شوبز

پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جونس جي گهر سروگيسي ذريعي ڌي جو جنم

لنڊن :بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ سندس مڙس هالي ووڊ اداڪار نڪ جونس جي گهر سروگيسي ذريعي ننڍي مهمان جي آمد ٿي آهي. انهن ٻنهي اها خوشخبري پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي چاهيندڙن کي ڏني آهي. هنن ٻڌايو ته اسان کي اهو تصديق ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي گهر ننڍو مهمان سروگيسي ذريعي آيو آهي. جڏهن ته هنن ٻار جي جنس بابت نه ٻڌايو ته اهو ڇوڪرو آهي يا ڇوڪري. جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پريانڪا ۽ نڪ جونس جي گهر ڌي جو جنم ٿيو آهي. پريانڪا اپيل ڪئي آهي ته انهن جي خاندان بابت رازداري جو خيال ڪيو وڃي. هوڏانهن انهي خبر اچڻ شرط ڪترينا ڪيف، هما قريشي ۽ ٻين اداڪارن طرفان کين مبارڪون ڏنيون ويون آهن. واضح رهي ته سروگيسي اهو عمل آهي جنهن ۾ ٻي عورت جي ُڪک ٻار کي جنم ڏيڻ لا ڀاڙي تي ورتي ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button