سمنڊ جي انساني جيوت جي حوالي سان خاص اهميت آهي. پر انسان جتي ٻين قدرتي وسيلن جو استحصال ڪيو آهي ۽ ان کي نقصان پهچايو آهي اتي سمنڊ به محفوظ ناهي رهيو. انساني سرگرمين جا اثر اهڙن ٻيٽن ۽ جاين تي به پهتا آهن ۽ ٻي جيوت کي نقصان پهچايو آهي جتي انسان اڃا پاڻ پهتو ئي ناهي.
ڪراچي جي ماڻهن لا سمنڊ جي خاص اهميت آهي. هتان جون مختلف جايون ساڳي وقت ماڻهن لا تفريح ۽ روزگار جو باعث هيون. هوا بندر، جيڪو هاڻي ڪلفٽن سڏجي ٿو، منهوڙو، هاڪس بي، سينڊزپٽ ۽ اک ڦاٽو، جنهن کي پيراڊائيز پوائنٽ سڏجي ٿو، ماڻهن جي گھمڻ ڦرڻ جون خاص جايون هيون. خاص طور هوا بندر ته کارادر، لياري ۽ ٻين ويجھن علائقن لا خاص ڇڪ جو باعث هوندو هو. انهن علائقن جا گھڻا ماڻهو رات جو ماني کائي پنڌ، سائيڪلن ۽ ٻين گاڏين تي هوا بندر ڏانهن سمنڊ جي هوا کائڻ لا نڪري پوندا هئا ۽ پو رات جو دير سان گھرن ڏانهن موٽندا هئا. ڪڏهين ڪڏهين آئون به پنهنجن ڀائرن سان گڏ اوڏانهن نڪري پوندو هوس. ان وقت هڪ ته شهر جي امن امان جي صورتحال بهتر هئي ۽ ٻيو اڃا اهو علائقو فليٽن ۽ بازارن جو جھنگل نه ٿيو هو.
خير اها ته گھڻي پراڻي ڳالهه آهي جڏهين چانڊوڪي راتين ۾ سمنڊ جي وير مٺي در ۾ بابا نور شاهه غازي جي مزار تائين ايندي هئي جتي لياري نئين ان ۾ ڇوڙ ڪندي هئي پر اها گھڻي پراڻي ڳالهه ناهي، جڏهين اهو پاڻي باٿ آئي لينڊ تائين ايندو هو. ڪجھه عرصو اڳ ڪلفٽن جا گھڻا پلازه ۽ شاپنگ مال سامونڊي طوفان جي ڪري سمنڊ جي پاڻي کان متاثر ٿيا هئا.
هن وقت صورتحال ويتر خراب ٿي ويئي آهي. خاص طور ڊيفنس ۽ ڪلفٽن ۾ فليٽن ۽ شاپنگ مالن جي تعمير لا مختلف طريقن سان سمنڊ کي پٿر وجھي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي. جنهن کي سي ويو چيو ويندو هو ۽ ماڻهو اتي سمنڊ جو مزو وٺڻ لا ويندا هئا اتي هاڻي واري پئي اڏامي. تعميراتي ڪمپنيون ۽ بلڊرز ان واري کي به ٽرڪن وسيلي کڻي وڃي پنهنجن تعميراتي مقصدن لا استعمال ڪن ٿا. ماڻهن جي حفاظت جي حوالي سان جيڪا ديوار ڏني ويئي هئي ۽ سمنڊ جون لهرون ان ديوار تائين اينديون هيون. هاڻي سمنڊ ان کان به گھڻو پوئتي هليو ويو آهي.
مسئلو اهو آهي ته انسان سڄي فطرت ۽ سڀني قدرتي وسيلن ۽ جيوت کي مجموعي ماحول جو حصو نه ٿو سمجھي پر ان کي پنهنجي ملڪيت سمجھي انهن کي پنهنجي مرضي موجب استعمال بلڪ انهن جو استحصال ڪري ٿو. جيئن پاڻي جا ٻيا ذخيرا ڍنڍون ۽ دريا وغيره آلوده ٿي ويا آهن اها ساڳي بلڪ انهن کان به خراب صورتحال سمنڊ سان ٿي آهي. سڄي شهر جو گندو پاڻي جنهن جو اندازو پنجاهه ڪروڙ گيلن تائين لڳايو ويو آهي سمنڊ ۾ وهايو وڃي ٿو. ان ۾ اٽڪل پنجويهه سيڪڙو ڪراچي ۾ موجود اٽڪل ڇهه هزار ڪارخانن جو پاڻي آهي. انهن ۾ چمڙي صاف ڪرڻ وارا ڪارخانا به آهن. ان کانسوا ڀينس ڪالوني جي واڙن جو سڄو گند سمنڊ جو حصو بڻجي ٿو. ٻيو گند ڪچرو پڻ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو. ڪارخانن جا مالڪ ان جي لا ٽريٽمنٽ پلانٽ لڳائڻ لا تيار ناهن. سندن چوڻ آهي ته گھڻا ڪارخانا اٽڪل سٺ سال پراڻا آهن ۽ ان وقت اهڙن پلانٽن وغيره لڳائڻ جو تصور نه هو. اها سڄي سرڪار جي ذميواري آهي ته اها اهڙا پلانٽ وغيره لڳائي.
جيئن زمين تي زندگي موجود آهي ايئن سمنڊ ۾ به ڪيترن ئي قسمن جا جيو آهن. سمنڊ ۾ وڏي پئماني تي گندگي جي نيڪال سڄي جيوت کي نقصان پهچايو آهي. ڪڇون جيڪو اڳ ڪناري تي اچي آنا لاهي ويندو هو هن هاڻي اتي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي يا گھٽائي ڇڏيو آهي. اڳ ننڍيون مڇيون سمنڊ جي ڪناري جي ويجھو ملنديون هيون. پر جيئن ته مڇين کي جيئري رهڻ لا صاف پاڻي جي گھرج هوندي آهي ان ڪري گھڻيون مڇيون ته ان گند ڪچري جي ڪري مري وڃن ٿيون ۽ گھڻيون سمنڊ ۾ پري هلي وڃن ٿيون. اها صورتحال ماهگيرن کي ٻن طريقن سان متاثر ڪري ٿي. هڪ ته ان سڄي گند ڪچري جي ڪري کين چمڙي جون ۽ ٻيون بيماريون ٿين ٿيون ۽ ٻيو مڇين مارڻ لا سمنڊ ۾ پري تائين وڃڻو پئي ٿو، جتي پڻ انهن کي رڳو ننڍيون مڇيون ملي سگھن ٿيون جڏهين ته جديد مشينن ۽ ڄارن واريون ٻيڙيون اصل شڪار ڪن ٿيون. اهڙي ريت پهرين جي ڀيٽ ۾ انهن کي وڌيڪ خرچ ڪرڻو پئي ٿو ۽ وڌيڪ وقت سيڙائڻو پئي ٿو.
مينگروز ڪنڊن واريون ٽاريون ۽ وڻ هوندا آهن جيڪي سمنڊ جي ڪناري ٿيندا آهن. انهن ۾ لوڻياٺ کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. مختلف مڇيون وغيره انهن کي بيضن ڏيڻ لا استعمال ڪنديون آهن. پاڪستان ۾ اهي ڇهه لک هيڪٽرز تي سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنارن تي آهن پر انهن جو پنجانوي سيڪڙو سنڌ ۾ آهي. ماحولياتي آلودگي ۽ شهر جي بي ترتيب ڦهلا انهن جھنگلن کي گھڻو نقصان پهچايو ۽ اهي گھڻو گھٽجي ويا. جيتوڻيڪ مختلف اين جي اوز ۽ حڪومت وغيره ان جي پراڻي حيثيت کي بحال ڪرڻ لا ڪجھه ڪوششون ڪن ٿا پر مجموعي صورتحال کي ڏسندي ان جي ڪاميابي جا امڪان گھٽ آهن. اهي سمنڊ ۽ سامونڊي جيوت جو هڪ لازمي حصو آهن پر انهن جو آئيندو ڪو گھڻو چڱو نظر نه ٿو اچي.
دريا ۽ نيون سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن ۽ ان کي پاڻي ڏينديون آهن. اهو هڪ فطري قانون آهي جيڪو ماحول سان گڏوگڏ سڄي جيوت جي توازن کي برقرار رکڻ لا ضروري آهي. پر هتي هڪ نڪته نظر اهو آهي ته اهو پاڻي بيڪار زيان ٿئي ٿو. مطلب ته هر شي رڳو انسان جي استعمال ۾ اچڻ گھرجي ۽ ان سان ماحول ۽ ڊيلٽا جي ماڻهن سميت ٻي سڄي جيوت کي جيڪو نقصان پهچي ٿو ان سان انهن ماڻهن جو ڪو واسطو ناهي جن کي ان سان فائدو پهچي ٿو.
گھڻي عرصي کان اها شڪايت رهندي آئي آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ ۽ خاص طور ڊيلٽا کي گھربل مقدار ۾ پاڻي نه ٿو ملي. ان جو هڪ نتيجو اهو نڪتو آهي ته سمنڊ اڳتي وڌڻ شروع ڪيو آهي ۽ گھڻي زمين کي خراب ڪرڻ سان گڏوگڏ مٺي پاڻي جي ذخيرن کي پڻ ختم ڪري ڇڏيو آهي. گھڻا ڳوٺ ويران ٿي ويا آهن ۽ گھڻا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. اهو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ٿو وڃي ته سمنڊ ٺٽي شهر تائين پهچي ويندو.
ڪراچي شهر سمنڊ جي سطح کان هيٺ آهي. ان کي ماريشس، ڪلڪته ۽ انڊونيشيا جي گادي جي هنڌ جڪارتا جهڙن ملڪن ۽ شهرن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو جن کي اڳتي هلي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. ان کي نظر ۾ رکندي ئي انڊونيشيا جي گادي جي هنڌ کي ٻئي نئين شهر ۾ منتقل ٿيڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. پر هتي نه رڳو ان حوالي سان اگھور ننڊ ۾ ستل آهيون پر ان تباهي کي ويجھي آڻڻ لا پڻ هر جتن ڪري رهيا آهيون. هن وقت جيڪي ڪجھه ٿي رهيو آهي ممڪن آهي ته اڳتي هلي ان جي تدارڪ لا ڪا گنجائش ئي نه رهي.