ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي ڌمڪي

Editorial-Article-Akhtar Hafeez عمران خان جي ڌمڪي

نواز شريف کي جڏهن هڪ سازش تحت اقتدار مان ڪڍيو ويو ته هن جي زبان تي هڪڙو ئي سوال هو ته “مجهي ڪيون نڪالا”. کيس اقتدار کان پاسيرو ڪرڻ لاءِ 2014ع ۾ سازش شروع ٿي وئي هئي پر پيپلز پارٽي ان وقت نواز شريف جو ساٿ ڏنو ته نواز ليگ جي حڪومت بچي وئي ۽ پوءِ پيپلز پاڻ ئي نواز شريف جي پٺيءَ ۾ ان وقت ڇرو هنيو هو، جڏهن بلوچستان جي صوبائي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ “ڪمپني بهادر” لاءِ نواز شريف کي اقتدار تان هٽائڻ سولو ٿي ويو. مٿان وري پاناما پيپرس ۾ سندس نالو اچي ويو، جنهن ڪيس ۾ جسٽس ثاقب نثار جهڙا ماڻهو قانون کي پاسيرو رکي فيصلو ڪرڻ جو طئي ڪري ويٺا هئا ته پوءِ نواز شريف لاءِ بچڻ بنهه گهڻو ڏکيو ٿي پيو هو.
پر خير نواز شريف نا اهل ٿي ويو، اقتدار به وڃائي ويٺو ۽ هاڻ ملڪي اقتدار بظاهر عمران خان نيازيءَ جي هٿن ۾ آهي پر هن کي جيڪي سهولتون اڳ مليل هيون، انهن لاءِ چيو پيو وڃي ته هاڻ ڪونه پيون ملن ۽ سندس لاءِ رستا سوڙها ٿي رهيا آهن. ٻه ڏينهن اڳ جيڪي بيان عمران خان نيازيءَ جا سامهون آيا آهن، انهن کي پڙهي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هن جي خلاف گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، تنهنڪري هو جيڪي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي بظاهر ته انهن ۾نالو هو اپوزيشن جو استعمال ڪري رهيو آهي پر اصل نياپو “ڪمپني بهادر” کي ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن هن کان اقتدار ڦريو ويو ته هو کين اهڙو خوار ڪندو جو راڄ ڏسندا.
اقتدار کان ڌار نه ٿيڻ واري هي ساڳي نفسيات آهي، جيڪا دنيا جي مسلم حڪمرانن ۾ ڏٺي وڃي ٿي، جيئن ته اهي پنهنجي مزاج ۾ گهڻي ڀاڱي غيرجمهوري هوندا آهن ۽ بادشاهي حڪومتي نظام جا حامي هوندا آهن، ان ڪري انهن لاءِ اقتدار کان ڌار ٿيڻ بنهه گهڻو ڏکيو هوندو آهي. عمران خان نيازي اپوزيشن ۾ رهندي اهو چوندو هو ته هن جي خلاف جيڪڏهن ڪجهه هزار ماڻهو به احتجاج ڪن ته هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو پر هاڻ جڏهن سندس حڪومت گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ هڪ ناڪام حڪومت ثابت ٿي آهي ته هو اقتدار کان پاڻ کي ڌار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ان جو سبب اهو آهي ته هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن هن کان اقتدار هليو ويو ته هن جي ڪا حيثيت نه رهندي ۽ ايندڙ وقت ۾ هو وري ڪڏهن ملڪ جو وزير اعظم نٿو ٿي سگهي.
معاملو رڳو بدترين انتظامڪاريءَ جو ناهي پر ان معاشي بحران جو آهي، جنهن کي هاڻوڪي حڪومت حل ڪري نه سگهي آهي ۽ ان بحران کي حل ڪرڻ هاڻُوڪي حڪومت جي وس جي ڳالهه به ناهي. تنهنڪري “ڪمپني بهادر” به اهو آزمائي ڏٺو آهي ته جيڪڏهن سڀاڻي ملڪ ۾ پئسو ئي نه رهندو ته ان جا ٺٺ ٺانگر به نه رهندا ۽ جڏهن ناڻو ئي نه هوندو ته اها پوءِ عوام جي حاڪم ڪيئن ٿي سگهندي.
وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب رات جو ننڊ ناهي ايندي، مهانگائي سبب راتين جون راتيون جاڳندو آهيان. آئون حڪومت ۾ هوندي خاموش آهيان پر حڪومت مان نڪري ويس ته اڃا خطرناڪ هوندس. هن سڌي ريت عوام جون ٽيلي فون ڪالز ٻڌيون ۽ مختلف سوالن جا جواب ڏنا. ان دوران مهانگائي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب رات جو ننڊ ناهي ايندي، مهانگائي سبب راتين جون راتيون جاڳندو آهيان. سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي، موجوده مهانگائي جي لهر ڪورونا سبب آهي. ڪورونا سڄي دنيا ۾ تباهي آندي، دنيا ۾ تاريخي مهانگائي آهي. اسان کان امير ملڪ به مهانگائيءَ جي وڪڙ ۾ آهن. لائيو ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جڏهن رپئي تي بار پوي ٿو ته اسان جيڪا درآمد ڪريون ٿا اها مهانگي ٿي وڃي ٿي. اسان جي دور ۾ ته غربت ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته ڪورونا جي سبب سڄي دنيا سپلاءِ بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. برطانيا جي سالياني آمدني پاڪستان جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو وڌيڪ آهي پر اتي به خوراڪ جو بحران آهي. وزيراعظم چيو آهي ته جاپان ۾ مهانگائيءَ جو 20 سالن جو رڪارڊ ٽٽو آهي. فرانس 13 سالن کان پوءِ تمام وڏي شرح آهي. جرمنيءَ ۾ مهانگائي جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽثي ويو آهي. يورپ ۾ به 30 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي وڌي وئي. وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پگهاردار طبقي کي متاثر ڪيو آهي. پگهاردار طبقي جي مدد لاءِ راشن پروگرام کي وڌائينداسين، هاڻي ٽيڪس وصولي وڌي رهي آهي عوام جي مدد ڪنداسين. عمران خان چيو ته ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ 980 ارب رپين جو منافعو ٿيو آهي. ملڪ جي وڏن واپارين سان ملاقات ڪري کين ملازمن جون پگهارون وڌائڻ لاءِ چوندس. ڪارپوريٽ سيڪٽر کي گهرجي ته پنهنجي ملازمن جون پگهارون وڌائي، توهان هر وقت ڪنهن کي چريو نٿا بڻائي سگهو. وزيراعظم اپوزيشن کي به خبردار ڪيو آهي ته حڪومت مان نڪري ويس ته اڃا وڌيڪ خطرناڪ هوندس ۽ اپوزيشن کي لِڪڻ جي جاءِ نه ملندي.
عمران خان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته انتظار ڪري رهيو آهيان ته توهان پاڪستان اچو، وڏيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ڊيل ٿي وئي. چون ٿا اڄ ايندو سڀاڻي ايندو، دعا ٿو ڪيان ته اڄ ئي لنڊن مان اچي وڃي. سڄو ٽولو لنڊن ڀڄي ويو آهي، ڪو پولو کيڏي رهيو آهي ته ڪو وڏين گاڏين ۾ گهمي رهيو آهي. ايترو پئسو ته برطانيا جي رائل فيملي به خرچ ناهي ڪندي. اپوزيشن اين آر او لاءِ بليڪ ميل ڪري رهي آهي. پرويز مشرف مارشل لا کان وڌيڪ انهن ٻن خاندانن کي اين آر او ڏئي وڏو ظلم ڪيو، انهن ٻن خاندانن کي اين آر او ڏيڻ سڀ کان وڏي غداري هوندي. شهباز شريف کي ڏوهاري سمجهان ٿو، عدالتون هن جا ڪيس روزاني جي بنياد تي هلائين. هن سان هٿ ملائڻ به غداري آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي پارٽي هيءَ حڪومت ۽ ايندڙ مدو به پورو ڪندي. عوام توهان سان گڏ ان ڪري ناهي نڪرندو، ڇو ته توهان چوري بچائڻ لاءِ نڪرندا آهيو. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتيءَ سان مخالف ڌر پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ نه ٿي ڏئي، ايوان ۾ اين آر او جو ڪرائوڊ ويٺو آهي، اتي ڳالهائي نٿو سگهان. هن وڌيڪ چيو ته گئس جو بحران به اچڻ وارو آهي، گئس جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن. بلوم برگ موجب گئس جي کوٽ کانپوءِ کاڌ خوراڪ جو به بحران پيدا ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 8 ارب ٽيڪس گڏ ڪري ڏيکاريندس. 30 لک گهر ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن.
جيڪڏهن عمران خان نيازيءَ جي سمورين ڳالهين جو جائزو وٺجي ته خبر پوي ٿي هو پاڻ به اهو محسوس ڪري رهيو آهي ته هن وٽ هاڻ گهڻو وقت ناهي بچيو. هن وقت تائين پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته عدم اعتماد واري رٿ ڪڏهن آڻڻِي آهي، جنهن ڏينهن اهو طئي ٿي ويو ته پوءِ عمران خان نيازيءَ کي گهر وڃڻ ۾ گهڻي دير نه لڳندي. عمران خان نيازيءَ جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا آهن، اهڙا اشارا شيخ رشيد به ڏيندو رهيو آهي، جيڪو شايد ايندڙ وقت ۾ سياست تان هٿ کڻي وڃي.
ملڪي تاريخ اهو ٿي ٻڌائي ته جڏهن ڪو ماڻهو اقتدار ۾ نه رهندو آهي ته ان جي حيثيت هڪ عام ماڻهوءَ جهڙي ٿي ويندي آهي، جيڪو ڀلي ڪهڙيون به ڳالهيون ٻڌائيندو هجي پر ماڻهو ان ڏانهن ڌيان ڪونه ڏيندا آهن. عمران خان نيازي سڀاڻي جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهيون ٿو ٻڌائي ته ان کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهيون هو ماضي ۾ ڪندو رهيو آهي. سندس ڪتاب ۾ به گهڻو ڪجهه لکيل آهي. جڏهن هن سان پنهنجا وزير مشير ئي ڪونه بيٺل هوندا، ميڊيا ڪانه هوندي ۽ عوام نه هوندو ته هو ته جنهن خطري جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ان جي ڪا اهميت به نه رهندي. ان ڪري اقتدار کان ڌار جو ٿيڻ جو حوصلو وڏن ماڻهن ۾ هوندو آهي.
عمران خان نيازي آمريت وسيلي اقتدار هلائيندڙ سڀني آمرن کان وڌيڪ طاقتور ناهي. جڏهن اهي اقتدار کان ڌار ٿي ويا ته انهن جي زندگي ڪهڙي گذري رڳو ان تي کيس غُور ڪرڻ گهرجي. اقتدار ۽ اختيار جي کسجي وڃڻ کان پوءِ هڪ حاڪم جڏو هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button