ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شاگرد يونين جي بحالي وارو بل

Editorial

گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ شاگرد يونين قائم ڪرڻ تي پابنديون لڳل آهن. آمر ضياءُاُلحق جي دور کان وٺي شاگرد يونين تي پابندي مڙهي وئي هئي، جنهن کي بحال ڪرائڻ لاءِ ڪوششُون ٿينديون رهيون آهن پر ان ۾ ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي. جڏهن شاگرد يونين بحال نه ڪيون وڃن ته پوءِ شاگردن جا مسئلا به بهتر نموني حل نه ٿي سگهندا آهن ۽ ان کانسواءِ مستقبل ۾ ملڪ کي سياسي قيادت گهربل هوندي آهي سا به تيار نه ٿي سگهندي آهي. جڏهن آمرن کي سياست کان خوف هوندو آهي ته اُهي اهڙي قسم جون پابنديون مڙهيندا آهن ته جيئن انهن جو اقتدار گهڻي کان گهڻي وقت تائين قائم رهي. تنهنڪري هن وقت تائين جيڪي به ڪوششُون يونين جي بحاليءَ لاءِ ٿينديون رهيون آهن، اهي ڪارائتيون ثابت نه ٿيون آهن. ان حوالي سان پيپلز پارٽيءَ پاران هڪ سٺي اڳڀرائي ڪئي وئي آهي، جنهن سان ايندڙ وقت به شاگرد يونين بحال ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي پيا آهن.
ان حوالي سان سنڌ ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ تجويز ڪيل بل تيار ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جو اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس 25 جنوري تي سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت چيئرمين پير مجيب الحق ڪئي. قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي تجويز ڪيل بل منظور ڪري اسيمبلي ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ڪميٽي پاران تيار ڪيل بل موجب خانگي ۽ سرڪاري ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين هوندي ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺندڙ شخص شاگرد يونين کي ووٽ ڏئي سگهندو يا چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندو، مسودي موجب تعليمي ادارن جا شاگرد 7 کان 11 نمائندن تي مشتمل يونين چونڊيندا، جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ هر سال شاگرد يونين جاي چونڊ ٿيندي. تعليمي ادارن جي سينڊيڪٽ ۾ شاگرد يونين جي نمائندگي هوندي، جڏهن ته تعليمي اداري جي حراسمينٽ جي خاتمي واري ڪميٽِيءَ ۾ به يونين جا نمائندا سامل هوندا. مسودي موجب اسيمبلي مان بل پاس ٿيڻ کان پوءِ ٻن مهينن اندر تعليمي ادارا شاگرد يونين جا قاعدا ۽ ضابطا طئي ڪندا. ڪميٽي پاران تيار ڪيل بل ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تعليمي ادارن ۾ هٿيار کڻڻ ۽ کڻي وڃڻ تي پابندي هوندي، آتش گير مواد تي به پابندي هوندي، شاگرد يونين عوامي مفاد جا پروگرام منعقد ڪندي ۽ شاگردن جي سهولتن ۽ تعليمي ادارن کي بهتر ماحول جي لاءِ ڪم ڪندي. رابطا ڪميٽي چيئرمين پير مجيب الحق هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي قيادت تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي حق ۾ آهي ۽ قيادت جي هدايت تي پهرين وفاقي سطح تي اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني شاگرد يونين جي بحالي جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي ڪميٽي ميمبرن جي محنت سان شاگرد يونين بل جو مسودو تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. جڏهن ته اسيمبليءَ جي مختلف ميمبرن جي راءِ کي به اهميت ڏني وئي آهي. پير مجيب الحق وڌيڪ چيو ته شاگرد يونين بل تي ڪافي عرصي کان ڪم هلي رهيو هو، هاڻي بل تيار ڪري اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڏانهن اماڻيو ويو آهي، جيڪو ايندڙ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. اميد آهي ته سمورا ميمبرز بل جي حمايت ڪندا. بل اسيمبلي مان منظور ٿيڻ کانپوءِ سنڌ پهريون صوبو هوندو جتي شاگرد يونين فعال هوندي.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ بهتر فيصلو آهي، جنهن وسيلي شاگردن پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۾ پاڻڀرا ٿي ويندا ۽ ان کان سواءِ تعليمي ادارن ۾ گهُٽ ٻوسٽ وارو ماحول به ڪنهن قدر گهٽجي ويندو. ماضي ۾ اسين ڏسي چڪا آهن ته شاگرد يونين وسيلي نئين قيادت پيدا ٿيندي رهي آهي، تنهنڪري سنڌ حڪومت جي هن فيصلي جي آجيان ڪرڻ گهرجي ۽ اها اميد به ڪجي ته شاگرد يونين ٺاهي پنهنجي ذميواريءَ جو مظاهرو پڻ ڪندا ۽ ان کان سواءِ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button