پاڪستان ۾ ڪورونا جي نئين لهر هر گذرندڙ ڏينهن سان شديد ٿي رهي آهي، ۽ افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي جو نه حڪومتي سطح تي اها سنجيدگي نظر اچي رهي آهي ۽ نه ئي عوامي سطح تي احتياط ڪيو پيو وڃي. ڪلهوڪين اخبارن ۾ آيل خبرن موجب پاڪستان ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 7 هزار 678 ڪيس سامهون آيا آهن. 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 23 ماڻهو فوت پڻ ٿيا. شرح وڌي 13 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٿي وئي. جڏهن ته ڪيس وڌڻ سبب هڪ هفتي لا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 7 هزار 678 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ وڌيڪ 23 مريض هن وبا وگهي فوت ٿيا. جڏهن ته وڌيڪ 814 مريض صحتياب ٿيا ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 12 ڏهائي 93 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 29 هزار 65 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. هن وبا جي ڪل مريضن جو انگ 13 لک 53 هزار 479 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 57 هزار 935 مريض علاج هيٺ آهن ۽ مريضن مان 961 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 12 لک 66 هزار 479 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 59 هزار 343 ٽيسٽون ڪيون ويون. هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 44 لک 15 هزار 716 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 7 لک 86 هزار 27 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي. اهڙي ريت ڪل 17 ڪروڙ 7 لک 11 هزار 868 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته 7 ڪروڙ 88 لک 60 هزار 543 ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي. هوڏانهن اين سي او سي تازو ڪيس وڌڻ سبب هڪ هفتي لا تعليمي ادارا بند ڪرڻ ۽ ٻن هفتن ۾ ڪرونا ٽيسٽنگ وڏي پئماني تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اين سي او سي موجب متاثر شهرن ۾ 12 سالن کان وڏي ڄمار جي شاگردن کي ڪرونا ويڪسين لڳائڻ لا مهم هلائي ويندي. ترجمان موجب تعليم کاتي جا آفيسر صحت کاتي جي اختيارين سان گڏجي اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪندا. جڏهن ته مسجدن ۽ عبادتگاهن لا به نئون حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق مڪمل ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي. مسجدن مان ڪارپيٽ هٽايا ويندا، ماسڪ پائڻ لازمي هوندو. ان کان علاوه صفبندي دوران 6-6 فوٽ جو فاصلو رکيو ويندو. بزرگ پنهنجي گهرن ۾ نماز ادا ڪري سگهندا. جمع جي نماز جي ادائيگي پڻ مختصر وقت ۾ ڪئي ويندي.
ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل ٻن ڏينهن اندر اوميڪرون ويريئنٽ جا 24 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان وڌيڪ 21 ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ ٽوٽل انگ 521 ٿي ويو آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جي 15412 ٽيسٽن مان 3467 ڪيس ظاهر ٿيا ۽ وڌيڪ ٽن مريضن دم ڌڻي حوالي ڪيو، جنهن بعد انگ 7730 تائين پهچي ويو آهي.
ڪورونا جي موجوده لهر اڳوڻين لهرن کان ڪجهه وڌيڪ شديد لڳي رهي آهي، پر ان باوجود احتياط نه پيو ڪيو وڃي. هن مهل تائين حڪومتي سطح به ڪو ٺوس قدم کڄندي نظر نه پيو اچي، رڳو معمول جي صورتحال کان آگاهي ڏيڻ کانسوا ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي. ڪورونا وائرس جا ايڏي وڏي پئماني تي ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن پر حڪومت اڃا تائين ڪجهه به طئي نه ڪري سگهي آهي. جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. جيتوڻيڪ اسڪول ته بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو واحد سبب رڳو اسڪولن جو کلڻ ناهي، ٻين پاسن ڏانهن به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. تنهنڪري، حڪومت کي هاڻي ٺوس قدم کڻڻ گهرجي.