ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪورونا ڪورونا…احتجاج احتجاج

Editorial- Article- Umer Qazi

هڪ حڪومت جي ان کان وڌيڪ منافقي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هڪ طرف اها ڪورونا ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جا اطلاع ڏئي رهي آهي ۽ ٻي طرف اها سياسي احتجاج ڪري ماڻهن جا ميڙ ڪٺا ڪري رهي آهي. هاڻي ان صورتحال ۾ عوام ڇا ڪري؟ ڇا عوام سنڌ سرڪار جي ان اطلاع کي سنجيدگيءَ سان وٺي ته ڪورونا ۾ پيدا ٿيل شدت سبب کيس احتياط ڪرڻ گهرجي يا عوام حڪومت جي عمل کي ڏسي پاڻ ۾ به ڪورونا کان لاپرواهه ٿي وڃي؟ عوام نيٺ ڇا ڪري؟ ڇا سنڌ سرڪار وٽ ان سوال جو ڪو جواب آهي؟ جيڪڏهن سنڌ سرڪار ۾ ڪو سمجهه وارو حلقو آهي ته ان کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته ماڻهو گهڻو ڪري هدايتن تي عمل نه ڪندا آهن پر هو اهو ڪجهه ڪندا آهن، جيڪو ڪجهه ڪندي ڏسندا آهن. هن وقت سنڌ حڪومت جي قول ۽ فعل ۾ جيڪو تضاد پيدا ٿي پيو آهي، ان سبب تمام گهڻي پريشاني پيدا ٿي رهي آهي. عوام کي اهو احساس آهي ته ڪورونا اهو نه ٿو ڏسي ته ڪير امير ۽ ڪير غريب آهي. ڪورونا هر انساني زندگيءَ جو ويري بڻجي ويو آهي. ان صورتحال ۾ هر ماڻهوءَ کي احتياط ڪرڻ گهرجي.
ڪورونا مان صرف مردن کي نه عورتن کي به خطرو آهي ۽ ڪورونا سبب ٻڍڙا ماڻهو ته تمام گهڻو ڀوڳين ٿا پر هي اها ظالم وبا آهن، جنهن ٻارن کي به نه بخشيو آهي. هن وقت ڪورونا جنهن شدت سان ڇائنجي رهي آهي، ان مان هڪ ڳالهه ته تمام واضح طرح سان سامهون اچي ٿي ته ماڻهن جڏهن کان وٺي ڪورونا کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ ڇڏي ڏنو، تڏهن کان وٺي ڪورونا ۾ تمام گهڻي شدت پيدا ٿي پئي آهي. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن ڪورونا سبب عوام ۾ باقاعده هڪ قسم جي دهشت پيدا ٿي پئي هئي ۽ ماڻهو نه چاهيندي به ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنجيده هئا ۽ ان سبب ڪورونا تي گهڻي ڀاڳي ڪنٽرول به ٿي ويو هو پر ماڻهن جي نفسيات ۾ هڪ ڳالهه اها به آهي ته هو گهڻي وقت تائين موجود خطري جا عادي ٿي ويندا آهن ۽ ان کان احتياط ڇڏي ڏيندا آهن. ڪورونا جي سلسلي ۾ اسان کي اهو واضح طرح سان ڏسڻ ۾ آيو ته جهڙي ريت ڪورونا جي باري ۾ عوام احتياط ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته ان ۾ اچانڪ تمام گهڻي شدت پيدا ٿيڻ به هڪ لازمي نتيجو آهي. اڄ ڪورونا جي ڪري جهڙي طرح تمام گهڻن ماڻهن جي ٽيسٽ جا نتيجا پازيٽو اچي رهيا آهن ته اسان کي ان سلسلي ۾ سمجهڻ گهرجي ته اهو ڪجهه ٿيڻو ئي هو.
اسان کي اهو فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته جنهن وقت ڪورونا پوري دنيا جي ۾ ڦهلجي ويو هو ۽ انساني زندگي ڪورونا جي نشاني تي هئي ۽ ماڻهن ڊپ سبب پنهنجي زندگيءَ کي محدود ڪري ڇڏيو هو ان مهل ئي ذهين ۽ سمجهدار ماڻهن چيو هو ته اسان کي هاڻي ان قسم جو احتياط مستقل طور تي ڪرڻو پوندو. ڇو ته ڪورونا تي هاڻي ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو پر ڪورونا کي ڪوئي ختم نه ٿوڪري سگهي. ان وقت جي حوالي سان اها ڳالهه به تسليم ڪرڻي پوندي ته ابتدا ۾ حڪومت تمام گهڻو احتياط ڪيو ۽ ان احتياط سبب عوام ۾ به احتياط جو عنصر اچي ويو. جڏهن ماڻهو هر وقت اهو ڏسي رهيا هئا ته حڪمران پاڻ به هر مهل منهن تي ماسڪ پائي هلن ٿا ۽ هو ملاقاتن ۾ فاصلو رکن ٿا ته عوام به حڪمرانن جي نقش قدم تي هلي پيو پر ان وقت عوام جي دماغ مان ڪورونا جو خوف ختم ٿي ويو، جڏهن عوام ڏٺو ته حڪمرانن ماسڪ پائڻ ڇڏي ڏنا آهن ۽ هاڻي هو فاصلو به نه ٿا رکن. اهڙي طرح عام ماڻهن ۾ ان معاملي کي نهايت هلڪي انداز سان ورتو ۽ انهن سمجهيو ته جڏهن سرڪار هلائڻ وارا پاڻ ئي احتياط نه ٿا ڪن ته پوءِ هو ڇو ڪن؟
عوام تي لفظ گهٽ ۽ عمل وڌيڪ اثرانداز ٿيندا آهن. هونءَ به عملن جي حوالي سان اها ڳالهه مشهور آهي ته عمل لفظن کان وڌيڪ وڏي آواز وارا هوندا آهن. ان ڪري ماڻهو عملن تي هلڻ لاءِ پاڻ کي مجبور سمجهندا آهن. حڪومت جو مطلب اهو ناهي ته اها شيءَ جنهن وٽ تمام گهڻي طاقت هجي پر حڪومت جو مطلب آهي، اها شيءَ جنهن وٽ گهڻ طرفي معلومات هجي. ڏاهن ماڻهن چيو هو ته ڪورونا جو مڪمل ختم ٿيڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندو. ڪورونا ۾ ڪنهن به وقت تمام گهڻي شدت اچي سگهي ٿي ۽ ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي، جهڙي طرح زندگيءَ سان لاڳاپيل ٻين شين جو سلسلو هوندو آهي، هاڻي ڪورونا به ان طرح سان اسان جي زندگيءَ جو حصو ٿي رهندي. ان لاءِ اسان کي پنهنجي طبيعت ۾ مستقل طور تي اهڙي روش پيدا ڪرڻي پوندي، جنهن جي ڪري ڪورونا اسان کي ان طرح سان تنگ نه ڪري، جنهن طرح سان اها ڪري سگهي ٿي. پر اهو ئي ڪجهه ٿيو، جنهن جو خوف هو. معاشري ۾ جيئن ئي احتياط کي نظرانداز ڪيو ويو ته ڪورونا پنهنجي پوري شدت ۾ اچي ويو ۽ حڪومت کي اها حقيقت تسليم ڪرڻي پوندي ته بي احتياطيءَ جو اهو سلسلو حڪومت کان شروع ٿيو. جڏهن حڪومت پاڻ پابندين جو خيال رکندي هئي ته ان جي لفظن ۾ به اثر هيو پر جڏهن حڪومتي سطح تي ڪورونا جي سلسلي ۾ هڪ طرح جي بي پرواهي پيدا ٿيڻ لڳي ته عوام به ان جو خاص نوٽيس وٺڻ ڇڏي ڏنو ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان ڪورونا جي پڪڙ ۾ اچي وياسين.
انگريزي ٻوليءَ جو مشهور پهاڪو آهي ته هاريل کير تي روئڻ جو ڪو فائدو ڪونهي پر اسان جڏهن غلطي ڪئي آهي ته ان مان سکڻ جي لاءِ ته پاڻ کي تيار ڪيون. هن وقت ڪورونا ۾ جنهن قسم جي شدت پيدا ٿي آهي، ان کان بچڻ جي سلسلي ۾ سڀ کان اڳ ۾ سرڪار کي پنهنجو عملي نمونو پيش ڪرڻو پوندو. اسان کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻي پوندي ته تاريخ ۾ سدائين اهو ٿيو آهي ته عوام حڪمرانن جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن وقت به عوام کي ڪورونا کان بچائڻ جي سلسلي ۾ سرڪار کي عملي نمونو پيش ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي عمل سان عوام جي آڏو اهو واضح ڪرڻو پوندو ته ڪورونا جو باب بند نه ٿيو آهي. ان ڪري عوام کي روايتي احساس فراموش ڪرڻ بدران پنهنجي ڌيان تي ڪورونا کي آڻي وري اهي اپاءَ زندگيءَ ۾ داخل ڪرڻا پوندا، جن احتياطن جي ڪري اسان هن وقت ڪورونا سبب تمام تيزيءَ سان متاثر ٿي رهيا آهيون. سائنسدان ٻڌائين ٿا ته هن ڀيري جيڪو ڪورونا جو وائرس اسان جي مٿان حملي آور ٿيل آهي، اهو پنهنجي سگهه ۽ اثر ۾ ابتدائي وائرس کان گهٽ سگهارو ۽ نقصان ڪندڙ آهي پر جيئن ته اسان مان احتياط مڪمل طور تي موڪلائي ويو، ان صورت ۾ ته اهو ڪجهه ٿيڻو هو.
حڪومت جيڪڏهن چاهي ٿي ته عوام ڪورونا کان بچڻ جي سلسلي ۾ احتياط کان ڪم وٺي ته ان کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ سرڪار کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته احتجاج هڪ اهڙي شيءَ هوندي آهي، جنهن ۾ احتياط ڪرڻ تمام گهڻو شڪل هوندو آهي. سنڌ سرڪار جيڪڏهن پاڻ ڳتيل طرح سان ملي احتجاج ڪندا ۽ ميڊيا معرفت ماڻهن کي اهو نظر به ايندو ته احتجاج جي دوران سنڌ سرڪار جي ميزبانن توڙي مهمانن جي منهن مٿان نالي ماتر ماسڪ نظر اچن ٿا ته ان ڪيفيت جو عوام جي مٿان جيڪو اثر پوي ٿو، ان کي ڪنهن به طرح سان مثبت چئي نه ٿو سگهجي. اهو منفي هو. منفي آهي ۽ منفي رهندو. ڪورونا وائرس ڪوئي ڪامورو ناهي، جنهن جي دل ۾ سرڪار جي لاءِ ايتري دهشت هجي جو هو پاڻ ئي احتياط ڪري. ڪورونا هڪ وائرس آهي ۽ ان جي فطرت ۾ آهي ته اهو هر ڪنهن کي متاثر ڪندو آهي. ان حوالي سان پنهنجي ذات، خاندان ۽ رشتن ناتن جي ڪري به حڪمرانن کي حفاظتي اپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ انهن کي اهو به سوچڻ گهرجي ته سندن عملن کي ڏسي عوام به احتياط ڪندو ۽ ان طرح سان معاشرو ايتري حد تائين متاثر نه ٿيندو، جيترو هن وقت ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. اهو هڪ وڏو خطرو آهي ۽ ان مان تمام وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button