ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

منشيات خلاف جنگ

Editorial-Article- Lala Rukh

جنگ جو خاتمو ان ڳالهه جو اندازو ناهي لڳائيندو ته ڪير صحيح آهي بلڪه رڳو بچيو ڪير آهي. مان هتي روايتي جنگ جي باري ۾ ڳالهه نه ڪنديس بلڪه ان جنگ جي باري ۾ ڳالهائينديس جيڪا ٻين سمورين جنگين کي ختم ڪري سگهي ٿي، يعني منشيات جي خلاف جنگ، حالتن جي سنگينيءَ کي سمجهڻ بنا اسان ان سماجي برائيءَ کان شديد متاثر ٿي رهيا آهيون، منشيات جو استعمال نه رڳو هڪ فرد تي اثر انداز ٿيندو آهي بلڪه ان جا اثر ڊومينو اثر طور ڪم ڪندا آهن، اسان مان گهڻا ماڻهو ان محاوري مان واقف آهن جنهن موجب اوهان گهوڙي کي رڳو پاڻيءَ تائين وٺي وڃي سگهو ٿا پر ان کي پاڻي نٿا پياري سگهو. انهيءَ جيان منشيات جي خاتمي واري وزارت ۽ اينٽي نارڪو ٽڪس فورس ان خطري خلاف اڻٿڪ محنت رکي سگهي ٿي،پر جيستائين اسان مان هر فرد انفرادي ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو نٿو ڪري تيستائين اسان منشيات کان پاڪ معاشري جو هدف حاصل نٿو ڪري سگهون، منشيات اهڙو مسئلو آهي ته جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوشش جي ضرورت آهي نوجوانن ۾نشي جي مقبول ڪچلر سان ذهني صحت جي مسئلن جي وڌندڙ سطح جا ٻه وڌا سبب آهن جنهن ڪري منشيات جي استعمال ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آهي. پاڪستان ان متاثر رياستن ۾ هڪ آهي جيڪي ان خطري جو شڪار ٿي چڪيون آهن، منشيات جو استعمال هڪ عالمي چيلينج آهي پر محدود انساني ۽ مالي وسيلن سان حڪومت پنهنجي شهرين جي سهڪار بنا سماج مان ان لعنت کي ختم نٿي ڪري سگهي.

آگاهي ۽ منشيات جو شڪار ماڻهن جي بحالي ٻه اهم سبب آهن، جن سان منشيات جي استعمال جي لعنت جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جي ملڪ ۾ تقريبن 9 ملين ماڻهو اهڙا آهن جيڪي منشيات جو استعمال ڪري رهيا آهن جيئن ته سال 2020ع ۾ UNODC طرفان رپورٽ ڪيو ويو آهي، جيڪو سال 2018ع ۾ فراهم ڪيل گذريل انگن اکرن کان 2 ملين وڌيڪ آهي، سڄي دنيا ۾ منشيات جي وڌندڙ غير قانوني اسمگلنگ جي بنيادي سببن مان هڪ معاشي ترغيب آهي ۽ ان جي حوصلا شڪنيءَ  جي نه رڳو گهرج کي گهٽ ڪري سگهي ٿي، ان سان گڏ گڏ آگاهي مهم ۾ بهتري ۽ انفرادي ڪوششن جي ضرورت آهي.

جيڪي ماڻهو منشيات استعمال ڪن ٿا، انهن سان مجرماڻي نه پر مريض جيان سلوڪ ڪرڻ گهرجي، اهو سمجهڻ ضروري آهي ته انهن کي نظر انداز ڪرڻ سان مسئلن جي شدت ۾ واڌارو ايندو، جيڪڏهن اسان موجوده انگن اکرن تي نظر وجهون ته اسان وٽ 150 کان گهٽ ماڻهو آهن جن جو ماڊل ايڊڪشن ٽريٽمينٽ اينڊ ري هيبليٽيشن سينٽرن (MATRSc) ۾ ڪاميابيءَ سان علاج ڪيو ويو ۽ 90 لک منشيات استعمال ڪندڙن لاءِ ان مرڪزن جو ڪل انگ 4 آهي، صورتحال جي حساسيت کي ڏسندي منشيات روڪ گادي واري هنڌ ۾ جديد ترين بحالي مرڪز تعمير ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي ۽ بعد ۾ ان ماڊل کي هر صوبي ۾ نقل ڪيو ويندو. هوڏانهن ان قسم جي خطرناڪ انگن اکرن سان اسان کي بحاليءَ جي مقصدن لاءِ  گهٽ ۾ گهٽ هڪ وارڊ وقف ڪرڻ ۽ منشيات جي مريضن جي علاج کي معمول تي آڻن لاءِ اسپتالن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي.

منشيات جي خلاف ان جنگ ۾ نه رڳو منشيات جي استعمال سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ خاندانن کي نقصان کڻڻو ٿو پوي بلڪه اينٽي نارڪو ٽڪس فورس جا هيروز به آهن، جيڪي ان ناسور جي اسمگلرن ۽ سپلاءِ ڪندڙن خلاف فرنٽ لائين تي جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ پنهنجون جانيون قربان ڪري چڪا آهن، ماضي ويجهڙ ۾ تفتان، بلوچستان جي ويجهو اسمگلرن خلاف آپريشن دوران اينٽي نارڪوٽڪس فورس ٿاڻي دالبدين جي ٻن اهلڪارن ڪانسٽيبل ڊرائيور امير نواز خان ۽ ڪانسٽيبل محمد ڪامران جام شهادت نوش ڪيوئ ٻيا ڪيترائي جوان آهن، جن اسان جي مستقبل لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن. هنن هن قوم کي ان حياتي کسيندڙ خطري کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي جان جي قرباني ڏني آهي ۽ پنهنجي پيارن کي ڏک ۾ ڇڏي ويا. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان انهن مسئلن کي سمجهون جيڪي منشيات سان لاڳاپيل آهن،  خاندانن کان وٺي ادارن تائين هر طبقي کي ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته اسان کي گڏيل طور تي منشيات جو مقابلو ڪرڻو پوندو. پنهنجي پيارن کي ان ڄار مان بچائڻ لاءِ ٽي قدم استعمال ڪريو، پهريون: تعليم منشيات جي استعمال سان جڙيل حقيقتون، انگ اکر ۽ اثر ٻڌايو، ٻيون آگاهي: هنن کي پنهنجي ڀرپاسي واري ماحول کان آگاهه رکو ۽ صحيح توڙي غلط جي فرق کان هنن جي مدد ڪريو، اسان جي نوجوانن لاءِ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته هر مقبول ڪلچر صحيح ”ڪلچر“ ناهي، آخر ۾ ريهيبليٽيشن؛ جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندي يا منشيات ڏانهن وڌندي ڏسو ٿا ته پهچو، ٻڌو، مدد ڪري ۽ سال سنڀال لهو، ان ماڻهن کي الڳ ٿلڳ نه ڪريو جيڪي زنده رهڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهن، انهن لاءِ ان ڏکي سفر کي سولو بڻايو. جيڪڏهن اسان سڀ قوم جي حيثيت سان اهو ڪم ڪريون ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي ان مصيبت مان بچائي انهن کي صحتمند ۽ منشيات کان پاڪ سماج فراهم ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن ان مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ منشيات استعمال ڪندڙن جي انگ ۾ لاڳيتو واڌارو رهيو ته منشيات جي اها جنگ باقي سمورين جنگين کي ختم ڪري ڇڏيندي ۽ اسان جي نوجوان نسلن کي کائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button