لاهور ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ هن وقت تائين ٽي ڄڻا شهيد ۽ 27 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. خبرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاهوري گيٽ واري علائقي ۾ دڪانن جي ويجھو ڦٽي ڪيل بم ڦاٽي پيو، ان ڌماڪي ۽ دهشتگردي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ نينشلسٽ آرمي قبولي ورتي آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن هن دهشتگردي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. يقينن ڪو به امن پسند ۽ دهشتگردي جي خلاف سوچيندڙ ذهن دهشتگردي جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت ته ڪري ئي نٿو سگھي ۽ نه وري دهشتگردي جي سببن ۾ الجھي ڪري بليم هڻندي ڪو هڪڙو به پهلو انهيءَ جي حق ۾ بيان ڪري سگھندو.
گھڻي عرصي کان هي ملڪ هڪ بيهوده انارڪي جو شڪار آهي. ڪيترن ئي نظرين ۽ تنظيمن جي پاران دهشتگردي جي سڌي يا اڻ سڌي حمايت ڪئي وئي آهي ۽ خاص ڪري اها دهشتگردي جڏهن سامراج دشمني جي نالي تي ٿيندي رهي ته انهيءَ جي مظلوميت جي بنيادن تي اسان وٽ ڪيترائي دليل ڏنا ويا يا هن وقت تائين به ڏنا وڃن ٿا، اهڙي طرح سان ننڍين ۽ وڏين قومن جي تضادن ۾ الجھيل هن رياست جي اندر مظلوم قومن جا ڪيترائي قوم پرست گروھه پنهنجي قومي حاصلات جي لاءِ مزاحمت جي دليلن سان دهشتگرديءَ جي حمايت ۾ بحث ٿيندي نظر ايندا آهن، وڏي کان وڏو دليل هي ڏنو ويندو آهي ته قومي حقن جي حاصلات جي لاءِ تشدد واحد رستو آهي، جنهن سان قومي حق حاصل ڪري سگھبا.
اهو بحث هن خطي ۾ گھڻي عرصي کان تاريخ جي هڪ غلامي واري دور کان ٿيندو رهيو آهي. نه رڳو اها غلامي انگريزن جي پر انهيءَ کان پهريان جيڪي ٻاهريان حملا آور هن خطي تي قابض ٿيندا رهيا، انهن خلاف ننڍي ننڍي گروهي صورت ۾ مزاحمت ٿيندي هئي انهيءَ مزاحمت جون ٻه صورتون يا شڪليون نظر آيون، هڪ قابض حڪومت کان مراعتون گھرڻ جي صورت ۽ ٻي انهيءَ کي مڪمل بي دخل ڪرڻ جي سوچ ۽ صورت.
تاريخ ۾ نظر اچي ٿو اهو سلسلو انگريز غلاميءَ کان پوءِ وڌيڪ واضح ۽ چٽو نظر آيو، جنهن ۾ هڪ هٿياربند جدوجهد جو مزاحمتي نظريو هو ۽ ٻيو پر امن عدم شدد جو نظريو. مزاحمت جي نظريي ۾ ڪا وڏي تحريڪ يعني ايڏي وڏي تحريڪ جيڪا پوري قوم کي پاڻ سان جوڙِڻ ۾ ڪامياب ٿئي، اها نظر نه آئي پر ان مزاحمت جي ۽ هٿياربند جدوجهدن کي ننڍو ۽ ڪمزور به نٿا چئي سگھون، مثال سنڌ ۾ حر تحريڪ هندستان ۾ سڀاش چندر بوس يا ڀڳت سنگھه، هيمو ڪالاڻي، اهي گروھه هئا جن مزاحمت جو رستو بندوق جي زور تي شروع ڪيو پر ان مزاحمت جي تحريڪ کي عام پبلڪ جي حوالي سان دهشتگريءَ جو نالو نٿو ڏئي سگھجي، توڙي جو ان وقت جي حڪومتن انهن تمام مزاحمت ڪندڙ گروھن ۽ تنظيمن کي دهشتگرد سڏيو، پر اهي دهشتگردي جي زمري ۾ نه ٿي آيا، انهن جي تشدد جو رستو حڪومت جي خلاف حڪومت جي ادارن سان هو، هنن جو ٽڪراءُ خاص ڪري پوليس ۽ فوج سان رهندو آيو. حڪومت تي دٻاءُ وجھڻ جي لاءِ عام عوام ۾ بيگناھه ماڻهن جو ڪڏهن به قتلِ عام نه ڪيو، اهو عمل هنن هتي پنهنجي قوم جي حوالي سان ته نه ڪيو پر برطانيه جي ڪنهن به شهر ۾ ڪنهن پبلڪ جي ماڻهو کي تشدد جو نشانو نه بڻايو.
دنيا جي اندر جيڪي به مزاحمت جون تحريڪون هٿيارن جي زور تي هليون آهن، انهن ۾ ڪامياب ۽ طاقتور تحريڪون عوام جي لاءِ انهن حاصل ڪيون آهن، انهي جو مثال دنيا جي اندر وڏي کان وڏو ويٽنام جو به ڏئي سگھجي ٿو جو ويٽنام جي آزادي جي تحريڪ کي ڪچلڻ جي لاءِ آمريڪي فوجن عام عوام کي تشدد جو نشانو بڻايو، نه رڳو جنگي جهازن جي بمبارٽمينٽ سان پر ڪيترن ئي ويٽنامين کي دهشتزده ڪرڻ جي لاءِ گرفتاريون تشدد ۽ قتل جا سوين واقعا ٿيا، پر ويٽنام جي مزاحمتي تحريڪ جيڪا هوچي منهه جي قيادت ۾ وڙهي رهي هئي، ان عام آمريڪي شهري کي چماٽ به نه هنئي. اهو ئي سبب هو جو عام آمريڪا جي عوام کان ويٽنام جي مزاحمت ڪندڙ جي لاءِ نفرت جي موٽ نه اچي سگھي. حڪومت تمام گھڻي ڪوشش ڪئي پر هو عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي، گانڌي جو مثال ته پاڻ نٿا دهرايون، جنهن ٻي عالمي جنگ ۾ هٽلر جي خلاف وڙهڻ کي به پسند نه ڪيو هو، اهو بحث ڊگھو ڪنهن ٻئي دفعا ڪنداسين پر هتي عام پبلڪ کي تشدد بنائڻ جو سلسلو گھڻو ڪري لساني جھيڙن کان وٺي مزاحمتي گروھه ٺاهي هڪ سلسلو ڪراچي ۾ شروع ڪيو ويو ۽ ٻيو آمريڪا دشمنيءَ جو نعرو ڏئي طالباني تحريڪ خاص ڪري نائن اليون کان پوءِ هن خطي ۾ بد کان بدتر تشدد ڪيو، جنهن ۾ تعليمي ادارن جي اندر تشدد عام عوامي جڳهن تي دهشتگرديءَ جا واقعا هر روز جو معمول نظر ايندا رهيا ۽ هن وقت تائين نظر اچن پيا. خاص ڪري خودڪش حملا جن جي شروعات فسلطينين ۽ سريلنڪا کان ٿي پر انهيءَ جو وڌ کان وڌ ريڪارڊ هن ملڪ ۾ رهيو، ان دهشتگرديءَ ۾ ملوث ڌرين کي وڏي پيماني تي سياسي پارٽين کان تنقيد جو نشانو نه بڻايو ويو، نه وري انهن تنظيمن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، انهيءَ جا اثر لازمي طور تي انهن دماغن تي پوندا ۽ پيا آهن، جيڪي قوم پرستي جي نالي تي مزاحمت جو تصور رکن ٿا، خاص ڪري بلوچستان ۽ سنڌ تي انهيءَ جو اثر پيو آهي. توڙي جو سنڌ ۾ ان رويي جي سخت مزاحمت ٿئي پئي يعني سياسي پارٽين ۽ قوم پرستن جي صفن کان به مخالفت ڪئي ٿي وڃي پر بلوچستان جي صورتحال هتان کان گھڻي پيچيده آهي. بلوچ قوم پرستي جي نالي تي تشدد جو رستو وٺندي ۽ انهيءَ جي حق بجانب هجڻ لاءِ ڪيترائي دليل اسان جي اڳيان ايندا رهيا آهن ۽ ايندا رهن ٿا ته رياست جي ادارن قوم پرستن خاص ڪري بلوچستان جي آزادي جي گھر ڪندڙن جي مٿان جيڪو تشدد ٿئي ٿو، انهيءَ جي نتيجي ۾ اهو سڀ ڪجھه ٿيڻ خلاف اهو ري ايڪشن آهي.
بلوچستان ۾ عام ماڻهن جو نشانو ٿيڻ جي شروعات ٽارگيٽ ڪلنگ کان ٿيندي ۽ هٿيار بند گروھن جي تشڪيل تائين ٿيندي رهي، پاڻ انهيءَ جي وڌيڪ تفصيل ۾ نٿا وڃون ته بلوچستان جي مزاحمتي تاريخ خان آف قلات کان نواب اڪبر بگٽي تائين هڪ ڊگھي تاريخ آهي، پر هي سلسلو هاڻي شروع ٿئي پيو ته بلوچ قوم پرست تنظيمون پنجاب جي عام ڪاروباري علائقن ۾ دهشتگردي جي واردات ڪري ۽ اها ذميواري قبولي جيڪو پيغام ڏنو آهي انهيءَ جي ڪنهن به صورت ۾ مظلومانه ۽ مزاحمتي جسٽيفڪيشن نٿي ڏئي سگھجي، اسان کي هي ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته قوم پرستي جي حقيقي معنيٰ ۾ سياسي جدوجهد پر امن ۽ عدم تشدد جي بنيادن تي ئي پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگھي ٿي بندوق جي مزاحمت هن دور ۾ ڪو به پنهنجو سياسي گول حاصل نه ڪري سگھندي پر دهشتگردي ته بد کان بدتر حرڪت آهي، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ جسٽيفا نه ڪري سگھبو، بلوچ يا ٻيا قوم پرست پاڻ کي ڪيترو به مظلوم سڏين پر جڏهن انهن جو تشدد عام شهرين تي ٿيندو اهو انتهائي ڪريل ۽ وحشت پڻو هوندو، مظلوم پر امن جدوجهد ۾ ئي خوبصورت ۽ طاقتور ٿيندو آهي، هتي تمام قوم پرستن ۽ خاص ڪري بلوچ قوم پرستن کي سڌي لڪير ڪڍي بيهڻ گھرجي، انهن کي هي بحث باربار دهرائڻ جي ضرورت آهي ته گوادر جو ڌرڻو جيڪا پنهنجي سياسي حمايت حاصل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيو، انهيءَ جو وڏو بنياد ان جو پرامن هجڻ هيو ۽ ايئن ئي قوم پرست تحريڪن کي مڪمل طرح سان پاڻ کي پر امن رکڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي نه رڳو پنهنجو پاڻ کي پرامن رکن پر تشدد جي مذمت وڌ کان وڌ ڪندي تشدد جي خلاف ائين ئي تحريڪ هلائن جيئن حقن جي حاصلات جي لاءِ تحريڪ هلائن ٿا. قوم پرستي، مزاحمت ۽ دهشتگرديءَ کي چٽن لفظن ۾ بيان ڪن ۽ انهيءَ جي ورڇ ڪن پرامن جدوجهد خوف ۾ مبتلا ماڻهو ناهن ڪندا پر پرامن جدوجهد اعليٰ ذهانت وڏي کان وڏو بهادرانه ڪردار رکندي آهي.