هي ڪتاب انڪري تمام گهڻو اهميت جوڳو آهي جو هن ڪتاب کان پهرين اسين جڏهن يونان جي فلسفي تي ڪتاب پڙهيا آهن ته اهي شروع ئي ٿاليس کان ٿين ٿا ۽ اُتي هڪ سوال اڀري ٿو ته ٿاليس کان اڳ ۾ ڇا هيو؟ ان وقت يونان جون ڪهڙيون سياسي سماجي ۽ معاشي حالتون هيون. اهي ڪهڙا سبب هُئا جن جي ڪري ٿاليس جي دماغ ۾ اهو خيال آيو ته دنيا پنهنجو پاڻ وجود ۾ آئي آهي ۽ اها هميشه کان وجود ۾ هُئي ۽ هميشه رهندي.
ان ڏس ۾ پهريون ڀاڱو قديم دور تي مشتمل آهي جنهن ۾ يوناني ڏند ڪٿائن کان ويندي مذهبي روايتن سان گڏوگڏ يونان ۾ ادبي روايتن تي پڻ جامع ۽ بهترين لکيو ويو آهي. جن کي پڙهڻ کان پو پڙهندڙ کي خبر پوندي ته ان قديم دور ۾ ٿاليس جي ذهن ۾ اهي ايڏا وڏا سوال ڪيئن اڀريا.
ڀاڱي پهرين جي باب نمبر ٻي ۾ فلسفي جي مختلف شاخن:
1) مابعد الطبعيات يا مادي دنيا کان ماورا (Metaphysics).
2 منطق Logic.
3 اخلاقيات. Ethics
4 سياسيات Politics
5 علميات Epistemology
6 جماليات يا سونهن شناسي Aesthetic.
مٿي ڄاڻايل فلسفي جي سڀني شاخن تي جامع ۽ شاندار سادي ۽ فهم ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، جيئن اڪيڊمڪ فلسفي جي شاگردن کان ويندي عام پڙهندڙن کي به سمجهڻ ۾ ڪائي تڪليف نه ٿئي.
ٻه شيون مونکي بيحد وڻيون ۽ جن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي هڪ ته جماليات جي جڳهه تي سائين نويد پاران لکيل سونهن شناسي لفظ مونکي بيحد پسند آيو ۽ ٻيو ته ماليشيائي اسڪول اڳيان سائين پاران لکيل لفظ علمي پرڀات. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اها علمي پرڀات ئي هُئي جنهن نه صرف يونان کي پر پوري دنيا کي فلسفي جهڙي سدا حيات روشني فراهم ڪئي ۽ انهي روشني جُڳَن جون اونداهيون ختم ڪري ڇڏيون. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن سنڌي ٻولي ۾ جماليات جي جڳهه تي سونهن شناسي لکيو پڙهيو ۽ چيو وڃي ته وڌيڪ بهتر ۽ سٺو آهي.
پهرين ڀاڱي جي باب ٽين کان وٺي اٺين باب تائين هن ڪتاب ۾ ماليشيائي مڪتب Malitus school of thought، پيٿاگوريئن مڪتب فڪر Pathagorean school of thought، ايليٽڪ مڪتب فڪر Eliatic school of thought، هيراڪلائيٽس Philosophy of Heraclitus جوهري مڪتب فڪر Atomists school of thought تي جامع ۽ سرسري نظر وڌي وئي آهي جن تي پڻ سنڌي ادب ۾ ايترو نه لکيو ويو آهي.
ڀاڱي ٻي ۾ ڪلاسيڪي دور تي بحث ڪيل آهي. جن ۾ سوفسطائي دور، سقراط ۽ سقراط کان بعد جو دور اچي وڃي ٿو.
ڏهين باب ۾ فلسفياڻي تاريخ ۽ خاص ڪري سقراط کان بعد واري سموري دور تي اڻ مِٽِ نقش چٽيندڙ فيلسوف استاد سقراط تي جامع ۽ سولي نموني سندس فلسفو، خيالَ، سوچَ ۽ سندس فلسفياڻي سقراطي طريقيڪار Socrates method تي ليکڪ پاران لکڻ جي هڪ شاندار ڪوشش ڪئي وئي آهي.
سقراطي طريقيڪار جنهن کي سقراطي جدليات Socrates dialectics به چيو وڃي ٿو. ان تحت سقراط سوال پڇندو هيو ۽ جواب ٻڌي ڪري هڪڙو الڳ سوال ڪري ڇڏيندو هيو جنهن سوال کي ٻڌي ۽ پهرين سوال جي باري ۾ سوچي ڪري جواب ڏيندڙ همراهه خيالن جي ٽڪراءَ ۾ اچي ويندو هيو ۽ کيس ذهن نشين ٿي ويندو هيو ته هو غلط آهي ۽ سقراط درست ٿو چوي. مطلب سقراطي جدليات موضوعي Subjective تضادن جو حل هُئي. سقراط ٻه ڳالهيون شاندار چيون آهن جيڪي مان هتي لکڻ پسند ڪندس.
سموري برائي جهالت مان اچي ٿي
مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ شئي ضرور ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه نه ٿو ڄاڻان. سقراط جو علم ڏانهن رويو غير روايتي ۽ غير معمولي هُيو ۽ اهو رويو سڌو سنئون سوفسطائي فيلسوفن جي خلاف هيو، سوفسطائي فلسفياڻي علم کي پيسن تي وکر ڪري کپائيندا هيا (جيئن اڄ سرمائيداري نظام ۾ تعليم کي خانگي بڻائڻ تي زور ڀريو پيو وڃي اسڪول، ڪاليجون، يونيورسٽيون، سينٽر ۽ اڪيڊميون رڳي پيسي ڪمائڻ لا جوڙيون ويون آهن جتي غريب جو ٻار پڙهي ڪونه ٿو سگهي. ٻي ڳالهه ته اهي اسڪول، ڪاليجون، يونيورسٽيون وڏا عالم، ڏاها پيدا ڇو ڪونه پيون ڪن؟ ڇاڪاڻ ته هنن کي ڏاها ۽ فلسفي نه گهرجن پر سندن سرمائيداري نظام جي مرندڙ جهرندڙ گهوڙي کي قائم ۽ دائم رکڻ لا کين نوان مُهرا کپن جيڪي ڪنزيومرزم تحت زندگيون گذارن ۽ سرمائيداري نظام جي هٿڪنڊن کي سمجهڻ ۽ تنقيد ڪرڻ ۽ ان خلاف جدوجهد ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ جو سوچن ئي نه پر کوکلي ضرورتن ۽ نام نهاد خوش ۽ سکي زندگي گذارڻ جو ڍونگ ڪندا رهن. ڪڏهن ڪڏهن مونکي سوفسطائين جا خيال جيئن جو تيئن جديديت پُڄاڻان postmodernist اديبن وٽ ملن ٿا ۽ جيڪڏهن جديديت پُڄاڻان کي سمجهجي ته معلوم ٿيندو ته هو علم کي به هڪ جنس commodity سمجهن ٿا) ۽ چوندا هيا ته اسان ڏي اچو اسين اوهان جا سڀ مسئلا حل ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته اسان سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا. تڏهن ئي سقراط چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه نه ٿو ڄاڻان ۽ علم ڏانهن پهرين وک پنهنجي جهالت کي قبولڻ آهي.
باب يارنهين ۾ ليکڪ اڌُ سقراطي (Semi-socrates) نالي سان ٻن مڪتب فڪرن جو ذڪر ڪيو آهي، 1. سائرينائي فيلسوف، 2. ميگرائي فيلسوف آهي.
يقينن ڪجهه پڙهندڙن کي اهي لفظ اڻوڻندڙ محسوس ٿين ۽ اهو سوال به درست هوندو ته انهن جي پنهنجي الڳ سان سڃاڻپ ڪرائي وڃي ها ۽ کين هڪ الڳ مڪتب فڪر طور پيش ڪيو وڃي ها ته وڌيڪ بهتر لڳي ها. اُن حوالي سان وضاحت ڪجي ته کين اڌُ سقراطي انڪري لکيو ويو آهي ته انهن ۾ سقراط جي فلسفي جا ڪجهه گُڻَ ۽ تاويلون موجود هيون، اهو ئي اهم سبب آهي جو کين اڌُ سقراطي لکيو ۽ پڙهيو ويو آهي.
سڄو ٻارنهون باب افلاطون جي فلسفي تي لکيو ويو آهي. يقينن افلاطون جي فلسفي ۽ فڪر کي سمجهڻ لا اهڙو جامع ۽ شاندار ڪتاب مون پنهنجي اڪيڊمڪ جي چئن سالن ۾ اردو ادب ۾ به ڪونه پڙهيو. سنڌي ادب ۾ ته بلڪل به نه. هن ڪتاب ۾ افلاطون جي مثالي رياست، تصوراتي نظرئي، ابديت واري نظرئي، تخليق جي نظرئي، علميات، افلاطون وٽ علم ۽ ادراڪ جو تصور ۽ افلاطون جي پيار بابت تصور بابت انتهائي گهري ڄاڻ ڀري تحقيق ٿيل آهي.
شروعات ۾ ئي افلاطون جي اسڪيچ ڪيل تصوير سان گڏ هيٺان انتهائي ڪمال جي ڳالهه لکي وئي آهي جيڪا مونکي پوري ڪتاب جي سڀني جملن کان وڌيڪ اثرائتي ۽ شاندار لڳي.
افلاطون چوي ٿو:
“اسين سولائيءَ سان ان ٻارَ کي معاف ڪري سگهون ٿا جيڪو اوندهه کان ڊڄي ٿو پر زندگيءَ جو حقيقي الميو تڏهن آهي جڏهن وڏا روشني کان ڊڄن”.
يوناني فلسفي جي سموري عرصي ۽ سمورن دورن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي مختلف فيلسوفن ۾ تاريخ تي سڀني کان وڌيڪ اثر افلاطون ڇڏيا آهن. اهو به چيو وڃي ٿو ته افلاطون مغربي فلسفي جو اهو پهريون فيلسوف آهي ۽ کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته هن پهريون ڀيرو سياسي مسئلن تي ڳالهايو. افلاطون کان اڳ فلسفي ۾ فيلسوفن صرف پنهنجا خيال thoughts پيش ڪيا آهن پر افلاطون فلسفي جي تاريخ جو پهريون فيلسوف هيو جنهن نظام خيال ڏنو System of thought. وڌيڪ افلاطون جي فلسفي ۽ سندس نظام خيال کي سمجهڻ لا دوستن کي هِن ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.
ليکڪ ۽ استاد سائين نويد سنديلو پاران لکيل هن ناياب ڪتاب ۽ شاندار ڪوشش تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ اميد ڪجي ٿي ته پاڻ ايندڙ وقت ۾ به هن ڪتاب جهڙا ناياب موتي سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ رکندو رهندو. دوستن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ کپي ته جيئن ليکڪ جي ٽيهن سالن جي ڪيل اڻٿڪ محنت ۽ جستجو جو کيس ڦل ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته ليکڪ جنهن مقصد لا هي ڪتاب لکيو آهي ۽ پنجويهه کان ڇويهه سال هڪڙي ڪتاب کي ڏنا آهن ته اهو مقصد پورو ٿيڻ گهرجي. اهو مقصد آهي ته سنڌ جي نوجوان کي فلسفو ۽ دنيا جا وڏا خيالَ سولائي سان سمجهائي سگهجن جيئن هو ڪن مدي خارج ريتن رسمن کي سمجهي سگهي ۽ پنهنجي علمي ۽ فڪري وسعت وڌائي سگهي.
(پورو ٿيو)