
موناڪو جي شهزادي 35 ورهين جي شارليٽ ڪاسي راگي گهوڙي سميت فيشن شو ۾ پهچي وئي، جنهن تي ڏسندڙ حيرت ۾ پئجي ويا. ميڊيا مطابق شهزادي شارليٽ ڪاسي راگي پيرس فيشن شو ۾ گهوڙي تي سوار ٿي آئي ۽ هن پنهنجي گهوڙي کي سهڻي نموني سان ڪيٽ واڪ ڪرايو. جڏهن تھ هن فيشن شو ۾ گهوڙي تي چڙهي ڪيٽ واڪ جو پهريون ڀيرو ٽرينڊ بھ متعارف ڪرايو آهي. شهزادي شارليٽ ڪاسي راگي پنهنجي ڪيٽ واڪ جي پڄاڻي تي گهوڙو ڊوڙائي تيزي سان ٻاهر نڪري وئي.