گذريل ڏينهن سي ايم هائوس سامهون جيڪو ٿيو، اهو ڪوئي اوچتو حادثو نه هو. اهو هڪ سوچيل سمجهيل ۽ توريل تڪيل قدم هو. ان جو منطقي انجام اهو ئي ٿيڻو هو. پر سوال آهي ته سنڌ جي سياسي گيم ۾ ايم ڪيو ايم جيڪا وڏي انٽري هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان کي مظلوم ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ وارو عمل پيپلز پارٽيءَ کي مشڪل پوندو.
هن وقت سنڌي ۽ اردو تضاد ۾ جيڪا تلخي اچي رهي آهي، ان کي صرف اهو سوچي نظرانداز به نه ٿو ڪري سگهجي ته اهو هڪ سياسي تماشو آهي. جڏهن اقتدار جي دسترخوان تي هي ڪٺا ٿيندا آهن، تڏهن انهن ۾ ڪو فرق نه هوندو آهي ۽ انهن جون پاڻ ۾ جيڪي ذاتي دوستيون آهن، انهن جو داستان الڳ آهي. جڏهن هو گڊ موڊ ۾ هڪ ٻئي لاءِ ڪيمرا آڏو ٽهڪ ڏيندي چئي سگهن ٿا ته “اسان سڀ هڪ آهيون” ته پوءِ باقي ڇا ٿو بچي؟ ان کان سواءِ اسان کي اها ڳالهه به فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته ٽوپي واري هڪ بيان کي بنياد بڻائي هن مهل جيڪو ڪجهه ڪيو پيو وڃي، ان جو ڪيتو ڪراچيءَ جو شهر به ڀوڳيندو ۽ ان جي چٽي هن قوم کي به ڀرڻي پوندي. اسان هن مهل تائين اهو ڏٺو آهي ته جڏهن به ٻوليءَ ۽ نسل پرست تنگ نظريءَ تي ڪا به باهه ڀڙڪي آهي، ان باهه جو ٻارڻ امير طبقي جا ماڻهو نه ٿيا آهن. ان باهه ۾ عام غريب ۽ مسڪين ماڻهو سڪل ڪاٺين وانگر سڙيا آهن. هن وقت سنڌ جي مک شهر ۾ وري اها خوني سياست جي سازش رٿي پئي وڃي. ان جا نتيجا نهايت منفي نڪرندا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايم ڪيو ايم سنڌي ماڻهن جي خلاف هڪ اشتعال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جڏهن ته سرڪاري ڌر سستو سورمو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. پر سوال اهو آهي ته ان جهيڙي جو نقصان ڪنهن کي پوندو؟ ڪراچيءَ ۾ مها ٻوڏ کان پوءِ سنڌي ماڻهن جي جيڪا خاموش انٽري شروع ٿي آهي، ان سبب هن مهل سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ جي اڪثر ڪنڊن ۾ نظر اچن ٿا. سنڌي ماڻهن جي وڌندڙ آبادي ايم ڪيو ايم لاءِ سياسي ڳڻتي جو ڪارڻ ڪيئن نه هوندي؟ ايم ڪيو ايم وارن ڪيترائي ڀيرا ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي وڌندڙ انگ تي پنهنجي توائيءَ جو اظهار به ڪيو آهي. پنهنجي گاديءَ واري شهر ۾ سنڌي ماڻهن جي آمد ۾ رڪاوٽ وجهڻ لاءِ به ايم ڪيو ايم کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو هو پر سنڌ مٿان گذريل ساڍن تيرهن سالن کان وٺي حڪمراني ڪندڙ ڌر کي ان سازش جو ٽوڙ ڪڍڻو هو. جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي پلاننگ ڪندڙ حڪمران ڌر ايم ڪيو ايم کي اهڙو موقعو فراهم ڪري رهي آهي، جنهن سان هو پنهنجي ان آباديءَ ۾ وري انٽري هڻي سگهن، جنهن مان اهي بيدخل ڪيا ويا آهن.
ايم ڪيو ايم جي موجوده قيادت پاڻ به اهو اقرار ڪري رهي آهي ته هو “طاقتور هٿن” ۾ قابو آهن. ڇا ايم ڪيو ايم اهو قدم انهن هٿن جي اشاري تي کنيو آهي؟ يا ايم ڪيو ايم اهڙو قدم کڻي دراصل پنهنجي لاءِ سياسي آزاديءَ جو جواز پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ايم ڪيو ايم جنهن انداز جي سياست ڪندي رهي آهي، ان مان اردو ڳالهائڻ وارن کي ڪيترو فائدو مليو آهي؟ ان جو حساب اردوءَ وارن وٽ اڳواٽ آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم جي انهن چالن کي شهري آبادي ڇونه ٿي سمجهي؟ سنڌي ماڻهن جا ته گهڻا مسئلا آهن. سنڌي ماڻهو هن مهل تائين مردار وڏيراشاهيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن. پيپلز پارٽيءَ انهن کي آزاد ڪرڻ بدران ان ڄار ۾ اڃان وڌيڪ سوڙهو ڪيو آهي. ان کان سواءِ مخصوص حالتن سبب سنڌ ۾ سنڌي عوام لاءِ سياسي چونڊ جا ڪي به آپشن ناهن. پيپلز پارٽي عوام جي خدمت ڪرڻ بدران پنهنجي خلاف پيدا ٿيندڙ آپشن کي پاڻ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هر وقت ۽ هر جاءِ تيار ويٺي آهي. ان کي فقط موقعو ملي ته اها پنهنجي خلاف اڀرندڙ معمولي کان معمولي خطري کي به پاڻ ۾ شامل ڪري ختم ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿي. جڏهن ته سنڌي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ اردو آباديءَ کي شهري هجڻ جي حوالي سان تمام گهڻا آپشنز آهن. انهن وٽ سياست جي چونڊ جو وڏو ميدان پيو آهي ۽ هن وقت ته ايم ڪيو ايم وٽ هٿيار به ناهي جو اها اردو آباديءَ کي هيسائي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي سگهي. اردو آبادي پنهنجي حالتن جي حوالي سان آزاد ۽ سياسي طور تي پنهنجي چونڊ ۾ خودمختيار ٿي سگهي ٿي. هن وقت ايم ڪيو ايم ۾ جيڪي ڏار پيل آهن، انهن جي وٿين مان انهن کي گهڻو ڪجهه نظر اچي سگهي ٿو. انهن وٽ حقيقت ڏسڻ لاءِ گهڻا وسيلا آهن. پر پوءِ به حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اردو آبادي پنهنجو اهو ڪردار ادا ڇو نه ٿي ڪري، جنهن مان نه رڳو هن کي پر مجموعي طور تي پوري سنڌ کي فائدو پوي؟
اردو آباديءَ کي نفرت ۽ تعصب جي پرتشدد سياست جو وڏو تجربو آهي. انهن کي معلوم آهي ته نفرت جي سياست فقط لهو وهايو آهي ۽ مسڪين ماڻهن جي خاندانن کي پنهنجن پيارن جا لاش ڏنا آهن. ڇا اردو آبادي هڪ ڀيرو ٻيهر نه پر ٽيهر ان ساڳي ٻر مان پاڻ کي زهريلا ڏنگ هڻائيندي؟ جڏهن نفرت جي سياست سرگرم نه هوندي آهي، تڏهن ڪراچيءَ جو منظر ئي ڪجهه ٻيو هوندو آهي. هر ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو پنهنجي موج مستيءَ ۾ هوندو آهي. ماڻهن جي وچ ۾ جڏهن ويڇا وجهندڙ سياست جي سازش نه هوندي آهي ته ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي پيار ۽ واپار ڪندا آهن. هڪ ٻئي سان سهڪار ڪندا آهن. هڪ ٻئي جو سهارو بڻبا آهن. اردو ڳالهائيندڙ ڪاروباري ماڻهو سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي پاڻ وٽ روزگار ڏيندو آهي ۽ سنڌي بزنس مين اهو نه ڏسندو آهي ته هن لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ جي ٻولي ڪهڙي آهي؟ هڪ پيار ۽ اعتبار وارو ماحول هوندو آهي. ڪجهه وقت کان وٺي ڪراچيءَ ۾ اهڙي قسم جا منظر نظر اچي رهيا هئا ۽ جڏهن حالتن کي نفرت ڏانهن موڙڻ جو جهٽڪو ڏنو ويو آهي ته ماڻهن ۾ ڳڻتيءَ جو پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي. اسان کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته نفرت ۽ تعصب تشدد کي جنم ڏيندو آهي ۽ تشدد سدائين مجرم صفت ماڻهن لاءِ رستا کوليندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته تشدد واري ماحول ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم اهي نظر ايندا آهن، جن جو ڪم ئي ڏوهه ڪرڻ هوندو آهي. انهن کي اهو ماحول نه رڳو تحفظ فراهم ڪندو آهي پر انهن لاءِ سهولتون به پيدا ڪندو آهي. قوم جي نالي ۾ معصوم ماڻهن کي لٽڻ ۽ ڦرڻ وارو عمل ڪيترو نه برو ۽ بدبودار آهي؟ پر ڇا ڪجي؟ اسان وٽ سالن کان وٺي ان قسم جي سياست جو مانُ مٿانهون رهيو آهي ۽ ماڻهو محبت وڌائڻ بدران نفرت جي باهه ڀڙڪائڻ ڏانهن ڌڪيا ويا آهن. هيءَ به ڪجهه اهڙي ڪوشش آهي. جيڪڏهن هن ڪوشش کي سڃاڻي ان جي راهه نه روڪي وئي ته سنڌ تاريخ جي پرتشدد دور ۾ داخل ٿي ويندي. سنڌ کي ان مان ڪڍڻ لاءِ وڏي ڏاهپ ۽ محنت جي ضرورت آهي.
ڪراچي سنڌ جو گاديءَ وارو شهر آهي ۽ ان شهر پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو آهي، اهو تمام گهڻو تلخ رهيو آهي. ايم ڪيو ايم ۾ جيڪو تشدد وارو لاڙو هو، ان کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هزارن جي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا. جيڪڏهن هاڻي به ان معاملي کي وري ٿوري ڍر ملي ته ڪراچي تشدد جو مرڪز ٿيڻ ۾ دير نه ڪندو. ڇو ته ڪراچيءَ کي بدامنيءَ جي آگ ۾ اڇلائيندڙ هٿ اڄ به موجود آهن ۽ اهي وري پنهنجي ڪڌي ۽ ڪني ماضيءَ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن کي روڪڻ جو واحد رستو اهو آهي ته سڀني سان قانون مطابق سلوڪ ڪيو وڃي ۽ ڪنهن سان به ڪا زيادتي نه ٿئي ۽ ڪنهن وقت به ڀڙڪي پوندڙ نفرت جي باهه کي مڪمل طرح سان ڪنٽرول ۾ رکڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن بدامنيءَ کي پنهنجي وجود جي گواهي ڏيڻ جو ڪو موقعو نه ملي.
سنڌ تمام گهڻن حوالن سان تمام گهڻو ڀوڳيو آهي پر سنڌ جيڪو ڪجهه تشدد جي حوالي سان سٺو آهي، اهو هڪ تاريخ جو خوني باب آهي. سنڌ کي پنهنجي مهمانيءَ ۽ معصوميت واري مزاج جي وڏي سزا ملي آهي. هن وقت سنڌ ۾ ايتري سگهه بلڪل ناهي ته اها تاريخ جي وري ساڳي تلخيءَ کي برداشت ڪري سگهي. ڇو ته سنڌ ۾ نه رڳو سماجي پر معاشي حوالي سان جيڪي حالتون آهن، انهن جو تصور ڪرڻ به تمام مشڪل آهي. ماڻهن کي غربت گهاڻي وانگر پيڙي رهي آهي ۽ ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ حيران ۽ پريشان آهن. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن انهن کي کائڻ لاءِ مانيءَ بدران گوليون ملن ته انهن جو حشر ڇا ٿيندو؟ سنڌ ڪنهن به صورت ۾ اهو برداشت ڪري نه ٿي سگهي ته اها باهه وري ٻيهر ٻري، جنهن باهه ۾ نه رڳو سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي سڙي رکي ٿي چڪي آهي پر ان ۾ انهن جا پيار ۽ اعتبار به جلي ڪوئلو ٿي ويا آهن. اسان کي سمجهڻو پوندو ۽ مڃڻو پوندو ته سماج سدائين اعتبار سان وجود ۾ ايندا آهن. جڏهن به ڪنهن سماج مان اعتبار ختم ٿي ويندو آهي ته اهو سماج ئي ختم ٿي ويندو آهي. اسان کي سنڌ جو سماج نفرت جي باهه کان بچائڻو آهي ۽ انهن قوتن کي شڪست ڏيڻي آهي، جيڪا قوت پنهنجي اقتداري مفاد جي جيري لاءِ سنڌ جي اجتماعي مفاد جي ٻڪري ڪهڻ ۾ ڪا ويرم نه ٿا ڪن. انهن کي وقت سان گڏ پوري قوم سڃاڻي چڪي آهي ۽ اهي فقط هڪ طرف ناهن. اهڙا ڪردار هيڏي به آهن ۽ اهڙا ڪردار هوڏي به آهن. ٻنهي طرفن ڏانهن اهڙيون سازشون ٿي رهيون آهن، جيڪي ڪنهن به وقت وڏو ممڻ مچائي سگهن ٿيون ۽ اها باهه ڀڙڪائي سگهن ٿيون، جنهن ۾ سنڌ جي جند سالن تائين سڙندي رهي آهي. هن ڀيري اها باهه نه ڀڙڪڻ گهرجي، جيڪا باهه زندگيءَ جي ويري آهي.