ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان جو ڪرپشن ۽ تباھيءَ ڏانھن سفر

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

تازو بين الاقوامي اھم اداري، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 180 ملڪن جي “ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس” جاري ڪري ڇڏي آھي، تنھن موجب پاڪستان رشوت جي عھدي ۾ 16 درجا مٿي ھليو ويو آھي. بي بي سي به خبر جي ھيڊنگ لڳائي آھي: “ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل”: پاڪستان ۾ بدعنوانيءَ ۾ واڌ، ڏھن سالن ۾ سڀ کان وڏي درجا بندي.”
ھونئن به ھاڻوڪي وفاقي سرڪار جي ھوندي، اھو ڪو پھريون ڀيرو ناھي جو پاڪستان مٿان ڪرپشن جا داستان کوليا ويا آھن، جڏھن ته گذريل ساڍن ٽن ورھين جي ھاڻوڪي وفاقي سرڪار خلاف اھڙي قسم جا داستان پريس ۾ ايندا ئي رھندا آھن. ھاڻوڪي وفاقي سرڪار جو حوالو ڏيڻ انھيءَ ڪري به ضروري آھي جو اھي ٻٽاڪي بيان لاڳيتو جاري ڪندا رھندا آھن ته اھي رشوت ۽ بدعنوانين جا زوردار مخالف آھن. منھنجي بي ريا ڇنڊ ڇاڻ موجب سچائي انھيءَ ۾ آھي ته وفاقي سرڪار وارا حد کان وڌيڪ ڪوڙا بيان جاري ڪري، پنھنجي “سليڪٽيڊ” وفاقي سرڪار کي جائز ڪوٺڻ جي ڪوشش ڪندا رھن ٿا. جڏھن ته ھاڻوڪي وفاقي سرڪار احتجاج جوڳا کوڙ قدم کڻي، ڪروڙن انسانن جو جيئڻ بار بار جنجال ڪري ڇڏيو آھي. سچائي اھا آھي ته ظلم جا داستان، وڻندڙ بيانن جي باوجود جاري رکيا ويا آھن.
پي ٽي آءِ وفاقي سرڪار جا ساڍا ٽي سال مڪمل ٿيل آھن ۽ انھن جي ڪارڪردگيءَ جي، بي ريا بڻجي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ته خبر پوندي ته ھاڻوڪي وفاقي سرڪار، ملڪ جي برباديءَ ڏانھن سفر، سڀ کان وڌيڪ پر تيزيءَ سان ۽ لاڳيتو جاري رکيو آھي ۽ جيڪڏھن اھا رفتار جاري رھي ته ملڪ جي ترقيءَ جو انوکو پر دکدائڪ ۽ ڳاٽي ٽوڙ تاريخي داستان ميدان ۾ اچي ويندو جو ماڻھو جائزو وٺي لاڳيتو روئندا ئي رھندا. ساڳي وقت، تلخ سچائي اھا به آھي ته پاڪستان تباھيءَ جي داستان کان ھٽي دائمي جند ڪونه ڇڏائي سگهندو. ملڪ جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ اھم اداري، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي تازي رپورٽ کي اھميت ڏجي ته بھتر ٿيندو. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 180 ملڪن جي ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جاري ڪري ڇڏي آھي جنھن موجب پاڪستان ۾ ڪرپشن اڃا به وڌي وئي آھي ۽ پاڪستان رينڪنگ ۾ 16 درجا مٿي چڙھي ويو آھي. سال 2020ع ۾ پاڪستان جو نمبر 124 ھو ۽ ھاڻي 140 نمبر تي پھچي ويو آھي.
ٻئي طرف، وزير اعظم عمران خان جو بيان تازو ميڊيا شايع ڪيو آھي. سندس چواڻي ملڪ ۾ مھانگائي سبب ننڊ ناھي ايندي، سرڪار مان نڪتس ته “وڌيڪ خطرناڪ” ٿي ويندس. جيڪڏھن مھانگائيءَ خلاف ايڏي ڳڻتي آھي ته پوءِ ايڏي ڳاٽي ٽوڙ ۽ لاڳيتي مھانگائي ساڍن ٽن ورھين جي وفاقي سرڪار دوران ڇو ڪئي وئي آھي پر اھم ڳالهھ اھا آھي ته اھو خطرناڪ سلسلو اڃا به جاري آھي. انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِايم ايف) کان ڳاٽي ٽوڙ شرطن تي قرض وٺي، ملڪ جي ڪروڙين انسانن جو جيئڻ اڳ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي. پراڻن حڪمرانن يعني پ پ پ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف (ٽي ڀيرا وزيراعظم رھيو آھي) تن پنھنجي حڪمرانيءَ دوران ايڏي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ته ڪڏھن به ڪانه آندي آھي. مھانگائيءَ جو حوالو بار بار انھيءَ ڪري به ڏيڻو پوي ٿو ته جو ڪروڙن انسانن جو جيئڻ حد کان وڌيڪ جنجال ٿي ويو آھي ۽ اھو سلسلو اڃا به جاري آھي. انھيءَ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جو ڪاٿو انھيءَ مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جمعي نماز سنڌي جماعت ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي، جوڳي موڙ، ضلعو ملير، ڪراچي، سنڌ ۾ پڙھڻ وڃبو ته ڊسبو ته خيرات گهرڻ لاءِ ايندڙ عورتن جو انگ ھر ڀيرو وڌندو پيو وڃي.
بھرحال، وزيراعظم عمران خان جي انھيءَ بيان جو حوالو ڏيڻ به ضروري آھي ته سندس چواڻي: ملڪ ۾ مھانگائي سبب ننڊ ناھي. سرڪار مان نڪتس ته “وڌيڪ خطرناڪ” ٿي ويندس. انھيءَ سلسلي ۾ منھنجي ذاتي ڇنڊڇاڻ موجب نيڪ نيتيءَ سان عرض آھي ته مھانگائيءَ سبب پنھنجي ساڍن ٽن سالن کان ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ کي جائز ڪوٺڻ وارن بيانن بدران ھاڻي ئي انھن کي عملي ريت ختم ڪريو ته انھيءَ ۾ ڪروڙن انسانن جي ڀلائي سمايل ھوندي. ڀلا، اھا سوچڻ جي ڳالھه آھي ته جيڪڏھن عمران سرڪار ساڍن ٽن سالن ۾ ڪا خاص تبديلي ناھي آندي ته آئيندي ڇھن مھينن ۾ ڪھڙي آڻيندو ڇاڪاڻ ته اھڙي دعوى ڪئي وئي آھي! ٻيو ته وزير اعظم چواڻي سرڪار مان نڪتس ته “وڌيڪ خطرناڪ” ٿي ويندس. ڪجھه سياستدانن ميڊيا موجب انھيءَ تي سخت تنقيد ڪندي سندس بيان کي رد ڪري ڇڏيو آھي پر منھنجي ذاتي ڇنڊڇاڻ موجب انھيءَ بيان ۾ به ڪجهھ سچائي سمايل آھي ته عمران خان اقتدار ڇڏڻ کانپوءِ سچ پچ “وڌيڪ خطرناڪ” ٿي ويندئو يعني رڳو بيانن جي حد تائين خطرناڪ ھوندو. بھرحال، پ پ پ جي سربراهه بلاول ڀُٽي زرداريءَ جي ترجمان چواڻي ٽرانسپيرنسيءَ جي رپورٽ کانپوءِ، عمران سرڪار جي رھڻ جو ڪو جائز سبب ڪونھي سو ڪرپٽ حڪمران استعيفا ڏئي ته بھتر. ٻئي طرف، مخالف ڌر چواڻي عالمي اداري جي رپورٽ چارج شيٽ آھي، ٽرانسپيرنسي اداري ٻيھر گواھي ڏني آھي سو حڪومت چور آھي. ڪرپشن جو شور مچائڻ وارن جون ھر ڏھاڙي چوريون پڪڙيون پيون وڃن ۽ انھيءَ ڦرلُٽ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا ويا آھن. مخالف ڌر جي اڳواڻ شھباز شريف چواڻي ٽرانسپيرنسيءَ جي رپورٽ جرم آھي. ھٿرادو ايمانداريءَ جو ڀانڊو ڦاٽي پيو آھي. ٻين کي چور چوڻ وارا سڀ کان وڏا چور ثابت ٿيا آھن.
منھنجي ڇنڊ ڇاڻ موجب اھا دکدائڪ خبر آھي ته ملڪ جو سربراهه، سڄي ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ عملي طرح سوچڻ ۽ جدوجھد ڪرڻ بدران ڏينھن رات عوام جي تباھيءَ جو سوچيندو رھي ٿو. نه رڳو ايترو پر ھن پنھنجي حڪمرانيءَ ۾ نه رڳو ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ بيروزگاري آڻي ڪروڙين ماڻھن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي ۽ بيروزگاري الڳ. اھا ڳالهھ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته ملڪ جو حڪمران اڃا به مطمئن ڪونھي ۽ سندس تازن بيانن مان اھو تاثر پيدا ٿي پيو آھي ته ھو خاص ڪري سنڌ کي تباهه ڪرڻ چاھي ٿو. سندس ميڊيا ۾ بيان موجب ھو صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ چاھي ٿو جنھن لاءِ ھو فوج جي ٽنھي اھم کاتن جي سربراھن سان صلاح مصلحت به ڪندو ۽ اھا به خبر ميڊيا ۾ ڏنل آھي ته ھو سنڌ جي ڊويزنن کي صوبن جو درجو ڏيندو مطلب ته صدين جي پراڻي سنڌ کي ٽوڙي انھيءَ جي ڇھن ڊويزنن کي صوبن جو درجو ڏيندو. چٽن لفظن ۾ چئي سگهجي ٿو ته ھو صدين کان قائم ٿيل سنڌ جي وجود جو سخت دشمن رھيو آھي ۽ سندس رويي مان لڳي ٿو ته ھو سنڌ کي باقاعدي ۽ مڪمل تباهه ڪرڻ چاھي ٿو. نه رڳو ايترو پر اھا به ميڊيا جي خبر آئي آھي ته نيازي سرڪار، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ رھندڙ سڀني افغاني پٺاڻن کي دائمي شھري بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رھيو آھي، جيڪو سنڌ ۽ سنڌين جي تباھيءَ لاءِ تاريخي نقصان ھوندو. ڪنھن تبصرو ڪيو ته بنگالين کي منهن ڏيڻ لاءِ ون يونٽ ٺاهيو ويو ۽ هاڻي سنڌين کي منهن ڏيڻ لاءِ صدارتي نظام آڻي ڊويزن سطح تي صوبا ٺاهيا ويندا، يعني اھا ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش آھي.
بھرحال، وزيراعظم عمران خان کي نيڪ نيتيءَ سان عرض آھي ته ھو پاڻ کي ملڪ جو سچو وزير اعظم ثابت ڪري. ھاڻي سنڌ سان کڻي محبت جو اظھار ڪري ۽ پنھنجون غلطيون کليو کلايو مڃي. ساڳي وقت ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ کي سچي دل سان گهٽائي ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان ڪروڙين ماڻھن جون حياتيون خطري کان بچي وينديون پر جيڪڏھن ائين نٿو ڪري سگهي ته بھتر آھي ته وزيراعظم جي عھدي تان رضاڪاراڻي نموني استعيفا ڏئي ۽ پنھنجون غلطيون به مڃي ڇڏي. بھرحال، اختلافي پاليسين موجب ائين ڪندئو ته پوءِ به عوام سندس واکاڻ ڪندو. ھونئن به ملڪ سندس زوردار اختلافي پاليسين سبب وڌيڪ بدناميءَ کان بچي سگهندو ۽ وفاق طرفان سنڌ جي تباھيءَ جو امڪان گڻو گهٽجي ويندو. بھرحال، ائين ڪرڻ سان سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي ڀلائي به سمايل ھوندي. ڪاش! اھا سچائي “سليڪٽيڊ حڪمران” کي سمجھه ۾ اچي!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button