پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت خلاف ماحول کي مچائڻ جي لاءِ جيڪي ڪم ڪري رهي آهي، انهن ۾ ٽريڪٽر ٽرالي مارچ اڄ ڪلهه ميڊيا جي زينت بڻيل آهي. سنڌ مٿان مسلسل ٽيون ڀيرو حڪومت ڪندڙ ڌر پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان سخت تنقيد جي هيٺ رهي آهي. هونءَ به 18هين ترميم کان پوءِ صوبن جي هٿ ۾ گهڻو ڪجهه آهي پر سوال اهو آهي ته ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ ڪيو ڇاهي؟ پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي سلسلي ۾ هن مهل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ وزير جيڪڏهن ڪنهن تڪليف ۾ آهن ته اهي ڪرپشن سبب انهن جي مٿان داخل ٿيل ڪيس آهن. جڏهن ته ان سلسلي ۾ مزي واري ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي ڪنهن به ليڊر يا وزير کي اهڙي ٽيپ نه ملي آهي، جنهن کي مثالي سزا چئي سگهجي. پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ خورشيد شاهه هڪ سال کان وڌيڪ وقت ڪمائيءَ کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ سبب جيل ۾ رهيو پر هاڻي هو به آزاد آهي. ڪڏهن ڪڏهن پ پ مخالف قانوني ڪن مهٽ ۾ تيزي اچي ويندي آهي پر اها به ڪڏهن ڪڏهن! جڏهن ته هن وقت اهڙي ڪا صورتحال ڪونهي، جنهن جي ڪري پيپلز پارٽي پريشان هجي.
پيپلز پارٽي ڪجهه ڪرڻ چاهي ها ته 14 سال تمام گهڻا هئا. ايتري وقت ۾ ته قومن جون تقديرون تبديل ٿي وينديون آهن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته عام طور تي مارشل لا کان پوءِ ۽ خاص طور تي بينظير ڀٽو جي شهادت بعد پيپلز پارٽي سياست کي عوامي خدمت جو رستو نه پر مال ٺاهڻ جو ذريعو ۽ مڪر جي اهڙي اسٽيج سمجهيو آهي، جتي هر ڏينهن نوان ناٽڪ پيش ڪيا وڃن ٿا. پيپلز پارٽيءَ هن مهل جيڪو ناٽڪ اسٽيج ڪري رهي آهي، اهو تمام گهڻو دلخراش ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي. سڀني کي معلوم آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ ۾ طاقت صرف ۽ صرف وڏيرا آهن. انهن وڏيرن سڀ کان اڳ ۾ انهن هارين جو رت پيتو آهي، جيڪي نسل در نسل سنڌي وڏيرن جي هٿان ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسبا رهيا آهن. جن سدائين پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ کي کيڙيو آهي ۽ ان جي خدمت ڪئي آهي پر ان کي موٽ ۾ صرف ۽ صرف مايوسي ۽ محتاجي ملي آهي. سنڌ ۾ هاريءَ جي مظلوميت جي ڪهاڻي پوري سنڌ ادب ۾ ڦهليل آهي. سنڌي هاريءَ جي مظلوميت صرف ادب تائين محدود ناهي پر سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ جيڪي به تحريڪون هليون آهن، انهن ۾ سنڌي هارين جي لاءِ سچي ۽ مخلص جدوجهد ٿي آهي پر هن وقت تائين سنڌي هاري پنهنجن بنيادي حقن کان محروم آهي.
سنڌ جا هاري هن رياست جي خلاف به دانهين آهن پر انهن جي مٿان جيڪڏهن ڪوئي پهريون ظلم ڪري ٿو ته اهو مهاجر يا پنجابي ناهي. هن جي مٿان ظلم ڪندڙ اهو سنڌي وڏيرو آهي، جيڪو هميشه سرڪار جي پاسي رهيو آهي ۽ اهو وڏيرو هن وقت مڪمل طور تي پيپلز پارٽيءَ جي سياسي هنج ۾ ويٺل آهي. هن کي پتو آهي ته جيترو هن جي مفادن کي تحفظ پيپلز پارٽي ڏئي سگهي ٿي، ايترو ٻي ڪا پارٽي نه ٿي ڏئي سگهي. ان ڪري هو پيپلز پارٽيءَ جي سڳي ۾ آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي وڏيري کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو آهي. هن مهل سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ ڪو هلڪو آواز به ناهي ۽ ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته پيپلز پارٽيءَ گذريل 14 سالن کان وٺي اقتدار ۾ رهي، سنڌ جي وڏيري کي ايترو ته مضبوط ڪيو آهي جو هن جي آڏو سنڌ جو هاري چپ چوري نه ٿو سگهي. جڏهن ته وقت جي تبديليءَ سان معاملي ۾ هاريءَ جي حوالي سان بهتري اچڻ گهربي هئي پر بهتريءَ جي جاءِ تي جيڪا بدتري آئي آهي، ان جو ڪارڻ اهي وڏيرا آهن.، جن جي طاقت جو سبب پيپلز پارٽي آهي. هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن پيپلز پارٽي هارين جي لاءِ تمام گهڻو ڳالهائيندي هئي پر وڏي وقت کان وٺي اهو نالي ماتر حمايت وارو سلسلو به مڪمل طرح سان بند آهي. ان جو ڪارڻ پيپلز پارٽيءَ جي اها لاپرواهي آهي، جنهن جي ڪري هوءَ ڪنهن کي به پنهنجي ڪٿ ۾ نه آڻي. هن سياسي ڪرپشن جو دائرو ايترو ته وڌائي ڇڏيو آهي جو هاڻي هن کي پنهنجي لاءِ ڪٿان به ڪنهن به قسم جو خطرو محسوس نه ٿو ٿئي. پيپلز پارٽيءَ جا اهي پرڪار ڏسي هارين وٽ جيڪا ڪنهن دور ۾ پنهنجن حقن جي حوالي سان ٿوري گهڻي اميد هئي، اها به مڪمل طرح سان ختم ٿيل آهي.
هارين جي حقن لاءِ جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنهنجا تاريخي واعدا نه پاڙي، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ هوءَ ٿوري ۾ ٿورو به انصاف جو مظاهرو ڪري ٿي ته اها تمام بهتر ڳالهه هجي ها پر افسوس ته هن ان سلسلي ۾ ڪجهه به نه ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪيو به آهي ته اهو ڪم تمام گهڻو منفي ۽ هارين جي حقن جي مخالف آهي. پيپلز پارٽيءَ جي منشور ۾ ڀلي سوشلزم جو نقطو شامل هجي پر هوءَ پنهنجي سياسي ڪردار ۾ مڪمل طور تي هارين جي خلاف ۽ وڏيرن جي حق ۾ رهي آهي. ان حقيقت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي ته سنڌ ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي چاهي ها ته هارين جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ها. پر هڪ ته پيپلز پارٽيءَ جي ايجنڊا تي ان قسم جي ڪا ڳالهه ڪونهي ۽ ٻيو ته پيپلز پارٽيءَ جو طبقاتي مفاد هن کي هارين جي خلاف آڻيندو رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ پنهنجي حڪومتي مدي جي دوران سنڌي هارين جي طبقاتي وجود جي مٿان زخم هنيا آهن. هن وقت سنڌي هاريءَ جو وجود مڪمل طور تي گهايل آهي.
سنڌ جي هاريءَ کي زخمن سان چور ڪري ان جي مرهم پٽي ڪرڻ ته ماڳ رهيو پر هن مهل پيپلز پارٽي جهڙي طرح چونڊن کان اڳ ۾ پاڻ کي اليڪشني ميدان ۾ تيار ڪرڻ لاءِ جيڪا سرگرمي ڪري رهي آهي، اها سنڌي هاريءَ جي ڦٽن تي مرهم بدران لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. ڇو ته سنڌي هارين جي حقن لاءِ نڪتل جلوسن ۾ هڪ ته نعرا هارين لاءِ ناهن ۽ هو وڏيرڪي حڪومت جي حمايت ۾ نعري بازي ڪري رهيا آهن ۽ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته انهن جلوسن ۾ هاري آهن ئي ڪو نه!
سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪوئي هاري آهي ته انهن وٽ ڏاندن جو جوڙو به هجڻ تمام وڏي ڳالهه آهي. جيتوڻيڪ هن وقت ڏاندن تي پوک جو پورو ڪلچر ئي ختم ٿي ويو آهي پر هاريءَ جي علامت پو به هر ۽ ڏاند جو جوڙو رهيو آهي. هن وقت پوکي مشينن تي ٿئي ٿي ۽ مشينن ۾ ٽريڪٽر جو اهم ڪردار آهي. هاڻي اهو هاري جيڪو اٽي جي لپ لاءِ حيران ۽ پريشان آهي، اهو ٽريڪٽر ۽ اهو به ٽراليءَ وارو ٽريڪٽر ڪٿان آڻيندو؟ هن جي نالي ۾ جڏهن وڏيرا ۽ انهن جا واٺا ٽريڪٽر ۽ ٽرالين جي معرفت جديد قسم احتجاج ڪن ٿا ته ان وقت حيرت جو ٿيڻ لازمي ٿي پوي ٿو. ڇو ته هارين جي حصي ۾ جيڪا انهن جي طبقاتي مظلوميت به هئي ته هاڻي ان تي به وڏيرا شاهي قبضو ڪري رهي آهي. ان جو مطلب هارين کي مڪمل طور تي ديوار سان لڳائڻ ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ جڏهن هارين کي ايترو حق به حاصل نه هجي ته هو پنهنجي حقن جي لاءِ ان قوت جي خلاف آواز اٿارين، جيڪا قوت وڏيرا شاهيءَ تي مشتمل آهي ته پوءِ هاريءَ وٽ ڇا رهيو؟
هن وقت سنڌ ۾ هارين جي نالي ۾ جيڪو سياسي تماشو ٿي رهيو آهي، اهو ائين آهي ته مزدورن کي انهن جا پورهئي وارا حق ڏيڻ بدران سرمائيدار پنهنجن گماشتن سان گڏجي شهر جي روڊن ۽ رستن جي مٿان احتجاج ڪن ۽ دنيا جي آڏو دانهون ڪن ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. مظلوم وٽ ڇا هوندو آهي؟ مظلوم وٽ ٻيو ڪجهه به نه ته گهٽ ۾ گهٽ احتجاج جو حق ته هوندو ئي آهي ۽ جڏهن هن جي ان حق تي به اها قوت قابض ٿي وڃي، جيڪا انهن جي ڦرلٽ ۽ استحصال جي ذميوار آهي ته پوءِ اهڙي قوت کان ڪوئي چڱائيءَ جي اميد ڪيئن ٿو رکي سگهي؟
تاريخ ۾ جڏهن ڪوئي جبر پيدا ٿيو آهي ۽ ان جبر جيڪڏهن پاڻ کي لڪائڻ لاءِ ڪو مڪر جو روپ اختيار ڪيو آهي ته ان کي ظاهر ڪرڻ، ان کي ننگو ۽ نروار ڪرڻ جو فرض سدائين اديبن جي قلمن ادا ڪيو آهي. هن مهل حشر اهو آهي ته پيپلز پارٽي هڪ طرف مظلومن جي ڪردار جي مٿان قبضو ڪري ويٺي آهي پر هن اهڙي ظلم ۽ انياءَ جي خلاف آواز اٿارڻ واري قوت يعني سنڌ جي اديب کي به پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ هن کي به پنهنجو رعايت يافتا بڻائي، سنڌ جي مظلوم عوام کي بنهه لاوارث بڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. سنڌ جا مظلوم ماڻهو جيترو پيپلز پارٽيءَ جي هٿان ڦرلٽ جو شڪار ٿيا آهن، ايترو ٻيو ڪنهن حڪومت جي هٿان مشڪل ٿيا هجن. جڏهن ته تاريخي طور تي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سچي ۽ پڪي سگهه ڏيڻ واري قوت هاري ئي رهيا آهن. اهي هاري ئي هئا، جن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو وڏيراشاهيءَ جي خلاف ساٿ ڏنو ۽ جن آمريت جي پوري دور ۾ پاڻ مٿان ٿيندڙ جبر ۽ تشدد جي ڪا پرواهه نه ڪئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو جهنڊو هٿن ۾ کڻي نسل در نسل وفا جو وچن ورجايو ۽ موٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت انهن کي دوکي فريب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿي ڏئي. اها تمام پريشانيءَ واري صورتحال آهي ۽ ان کي هر طرح سان پڌرو ڪرڻ هر باشعور انسان جو بنيادي فرض آهي. ڇو ته اسان جيڪڏهن هارين جي مظلوميت ختم نه ٿا ڪري سگهون ۽ انهن جا حق بازياب نه ٿا ڪرائي سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ انهن جي مظلوميت تي قبضو ڪرڻ نه ڏيون ۽ انهن کي ته بنهه نه ڏيون، جيڪي هارين جي مٿان ظلم ۽ جبر ڪندا رهيا آهن. هارين سان اهو تاريخي دوکو آهي. اها جمهوريت جي باب ۾ تمام وڏي ٺڳي آهي ته جنهن مظلوم جو حق هجي، ان جو حق به نه ڏجي ۽ ان جي بدران ظالم کي مظلوم بڻائي پيش ڪجي.