ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چوٽ چڙهندڙ اٽي جا اگهه

Editorial

پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو هر قسم جون جنسون پيدا ڪري ٿو. پر اها عجيب ڳالهه آهي ته بحران به انهن ئي جنسن جو ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪڻڪ جو بحران، ڪڏهن کنڊ جو بحران ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي کاڌي پيتي جي اسم جو بحران نظر اچي ٿو. سنڌ توڙي پاڪستان ڪڻڪ اپائڻ ۾ پاڻڀرا آهن. پر تنهن هوندي به سنڌ هن وقت اٽي جي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. اٽو روزمره جي استعمال جو اسم آهي، پر ان جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. گذريل سال کان وٺي جيئن اٽو مهانگو ٿيڻ شروع ٿيو آهي ته اهو سستو ڪونه ٿي رهيو آهي. جڏهن ته اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها اٽي کي مهانگو نه ٿيڻ ڏي ۽ ان جو اهڙو اگهه مقرر ڪري جو غريب غربو به خريد ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته ڪڻڪ جي ماني کائڻ ڪا عياشي نه پر ضرورت آهي. تنهنڪري ان کي ايترو مهانگو نه ڪيو وڃي جو عام ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي وڃي ۽ اهو اٽو به خريد نه ڪري سگهي. حيدرآباد ۾ هڪ ڀيرو وري ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿي پيو آهي، جنهن جي ڪري اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهيو آهي.
رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ ڪڻڪ جو بحران برقرار هئڻ سبب اوپن مارڪيٽ ۾ واپارين پاڻمرادو ڪڻڪ جي اگهن ۾ تيزيءَ سان واڌ ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري اٽي جا اگهه به ڏينهون ڏينهن وڌن پيا. ٻڌايو پيو وڃي ته 5 ڏينهن اڳ 100 ڪلو واري ٻوري 5500 روپين جي هئي جيڪا 150 روپيا وڌڻ کان پوءِ هاڻي 6550 روپين جي ٿي وئي آهي. مجموعي طور 100 واري ٻوري تي 150 روپيا واڌ کانپوءِ اٽي جا اگهه به وڌي ويا آهن، جنهن کان پوءِ 75 روپيا في ڪلو وڪامجندڙ اٽي جو ڪلو هاڻي 80 رپين جو ٿي ويو آهي. اٽي جي في ڪلو تي 5 روپيا واڌ کان پوءِ مهانگائيءَ جا ماريل شهري ٻيهر پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. سندن چوڻ آهي ته اٽي جو 10 ڪلو وارو ٿيلهو 700 کان 750 روپين تائين فراهم پئي ٿيو جيڪو هاڻي 780 کان 800 روپين ۾ فراهم پيو ٿئي. شهرين موجب ته خوراڪ کاتي پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري اگهه 55 روپيا في ڪلو جي حساب سان اٽي جي فراهمي به ڪيترن ئي ڏينهن کان بند پيل آهي، جنهن ڪري هو 2 ويلا ماني کائڻ کان به لاچار بڻجي ويا آهن، شهر جي مختلف علائقن ۾ خوراڪ کاتي جا شهرين کي سستي اٽي فراهمي لاءِ قائم موبائل اسٽال به بند پيل آهن، جنهن ڪري شهري ريزڪي دڪانن تان مهانگي اگهه تي اٽو وٺي رهيا آهن. خوراڪ کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شهرين کي موبائيل اسٽال ذريعي اٽي فراهم وارو مرحلو بند ڪري مل مالڪن جي مرضيءَ سان مختلف هنڌن تي دڪان قائم ڪيا ويا آهن، جتان رڳو 100 کان 150 ٿيلها شهرين کي سستي اگهه تي فراهم ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته باقي سستو اٽو مل مالڪ توڙي سندن پاران قائم ٿيل دڪانن تي ويٺل عملو پنهنجي من پسند ماڻهن کي فراهم پيو ڪري. شهرين جو مطالبو آهي ته فوري طور تي ٻيهر شهر ۾ موبائل اسٽال وارو سلسلو شروع ڪيو وڃي ته جيئن خوراڪ کاتي پاران فراهم ٿيندڙ سستو اٽو کين به فراهم ٿي سگهي. هي ڪرپشن ۽ بدانتظاميءَ جو اعليٰ مثال آهي، ڇاڪاڻ ته سرڪاري سطح تي جڏهن اٽي جا اگهه طئي ٿيل آهن ته پوءِ ماڻهن کي مهانگي اگهه تي اٽو ڇو پيو فراهم ڪيو وڃي ۽ ان کانسواءِ مل مالڪن جي مرضيءَ سان اسٽال ڇو پيا لڳايا وڃن، جتان اهي من پسند ماڻهن کي اٽو سستي اگهه تي فراهم ڪري رهيا آهن.
ڇا سنڌ حڪومت عوام کان ايتري لاتعلق ٿي چڪي آهي جو اها عوام کي کائڻ لاءِ سستو اٽو به فراهم نٿي ڪري سگهي. ڇو ته جڏهن اٽي جهڙو اسم مهانگي اگهه تي ملي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته حڪومت عوام کي بک مارڻ ٿي چاهي. سنڌ ۾ اڄ به ڪيترائي اهڙا ذخيرا اندوز موجود آهن، جيڪي عوام جي مجبورين جو فائدو وٺي انهن کي سستي اٽي جي پهچ کان پري رکي رهيا آهن. حڪومت کي ان حوالي سان اڳواٽ ئي خبر هوندي آهي ته ڪڏهن بحران اچڻ وارو آهي ۽ ڪهڙي ريت ان کي منهن ڏئي سگهجي ٿو پر حڪومت جي لاپرواهي سبب معاملا گهڻي دير تائين بگڙيل رهندا آهن ۽ ان ڪري عوام ڀوڳيندو رهندو آهي. پر هي ڪو اهڙو مسئلو ناهي، جيڪو حل نه ٿي سگهندو هجي. ان کي حل ڪرڻ لاءِ رڳو نيڪ نيتيءَ جي ضرورت آهي. پر جهڙي ريت سنڌ حڪومت اٽي جي بحران کي ڪن لاٽار ڪري رهي آهي، ان مان ائين ٿو لڳي ته اٽو اڃا به وڌيڪ مهانگو ٿيندو ۽ منافعو ڪمائيندڙ عوام جي مجبورين جو وڌيڪ فائدو وٺندا رهندا. پر سنڌ حڪومت کي عوام جي حال تي رحم ڪرڻ گهرجي. ان ڪري موبائيل اسٽال به وڌايا وڃن ۽ من پسند ماڻهن کي سستي اگهه تي اٽي جي فراهمي جو سلسلو بند ڪري، هر ماڻهو کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ جو رستو ڪڍيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته هي نه رڳو خوراڪ کاتي پر سنڌ حڪومت جي به نا اهلي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪڻڪ جي بحران کي ختم ڪيو وڃي. جتي جتي به ذخيرا اندوزي ٿي رهي آهي، انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ڪڻڪ مارڪيٽ تائين پهچي سگهي ۽ اٽي جو اگهه گهٽ ٿئي. ڇاڪاڻ ته عوام ايتري مهانگي اگهه تي اٽو خريد ڪرڻ کان لاچار لڳو پيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button