اسد عمر جي ان دعويٰ ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پرڏيهه علاج لاءِ موڪلڻ جو سو سيڪڙو فيصلو عمران خان ڪيو، جنهن اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو، ان ۾ هو پاڻ ته موجود هو. پران سان گڏ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا، توڙي جوان فيصلي سان سمورن اڳواڻن ۽ وزيرن کي اتفاق نه هو، پر عمران خان کي ئي فيصلو وٺڻو هو ۽ هن ائين ڪيو. اسد عمر جي ان دعويٰ جي جواب ۾ ڪيترن ئي سياسي تجزئي نگارن شڪ جو اظهار ڪيو. انهن جو چوڻ هو ته اسد عمر ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، پر ڪجهه اهڙا حلقا به آهن ته جيڪي اسد عمر جي ڳالهه تي ته شڪ ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته ان اجلاس ۾ رڳو هو اکين ڏٺو شاهد نه هو، پر ٻين کي به ان جي تصديق يا ترديد ڪرڻ گهرجي. پر ان دعويٰ مان لڳي ٿو ته عمران خان هينئر تائين، نواز شريف جي حوالي سان جيڪو موقف اختيار ڪندو رهيو آهي، هي ان جي به ترديد آهي. ان سان گڏ جن وزير اعظم جي ٽن اميدوارن جو ذڪر ميڊيا ۾ ٿي رهيو آهن، انهن ۾ اسد عمر به شامل آهي. هن جي جوڙ توڙ جو انداز گهڻن کان نه فقط مختلف پر خطرناڪ به آهي. سندس ان ڳالهه سان عمران خان جيڪو، ملڪي وهنوار کان لاڳيتو اڪيلو ٿي رهيو آهي، ان جي اڪيلائپ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو. هن جي انهن ڳالهين مان اهو تاثر به ملي ٿو ته اصل ۾ عمران خان جيڪو ڪجهه چوندو رهيو آهي، اهو درست نه هو. فواد چوڌري آن دي ريڪارڊ چئي چڪو آهي ته هو نوازشريف کي پرڏيهه موڪلڻ جو مخالف هو ۽ اها ميڊيڪل رپورٽ، جنهن جي پٺيان پنجاب جي صحت جي وزير ڊاڪٽر ياسمين ۽ خاص معاون ڊاڪٽر فيصل هو، ان تي به شڪ جو اظهار ڪيو هو. ڪجهه حڪومتي حلقن ته ميڊيڪل رپورٽ کي به هٿ ٺوڪي قرار ڏيندي هيءَ موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن نوازشريف ايترو ئي بيمار هو ته هن کي لنڊن جي ڪنهن اسپتال ۾ ڇو داخل نه ڪرايو ويو؟
اسد عمر جي بيان جو ٻيو مطلب هي ورتو پيو وڃي ته هن هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته موجوده حڪومت ايتري بااختيار آهي، جو اها سمورا فيصلا پاڻ ڪري ٿي ۽ ڪندي رهي آهي. حڪومتي بيانيي جي ابتڙ هي ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن ته ملڪ جي قسمت جا اهم فيصلا ڪرڻ جو اختيار عمران خان جو ناهي، پر اهي ٻيون قوتون آهن، جيڪي هن کي اقتدار ۾وٺي آيون، اهي ئي قوتون آهن، جن ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾عمران خان کي پاور ڪاريڊورز ۾ متعارف ڪرايو، پر انهن قوتن جو عمران خان جي مٿي تي هٿ گهڻو عرصو رهي نه سگهيو. هاڻ واڳ ڌڻين، جن کي اسٽيبلشمينٽ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ عمران خان جي وچ ۾ جنهن تڪرار ۽ اختلافن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، هن بيان کي ان روشنيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي. اها ڳالهه شايد کليل راز آهي ته عمران خان هن ملڪ جو ڪيترو بااختيار وزير اعظم آهي، هن جي فيصلن جي اهميت ته بعد جي ڳالهه آهي. هينئر تائين، جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو،ان پٺيان ڪي هٿ نظر ضرور آيا، پر هاڻ هي تاثر لاڳاتارملي رهيو آهي ته انهن قوتن، جن جو وزير اعظم کي آشيرواد حاصل هئي، اها نه رهي آهي. ان ڪري عمران خان جي نئين اميج بلڊنگ ٿي رهي آهي. هي سڀ تاثر آهن، حقيقتن سان انهن جو ڪو واسطو آهي يا نه، ان جي کوج لڳائڻي پوندي.
اها ڳالهه ته ڪنهن کان به ڳجهي ناهي ته عمران خان جي حڪمراني کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ جمهوري حڪومت طور قبول نه ڪيو ويو آهي، آمريڪي جيڪي جمهوريت جا سرٽيفڪيٽس جاري ڪندا آهن، انهن ته هن نظام کي هائبرڊ قرار ڏئي ڇڏيو هو ۽ جمهوريت بابت ڪانفرنس ۾ به عمران خان کي گهرائڻ جي تڪليف نه ڪئي وئي. اها سوچ موجوده آمريڪي صدر جو بائيڊن جي به آهي،ان سان عمران خان جي اميج کي تمام گهڻو ڌڪ رسيو. ان سان گڏ عمران خان، جنهن اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان بي تڪلفي سان ڳالهيون ڪيون پئي، ان جي واپسيءَ تي بيڪ فائر ٿيو، جيڪو، والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ پابندين جي صورت ۾ سامهون آيو. ان سان گڏ عمران خان کي موقعو به فراهم نه ڪيو ويو ته هو وضاحت ڪري ها ۽ هو آمريڪي صدر جي فون جو انتظار ڪندو رهجي ويو. عمران خان پنهنجي اميج کي پاڻ به خراب ڪيو، جنهن وقت هن دعويٰ ڪئي ته سندس حڪومت ۽اسٽيبلشمينٽ هڪ ئي صفحي تي آهن ۽ اهڙو مثال ان کان اڳ ڪڏهن به قائم نه ٿيو آهي، حڪومت جي مختلف وزيرن ۽ ترجمانن ان ڳالهه کي پنهنجو اعزاز سمجهيو ۽ ان سان گڏ وزير اعظم يا سويلين حڪومت جي اميج کي مسلسل خراب ڪيو ويو. جيڪي واڳ ڌڻي عمران خان کي اقتدار ۾ وٺي آيا، انهن ڪهڙي قسم جون چونڊون ڪرايون ۽ نتيجن جي حوالي سان هينئر به تڪرار موجود آهن، پر حڪومت ڪڏهن به پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش نه ڪئي، نه ئي وري پنهنجو آزادي سان تعارف ڪرايو. حڪومت جي اهڙي موقف سان نه فقط ملڪي نظام تي سوال اٿاريا ويا، پر مخالف ڌر به ان کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪيو، نتيجو اهو نڪتو ته موجوده حڪومت جي سمورن فيصلن تي سواليا نشان لڳايا ويا. هن عرصي دوران رهيل ڪسر وري ان وقت پوري ڪئي وئي، جڏهن اهم ادارن ۾ وردي وارن کي مقرر ڪيو ويو ۽ سويلين سپرميسيءَ جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو. ڪي حلقا ته اهو به چوندا رهيا ته اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ به ايترا آن ڊيوٽي ادارن جا سربراهه شايد مقرر نه ٿيا جيترا، عمران خان جي دور ۾ ٿيا. رڳو ايترو ئي نه ٿيو پر حڪومتي وزيرن چوڻ شروع ڪيو ۽ اها ڳالهه سينيٽ ۾ مملڪتي وزير علي احمد خان به چئي ته وردي وارن کي ادارن ۾مقرر ڪرڻ سان انهن جي پرفارمنس بهتر ٿي. ان کان اڳ ۾ملڪ جي اعليٰ عدالت پي آءِ اي جي چيئرمين جي مقرري کان اڳ ڪيترائي سوال اٿاريا هئا. عدالت فورسز جي عملدار کي ٻٽيون رعايتون ڏيڻ واري معاملي تي به اعتراض واريا هئا. ان جي باوجود طاقتور هجڻ سبب ان کي مقرر ڪيو ويو ۽ عدالت به ان مقرريءَ کي روڪي نه سگهي.
هاڻ جنهن وقت عمران خان جي خلاف صفبندي ٿي رهي آهي ۽ مخالف ڌر به اهو تاثر ڏئي پئي ته عمران خان جي مٿي تي جيڪو هٿ هو، اهو هٽي چڪو آهي، ان ڪري ان کي ڌڪي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏ حڪومتي صفن ۾ ڦڙڦوٽ نظر اچي ٿي، ڪجهه اهڙا پکي به اڏامڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن، جن کي حڪومتي صفن ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڪيو ويو هو. اهي توڙي جو مختلف سويلين ۽ نان سويلين حڪومتي بندوبست جو حصو رهيا آهن، ان جي باوجود هو ملڪ جي خرابين جو ذميوار اڳوڻن حڪمرانن کي قرار ڏيندا آهن. مخالف ڌر جي پوزيشن به ڪا بهتر ناهي، هڪ طرف پيپلز پارٽي پنهنجي ليکي الڳ لانگ مارچ جون تياريون ڪري پئي ته ٻئي پاسي وري مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم جي صفن ۾ اتفاق راءِ نظر نه پيو وڃي. هينئر ان ڳالهه تي سوچ ويچار هلي پئي ته ڪهڙي ريت عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪجي، ان سان گڏ ٽيسٽ ڪيس طور ڪجهه ٻين عهديدارن جي خلاف به ساڳي نوعيت جون رٿون آڻڻ گهرجن. گهٽ ۾ گهٽ ۾وزير اعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ تي ڪو اتفاق نه ٿيو آهي، پر قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف رٿن پيش ڪرڻ تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مخالف ڌر جي ٻنهي اهم ڌرين پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ وڇوٽيون جيئن جو تيئن موجود آهن. موجوده حڪومت جي خلاف سنجيده Move ان وقت سامهون ايندي، جڏهن سموريون ڌريون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين يا گهٽ ۾ گهٽ اشوز تي اتفاق ڪن. ان حوالي سان اها ڳالهه چوڻ ته پ پ پنهنجو لانگ مارچ ختم ڪري، پي ڊي ايم جو حصو ٿئي. اها خواهش ته سگهي ٿي، پر سنجيده عمل نه ٿيندو. جيڪڏهن مخالف ڌر جون ٻئي وڏيون پارٽيون فيصلو ڪن ته حڪومت خلاف مارچ ٻئي ٿيندا، جنهن ۾ خيرسگالي طور هو شريڪ ٿيندا ته ان سان به بهتر صورتحال ٿي سگهي ٿي ۽ اهو پيغام به ويندو ته ڌرين اختلافن جي باوجود حڪومت خلاف هڪ سوچ يا بيانيي جون حامي آهن. ان ڪري ان نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته اسد عمر ته عمران خان کي هڪ ئي وقت Expose ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن سان هو وڌيڪ اڪيلو به ٿي ويندو يا ائين چئجي ته عمران خان کي ڪجهه اشارن کانپوءِ De-Moralized ڪيوويو آهي، جنهن سان هو وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندو. جيڪڏهن واڳ ڌڻي به بول بچن ڏئي مخالف ڌر کي خوش ڪندا رهيا ۽ مخالف به وڇوٽين کي برقرار رکندا ته عمران خان جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري وٺندي ۽ نين چونڊن جو اعلان به ٿي ويندو. ڪي ڌريون سمجهن ٿيون ته واڳ ڌڻي، حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ ٻئي سان ڊاڪٽر ڊاڪٽر واري راند کيڏي رهيا آهن.