ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

“فلسفي جي تاريخ”- هڪ جائزو – I

Editorial-Article- Waheed Chandeo

وڏي عرصي کان سنڌي ٻولي ۾ شاعري، رومانوي ناول، ڪهاڻين ۽ سفرنامن کان ويندي تاريخ ۽ لطيفيات تي جهجهي مقدار ۾ ادب سرجندو رهي ٿو. پاڻ ان سوال تي بحث ڪونه ڪنداسين ته ڪيتري قدر معياري ۽ غير معياري ڪم ٿئي پيو. پر ٻه پاسا اهڙا آهن جن تي سنڌي ادب ۾ ڪم نه هُئڻ برابر ٿيو آهي، هڪڙو آهي سائنس (فڪشن ناول به ان ۾ اچي ٿو) ۽ ٻيو آھن فلسفياڻا موضوع. جيڪڏهن ڪو ڪم ٿيو به آهي ته، اهو ڊيفينيشن جي حد تائين يا فلسفين ۽ سائنسدانن جي زندگين تائين محدود رهيو آهي. ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ ته فلسفياڻن موضوعن کي پڙهڻ کان اڳ اهو طئه ڪيو وڃي ٿو ته فلسفو ڏاڍو ڏکيو موضوع آهي ان تي وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته ڪهاڻين کي لکجي ۽ ڪتابن جا ڍير لڳائي ڇڏجن. اهو واضح آهي ته فلسفي جي ڪتاب لکڻ لئه جيترو وقت گهربل هوندو آهي ان ۾ ڪيترائي ڪهاڻين ۽ شاعري جا ڪتاب لکي سگهجن ٿا، وري اھو به سمجهيو وڃي ٿو ته، فلسفي کي پڙهڻ وارا ٿورا ماڻهو آهن ۽ جيڪڏهن مارڪيٽ جي ٻولي ۾ چئجي ته “فلسفي جي موضوع جي گهٽ گهرج (Demand) آهي”، جيڪا ڳالھه بنھه درست ناهي. اڄُ جي نوجوان جو فلسفي ڏانهن لاڙو ڏسي سگهجي ٿو. اڄوڪو نوجوان شاگرد طبقو سائنس فڪشن ۽ فلسفياڻن موضوعن تي ڇپيل ڪتاب بڪ اسٽالن تي ڳولهيندو رهي ٿو.
ٻيو سبب اهو آهي ته سنڌي ادب ۾ اديبن جو ناني ويڙهو لڳو پيو آهي. جيڪي پڙھيل گهٽ، غير معياري ادب سرجن ٿا ۽ عالمي علمن کان بنهھ اڻ واقف آھن. ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته ھنن جي ڪري نوجوانن کي موقعا نه هُئڻ برابر آهن. جواز اهو ڄاڻايو ويندو آهي ته نوجوان طبقو پڙهي ڪونه ٿو، دراصل حقيقت اها آهي ته نوجوان طبقو انهن کان به وڌيڪ نه رڳو معياري ادب تمام گهڻو پڙهي ۽ سمجهي ٿو پر ھنن جي ڀيٽ ۾ بهتر لکي به رهيو آهي. نوجوان ليکڪن وٽ نه صرف پوري دنيا جي موجوده موضوعن جي باري ۾ سٺي ڄاڻ آهي پر هو انهن تي پنهنجا شاندار رايا ۽ مضمون به لکي رهيا آهن، جيڪي ناني ويڙهو بڻائي ويٺل اديبن کان وڌيڪ درست ۽ تز تجزياتي آهن. اها ڳالهہ به درگذر نه ٿي ڪري سگهجي ته سنڌي ادب ۾ نئين شئي، نوان موضوع، نيون سوچون ۽ نوان خيال نه اچڻ جو سبب اهو آهي ته لطيف ايوارڊ کان ويندي سنڌ جي ٻين اهم ايوارڊن جو سهرو پڻ انهن مٿان رکيو وڃي ٿو، جن نئين شئي ڏيڻ ته پري رهي پر اڳ ۾ ڪيل ڪمن جو به ٻيڙو ٻوڙيو آهي. مُدي خارج، روايتي ۽ بار بار ورجايل قصن، ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعرين تي مڃتا ايوارڊ ملڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته ساڳي قسم جي شين کي وري وري لکڻ جي رواج کي ھٿي ڏئي ڪري نون موضوعن ۽ خيالن بابت لکندڙ ليکڪن کي پٺتي رکڻ ۽ کين ڪوئي اتساهه نه ڏيڻ آهي. حقيقت ۾ هيئن هجڻ گهرجي ته فلسفياڻن ۽ سائنسي موضوعن تي لکندڙ دوستن کي جيڪڏھن اتساهه ڏنو وڃي ته اهي انهن موضوعن تي لکي ڪري سنڌي ادب ۾ شاندار واڌارن سان گڏوگڏ سنڌي سماج جي پٺتي پيل سوچ ۽ ترقي کي نوان خيال ۽ فڪر فراهم ڪري سگهن ٿا جن سان سنڌي سماج پنهنجن نون ۽ جديد خيالن جي وسعت کي نه صرف پهچندو پر سنڌي ادب ۾ نيون روايتون وجهندو جنهن جي ڪا به روايت نه هوندي پر هميشه نواڻ بخشيندو رهندو.
اها به حقيقت آهي ته فلسفياڻا موضوع جيتري قدر پيچيده ٿين ٿا اوترو ئي اُهي سنجيدگي ۽ ذميواري سان لکڻ ۽ سمجهائڻ جو ڪم ڀائنجن ٿا.

فلسفي بابت مختلف رايا، تاويلون ۽ تعريفون لکيون ويون آهن ۽ لکجن پيون. ليکڪ هن ڪتاب ۾ فلسفي بابت ڀاڱي پهرين جي باب نمبر ٻي جي صفحي نمبر پنجاهه ۾ شاندار راءِ رکي آهي:
“ڏاهپ سان اسان جي سٻنڌ جي طويل تاريخ آهي. فلسفو يعني ڏاهپ سان پيار the love of wisdom سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ ان کي درسنا يا درشن (Seeing) چيو ويندو آهي. يعني سچ کي ڏسڻ seeing the truth. ڏاهي ارسطوءَ جي نظر ۾، سچ کي هن ريت پرکي سگهجي ٿو.
“The function of an eye is to see. It has not fully realized its form and actuality unless it is seeing”.
“اک جو ڪم ڏسڻ آهي. اها ايسيتائين پوريءَ ريت ان جي هيئت ۽ حقيقت نه ٿي پسي، جيسيتائين اها ڏسڻ جي عمل مان نه ٿي گذري”.
وڌيڪ اهو ته فلسفي جي معنيٰ آهي علم، سچائي ۽ وجود جي بنيادي نوعيت جو اڀياس ڪرڻ. اهڙيءَ طرح ڏاهپ انسان ۾ فڪر جي روشني ۽ سوچَ جي سرهاڻ پيدا ڪري ٿي”.

فلسفي جي هن قسم جي تشريح کان پو پڙهندڙ لا آساني ٿيندي ته هو ڇا پڙهي رهيو آهي ۽ هِن موضوع کي پڙهڻ جو مقصد ڪهڙو آهي ۽ اهو مقصد ڪهڙيءَ ريت حاصل ڪري سگهجي ٿو.
اُن ڏس ۾ تازو سنڌ يونيورسٽي فلسفي شعبي جي استاد ۽ سنڌي ادب سان تمام گهڻي وقت کان لاڳاپيل سائين نويد سنديلو صاحب جن جو روشني پبليڪيشن طرفان فلسفي جي موضوع تي “فلسفي جي تاريخ” نالي ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چُڪو آهي. 386 صفحن تي ٻڌل هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۽ چوڏهن بابن ۾ ورهايل آهي. ڪتاب جو مهاڳ هڪ ٻي فلسفي جي استادَ سائين راشد دائودپوٽي لکيو آهي. ڪتاب به فلسفي جي موضوع تي ۽ سنڌي ادب کي هي شاهڪار ڏيندڙ به فلسفي جو استاد ۽ مهاڳ لکندڙ به فلسفي جو استاد ڪيڏو نه ڪمال جو ڳانڍاپو آهي. يقينن اهو ڳانڍاپو پڙهندڙن کي بيحد پسند ايندو.
مون ٻه ڏينهن پهرين سائين جو ڪتاب پڙهي پورو ڪيو آهي. ٻن ڏينهن کان ويٺو سوچان ته سنڌي ادب ۾ هن شاهڪار واڌاري تي مان پنهنجي ڪهڙي را ڏيان. يقينن مان جڏهن هي تجزيو لکڻ لڳو آهيان ته مونکي فخر به محسوس ٿي رهيو آهي ته خوشي به. فخر ان ڳالهه جو ته مان سائين نويد سنديلي جو فلسفي ۾ شاگرد رهيو آهيان ۽ خوشي ان ڳالهه جي ٿي رهي آهي ته پنهنجي استاد جي ڪتاب تي تبصرو لکي رهيو آهيان.
هِن ڪتاب جي خاصيت اها آهي ته هي سنڌي ادب جو فلسفي جي موضوع تي اهو واحد اڪيڊمڪ ڪتاب آهي جيڪو ايترو سليس لکيو ويو آهي. ٻن ڀاڱن ۾ انيڪ پهلوئن تي لکيو ويو آهي. فلسفي جي شعبي ۾ جيڪي شيون اسان پڙهيون يا جيڪي ڪتاب اسان کي پڙهڻ لا ٻڌايا ويا اهي ستر سيڪڙو انگريزي هئا ۽ ستاويهه کان اٺاويهه سيڪڙو اردو. مطلب ته جن دوستن جي اردو ۽ انگريزي سٺي نه هُئي اهي فسلفو شعبو اهو چئي ڇڏي ويا ته اسان کي ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. اهي درست هئا ڇاڪاڻ ته دنيا جا ڪيڏا به سولا يا ڏُکيا موضوع هجن اهي سڀ کان پهرين انسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ سمجهندو، سوچيندو ۽ لکندو آهي. بعد ۾ هو ٻين ٻولين ڏانهن رجوع ڪندو آهي اهو به پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمي سان گڏ سکڻ ۾ سولائي محسوس ڪندو آهي. انڪري ئي ته استادن جي ضرورت پوندي آهي. ان ڏس ۾ اڪيڊمڪ شاگردن کان ويندي ادب پڙهندڙن لا پڻ هي ناياب تحفو آهي جنهن کي سٺي موٽ ملڻ کپي ۽ پنهنجي علم ۾ واڌارو ڪرڻ سان گڏوگڏ فلسفي جهڙي شاهڪار موضوع کي سمجهڻ ۽ پرکڻ کپي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button