ڌن تي عابده پروين ۽ نصيبو لال جو گڏ ڳايل گانو ٻڌو ته کيس وڏو ڏک ٿيو ۽ حيرت پڻ ٿي.
هن جو چوڻ آهي هوءَ عابده پروين ۽ نصيبو لال جو وڏو احترام ڪري ٿي، پر ڄاڻايل اسٽوڊيو ان گاني جو کيس ڪريڊٽ ڇو نه ڏنو. سندس چوڻ آهي ته هوءَ پنهنجي ڌن جي معاوضي وٺڻ جي ته ڳالهه نٿي ڪري، پر هوءَ ڪريڊٽ جي ڳالهه ڪري ٿي. نرملا جو اهو بيان شوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل ٿيو ۽ ڪجهه ٽي وي چئنلز ۽ ڪجهه وي لاگرن پڻ انهيءَ موضوع تي نرملا منگهاڻيءَ سان ڳالهه ٻولهه وارو پروگرام ڪيو آهي. هوڏانهن انگريزي اخبار ايڪسپريس ٽربيون پڻ نرملا منگهاڻيءَ جو ڪيس رپورٽ ڪيو آهي ۽ ڪوڪ اسٽوڊيو جي ذوالفقار ذلفيءَ جو موقف پڻ رپورٽ ڪيو آهي. جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته هنن نرملا منگهاڻيءَ جو واٽس اپ کوليو ئي نه آهي. پر ڪوڪ اسٽوڊيو اڳواٽ ئي انهيءَ گاني جي ڌن ٺهرائي ڇڏي هئي. جڏهن ته نرملا منگهاڻيءَ جو چوڻ آهي ته منهنجي فون ۽ لاهور جي ڄاڻايل اسٽوڊيو جي پروڊيوسر ۽ ان جي اسسٽنٽ جي فون جي فارنزڪ ڪرائي وڃي ته اصل حقيقت سامهون اچي سگهي.
هوءَ چئن سالن کان راڳ جي دنيا ۾ داخل ٿي آهي ۽ مخصوص ۽ فوڪ انداز ۾ ڳائڻ جي ڪري ملڪي ۽ عالمي سطح تي تمام گهڻو پسند ڪئي ويندڙ فنڪاره بڻجي سامهون آئي آهي. هوءَ جديد انداز ۾ فوڪ ڌنن کي ڳائي ٿي. هن جو 2019ع تي لنڊن ۾ فيض امن ميلي ۾ فيض احمد فيض جي شاعريءَ سان گڏو گڏ جمالو پڻ ڳائيندي يو ٽيوب تي ڏسي سگهجي ٿي. هن جي انهيءَ ڳايل ڪلام تي لنڊن ۾ انائونسر بخشڻ مهراڻوي ۽ صحافي مهيش ڪمار سميت ڪئين ماڻهو ڊانس ڪندي به ڏسي سگهجن ٿا. ان کان سواءِ نرملا منگهاڻي لاهور ۾ لال بينڊ جي تيمور رحمان جي اسٽوڊيو ۾ فيض احمد فيض جو ڳايل گانو پڻ يوٽيوب تي موجود آهي. ساڳي ريت صوفياڻي راڳ کي جديد انداز ۾ ڳارائيندڙ يوسف سلي جي اسٽوڊيو ۾ پڻ نرملا منگهاڻيءَ جا ڳايل گانا يوٽيوب تي ڏسي سگهجن ٿا. نرملا منگهاڻيءَ جو چوڻ آهي ته هن آن لائين راڳ سکيو آهي. لال بينڊ وارو تيمور رحمان سندس آن لائين راڳ سکڻ تي داد ڏيندي حيرت ۾ اچي وڃي ٿو. ان کانسواءِ هن جا ڳايل گانا يو ٽيوب تي موجود آهن. هوءَ سريلي ڳائڻي آهي. هوءَ پنهنجي تخليق جي آمد کانپوءِ لاهور جي اسٽوڊيو کي اماڻيل پنهنجي ڪمپوزيشن جي ڳالهه به انتهائي سادي ۽ سچائي واري انداز ۾ ٻڌائي ٿي. هون به هن ملڪ ۾ وڏن نالن وارا بينڊ نون فنڪارن جو وڏو استحصال ڪندا رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪاپي رائيٽس ۽ انٽليڪچوئل رائيٽس جا قانون به هن ملڪ ۾ موجود آهن. جنهن جي بنياد تي نرملا منگهاڻي لاهور جي ان ملٽي نيشنل اسٽوڊيو خلاف ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انهيءَ فيصلي بابت وقت ٻڌائيندو. پر سوشل ميڊيا تي نرملا منگهاڻيءَ جي حمايت ۾ طوفان متل ڏسي سگهجي ٿو. جڏهن ته راڳي برادريءَ جون تنظيمون پڻ موجود آهن. پر لاهور جي ملٽي نيشنل اسٽوڊيو جي مقابلي ۾ نرملا جي معاملي تي سنڌ جا راڳي بلڪل خاموش آهن. جڏهن ته “ميڪون يار مناوڻوان هي، ڀاوين سر دي بازي لڳ جاوي” جي جڳ مشهور ڌن جوڙيندڙ سانول جو چوڻ آهي ته ڌن جي فنڪار تي آمد ٿيندي آهي. اها تخليق جي آمد هوندي آهي. اها جيڪڏهن تخليق چوري ٿي وڃي ته فنڪار وڏي تڪليف مان گذري ٿو. ان ڪري هو نرملا جي تڪليف کي سمجهي سگهي ٿو.”
هڪ اخبار پاران نرملا منگهاڻيءَ جي ڪيس تي ڪيل سروي ۾ جڏهن فنڪارن کان پڇيو ويو ته هو ڪوڪ اسٽوڊيو تي ڳالهائڻ کان لنوائڻ لڳا. ساڳي ريت سنڌ انساني حقن واري تنظيم پڻ فنڪارن جي معاملي کي انساني حقن جو معاملو نه سمجهندي ان تي ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو. سنڌ ۾ ان کان اڳ ۾ ڪجهه ٽي وي ڊرامن تي اهڙا اختلاف سامهون ايندا رهيا آهن، جڏهن اهي ٽي وي ڊراما نشر ٿيا ته اهي ٻين ڊرامه نگارن جي نالن سان نشر ٿيا. ساڳي ريت مترجم ليلا رام هڪ سنڌي پبلشر تي ان بنياد تي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ته سندس ترجمو ڪيل ڪتاب تي هن جو نالو نه ڏنو ويو هو. جڏهن ته پبلشر جو موقف هو هن مترجم کي ترجمي جي رقم جي ادائگي ڪري ڇڏي آهي. باقي نالو ڏيڻ ضروري نه سمجهيو هو. اهڙي ريت نرملا منگهاڻيءَ جي ڌن جي ڪاپي رائيٽس وارو ڪيس پڻ انتهائي دلچسپيءَ سان ڏٺو وڃي پيو ۽ سوشل ميڊيا تي ان جو ڀرپور اظهار به ڪيو وڃي پيو. هوڏانهن صوفي ڪلامن کي جديد انداز ۾ ڳارائڻ وارو يوٽيوب چينل هلائيندڙ ۽ ملڪ جو مخير شخصيت يوسف صلاح الدين عرف يوسف سلي اهڙي چوريءَ جي خلاف سڌو سنئون ڌر ٿي سامهون آيو آهي. مشهور ٽي وي اينڪر ۽ وي لاگر مبشر لقمان پڻ نرملا منگهاڻيءَ جي ڪيس تي هڪ وي لاگ هلائيندي ٻڌايو ته کيس اهڙي چوريءَ بابت يوسف سليءَ آگاهي ڏني آهي. ڇا هن معاملي تي سنڌ جي ثقافت واري کاتي ۾ ڪا اميد ڪري سگهجي ٿي ته اهو کاتو پنهنجي صوبي جي عمرڪوٽ واسڻ راڳيءَ جي معاملي تي مالڪي ڪري، کيس پنهنجو حق ڏيارڻ ۾ مددگار ٿئي.