ٽنڊوالهيار واري واقعي تي اهي مڇ مڙي آيا آهن، جن سدائين نفرت جي سياست ڪئي آهي. جن ماڻهن کي ملايو ناهي. جن ماڻهن کي ورهايو آهي. جن ماڻهن کي پرچايو ناهي. جن ماڻهن کي ويڙهايو آهي. انهن ڌرين صرف ۽ صرف دهشت سان ماڻهن کي پنهنجي اشاري تي هلايو آهي. انهن انسانن کان احساسن ۽ جذبن جون صلاحيتون کسي انهن کي هڪ اهڙو روبوٽ بڻائي ڇڏيو، جيڪو روبوٽ پستول جي ريموٽ تي هلندو آهي.
فاشي فطرت واري سياست سنڌ کي ڪيترو نقصان پهچايو آهي؟ حساب ڪندي به هٿ ڏڪن ٿا. اها انسانن جي قاتل سياست صرف سنڌ جي لاءِ زهر قاتل نه رهي آهي پر ان انسانيت جي وجود مٿان جيڪي وار ڪيا آهن، انهن جي تفصيل تمام ڊگهي آهي. اها دهشت جي سياست هئي. ان نوجوانن کي دهشتگرد بڻايو. ان مائرن کان ڳڀرو پٽ کسيا. ان ڀينرن جا ڀائر ۽ نارين جا سهاڳ لٽيا. انهن ٻارن کي يتيم بڻايو. ان جي ڏوهن جي لسٽ وڏي آهي. جڏهن سياست جي بي لڄي ليبارٽريءَ ۾ انهن کي وجود ۾ آڻڻ وارن انهن کي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪيو ته سنڌ سميت سموري ملڪ جي پرامن انسانن سک جو ساهه کنيو پر اسان کي سمجهڻ گهرجي ته هيءَ جنوني جنس سائنس فڪشن تي جڙيل هالي ووڊ جي مشهور فلم “ٽرمينيٽر” جهڙو مزاج رکي ٿي. هن سياست جا ٽٽل ٽڪرا وري پاڻ ۾ ملڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن دهشت جو ٻيو پارٽ پيش ڪري سگهن.
ٽنڊوالهيار ۾ قتل ٿيل ڀولو خانزادي جو خون ڪهڙين حالتن ۾ ٿيو؟ ان جو پسمنظر ڪهڙو هو ۽ ان جا سبب ڇا هئا؟ ان تي صاف شفاف عدالتي تحقيق ٿيڻ گهرجي. ان ۾ جيڪو به ملوث هجي، ان کي قانون ۽ انصاف جي مطابق سزا ملڻ گهرجي پر جهڙي طرح هڪ اردو ڳالهائيندڙ شخص جي خون کي لساني جهيڙي ۾ تبديل ڪرڻ جي شيطان گيري ٿي رهي آهي، اها سنڌ جي امن ۽ سلامتيءَ جي لاءِ هڪ تمام وڏو خطرو آهي. هر عقل وارو انسان سمجهي ٿو ته ڪنهن کي ڀولو خانزادي جي ڪاڻ ڪونهي. اصل ۾ اليڪشنون ويجهيون آهن. انهن ڌرين سدائين پنهنجي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙ آباديءَ کي آئسوليٽ ڪري ۽ انهن ۾ عدم تحفظ جو احساس ڀري، انهن کي بند گهٽيءَ ۾ بيهاري انهن کان ووٽ ورتا آهن، هن ڀيري به ان ساڳئي طريقه واردات جي مٿان عمل ٿي رهيو آهي. هن ڀيري به سنڌ امڙ جي ٻن ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. ان سازش ۾ هڪڙن کي ته ووٽ ملندا ۽ ووٽن کان پوءِ نوٽ ملندا پر ٻين کي لهوءَ ۾ لويل لاشن کان سواءِ ڇا هٿ ايندو؟ هن وقت سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي تمام تيزيءَ سان حرڪت ۾ اچڻ گهرجي ۽ هر ان سازش جو ڄمي مقابلو ڪرڻ کپي، جيڪا پنهنجن نيچ مفادن جي لاءِ معصوم انسانن جو رت هارڻ ۾ تر جيترو به نه ٿي ڪيٻائي.
سنڌ ۾ جڏهن به سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي وچ ۾ ڪوئي ٽڪراءُ ٿيو آهي ته ٻنهي ڌرين جو نقصان ٿيو آهي ۽ اهو مجموعي طور تي سنڌ جو نقصان هوندو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ۽ پوري دنيا جي تاريخ اسان جي آڏو آهي ته جڏهن به ڪنهن جاءِ تي گهرو ويڙهه ٿيندي آهي ته اشراف انسان ماٺ ٿي ويندا آهن ۽ معاشري جا منفي ڪردار، ڏوهاري ۽ مجرم هيرا بڻجي چمڪڻ لڳندا آهن. هن وقت به اهو ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، جنهن جو سنڌ کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ ٻيئي ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي معلوم آهي ته ڀلي ڪيترو به خون وهي ۽ ڀلي ڪيتري به باهه ٻري پر ان ويڙهه مان معاشري ۾ امن انصاف جي ڪا واٽ نه نڪرندي.
انسانن تاريخ ۾ سدائين هڪ پرامن سماج کي سرجڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هزارن سالن جي جنگ ۽ جهيڙي جو نتيجو اهو نڪتل آهي ته جيستائين ڪنهن سماج ۾ قانون ۽ انصاف جو پرچم بلند نه ٿو ٿئي، تيستائين اهو معاشرو پرامن نه ٿو بڻجي سگهي. هونءَ به انسان پنهنجي هٿ ۾ هٿيار ان وقت کڻندا آهن، جڏهن انهن کي محسوس ٿيندو آهي ته انهن لاءِ قانون حرڪت ۾ نه ايندو ۽ انهن سان انصاف نه ٿيندو. جڏهن به ڪنهن سان ناانصافي ٿئي ۽ نظام هن کي نياءُ نه ڏئي سگهي ته ان ماڻهوءَ جو هٿ هٿيار طرف وڌندو آهي. ان ڪري اسان جي ملڪ جي عدليا کي به اهڙين حرڪتن تي نظر رکڻ گهرجي. اهي تمام خطرناڪ سازشون آهن. اسان پنهنجي ڌرتيءَ جي ويجهي تاريخ ۾ به اهو ڏٺو آهي ته جڏهن انسانن کي انسانن جي خلاف نفرت سان ڀريو ويندو آهي، تڏهن ماحول ۾ انسان دشمن ڌپ وڌي ويندي آهي ۽ ان سبب ڪنهن به وقت ڪنهن به ننڍڙي ڪارڻ ڪري وڏو خلم مچي پوندو آهي. ان صورتحال ۾ تمام گهڻي احتياط جي ضرورت هوندي آهي.
اسان جي پريشاني ان مهل شدت اختيار ڪري وٺي ٿي، جڏهن اسان ڏسون ٿا ته ماحول ۾ چالاڪ ڪردار معصوم ماڻهن کي ڀڙڪائڻ لاءِ ڦوڪون ڏئي رهيا آهن. انهن ڪردارن جي مٿان ڪنهن به قسم جو ايڪشن نه ٿو کنيو وڃي. ڇا انهن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي ته هو جيڪو ڪجهه چاهن، اهو ڪجهه ڪن. انهن مٿان ڪنهن به قسم جي ڪا جهل پل نه هجي. ماڻهو هڪڙن جو مئو آهي ۽ تئو ٻين کي ٿيو آهي. ڪراچي ۽ ٽنڊوالهيار جي وچ ۾ معاشرتي تضاد جي حوالي سان تمام گهڻو فاصلو آهي. ٽنڊوالهيار توڙي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ اردو آباديءَ جي انسانن کي سمجهڻ گهرجي ته انهن جا اصل مفاد انهن ماڻهن سان آهن، جيڪي انهن سان ساڳين شهرن ۽ ساڳين پاڙن ۾ گڏ رهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جو پراڻو پهاڪو آهي ته “پاڙو ابو امان ٿيندو آهي” پاڙي ۾ جيڪي ماڻهو گڏجي رهندا آهن، انهن جا ڏک سک ساڳيا هوندا آهن. ساڳين ڏکن سکن سبب انهن جي وچ ۾ فطري محبت پيدا ٿيندي آهي. ان گڏجي رهڻ واري ماحول جي محبت ڀري منظرڪشي ڪندي لطيف سائين لکيو آهي ته:
“گڏ جت گذران هو، جڙ لڳي تنهن جاءِ”
جن انسانن ساڳين شهرن ۾ جنم ورتو آهي. جن انسانن ساڳي مٽيءَ تي هلڻ سکيو آهي. جيڪي انسان ساڳين گهٽين ۾ گهميا آهن. جيڪي انسان مرڻ کان پوءِ ساڳي مٽيءَ ۾ مليا آهن. انهن انسانن جي وچ ۾ جيڪو به ويڇا وڌائي ٿو، اهو دشمن آهي، امن جو، انصاف جو ۽ انسانيت جو!
سنڌ تمام گهڻن حوالن سان تمام گهڻو ڀوڳيو آهي. سنڌ ڪڏهن صحت ۽ تعليم توڙي خوشحاليءَ ۾ ملڪ جي ٻين صوبن کان اڳتي هئي، هاڻي پوئتي پئجي وئي آهي. سنڌ جي مٿان گهڻ طرفا گهيرا ٿيا آهن. سنڌ جي مٿان تمام گهڻا حملا ٿيا آهن. سنڌ جي خلاف تمام گهڻيون سازشون ٿيون آهن. سنڌ جي مستقل آباديءَ جي ٻن حصن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ سڀ کان وڏي سازش رهي آهي. اها سازش هن مهل تائين هلي رهي آهي. وقت جڏهن تمام گهڻين ڪوششن کان پوءِ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي ويجهو آڻي ٿو ته فرق وجهي فائدو وٺندڙ سازشي تمام گهڻي تحرڪ ۾ اچي وڃن ٿا ۽ هو سنڌ ۾ پيدا ٿيل امن ۽ ڀائيچاري خلاف سازشون ڪن ٿا. ان جي نتيجي ۾ سنڌ سورن ۾ پئجي وڃي ٿي. اهو ڪو ادبي ابهام ناهي ته سنڌ جو تمام وڏو سور ان جي اولاد وچ ۾ ويڇا وجهڻ وارو عمل رهيو آهي. هن وقت به ان قسم جون حرڪتون ٿي رهيون آهن. هن وقت به لساني سياست سان لاڳاپو رکي غريب پاڙن مان امير محلن ۾ شفٽ ٿيندڙ لساني ليڊر خانزادي ڀولو جي لاش مٿان ڳجهن وانگر لامارا ڏيندا لهي آيا آهن. انهن کي ته ان قسم جو ڪو به بهانو گهرجي. انهن جي سياست امن جي حالتن ۾ مڏي ۽ مدي خارج ٿيندي ويندي آهي. انهن جي لاءِ اهڙا واقعا پنهنجو شرمناڪ واپار وڌائڻ جا بهانا هوندا آهن. اهي شيطان صفت ماڻهو هن مهل به هر قسم جي ميڊيا کي استعمال ڪري سنڌ جي فضائن ۾ هڪ قسم جو اشتعال پيدا ڪري رهيا آهن. انهن جي سازشن کي ختم ڪرڻ جو ذمو رياست ۽ ان جي ادارن مٿان آهي. پر جڏهن اسان کي سازشي سياست جو پيرو کڻڻ کان پوءِ اهو پتو پوي ته ان قسم جي ڪڌن ڪمن ۾ اهڙا ڪردار به ملوث رهيا آهن، جن جو ادارتي فرض امن قائم ڪرڻ هو ته اسان جي تشويش تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي.
سنڌ پنهنجي حصي جو سبق حاصل ڪيو آهي. سنڌ کي معلوم آهي ته گهر ۾ جهيڙو ڪيترو نه نقصانڪار هوندو آهي. پاڪستان جي ٻي ڪنهن به صوبي ۾ مستقل آبادين وچ ۾ ڪڏهن به ايتري رتوڇاڻ نه ٿي آهي، جيتري سنڌ ۾ ٿي آهي ۽ هن مهل به ان ساڳي سازش جي باهه کي ڀڙڪائڻ جي لاءِ ساڳيون حرڪتون ٿي رهيو آهن. سنڌ جي امن کي نفرت جي باهه ۾ ساڙڻ جي سازش هر ڏينهن نوان بهانا تلاش ڪري رهي آهي. هن مهل ڀولو خانزادي جي خون تي نفرت جي سازشي سياست چمڪائڻ جون ڀرپور تياريون ٿي رهيون آهن. سنڌ ماضيءَ جي تلخ تجربن سبب تمام گهڻو گهٻرائي رهي آهي ۽ سنڌ کي ان سلسلي ۾ گهٻرائڻ به گهرجي. ڇو ته هي تمام گهڻو حساس معاملو آهي. هن قسم جي ماحول کي لساني ٽڪراءَ جو رنگ ڏئي وڌيڪ خون وهائڻ وارو عمل اسان پنهنجي آس پاس ڏسندا رهيا آهيون ۽ اهو هن وقت تمام تياري سان عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش جاري آهي. ان حوالي سان هي تمام گهڻي تشويشناڪ ڳالهه آهي. جيڪڏهن ان سازش کي ڪچيءَ ۾ نه نهوڙيو ويو ته پوءِ پڪي ٿيڻ بعد اها مشڪل سان قابوءَ ۾ اچي.
ٽنڊوالهيار ۾ خانزادي ڀولي جي خون جي اصل حقيقت سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۽ ان سلسلي ۾ مڪمل طور تي پرامن انصاف جي لاءِ عدالتي ڪميشن جڙڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به سازشيءَ کي اها باهه مچائڻ جو موقعو نه ملي، جنهن ۾ تمام گهڻيون زندگيون سڙي رک ٿيون آهن ۽ جنهن کي وسائڻ لاءِ تمام گهڻا وس ڪيا ويا آهن. هن مهل ان وساميل باهه کي ڦوڪون ڏئي وري ڀڀڙ ڀڙڪائڻ جون جيڪي به ڪڌيون ڪوششون ٿي رهيون آهن، انهن جي خلاف وقت وڃائڻ بغير ايڪشن کڻڻ تمام ضروري آهي. هن وقت ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. ڪجهه ڪرڻ حسرت ڀريا هٿ مهٽڻ کان بهتر آهي.