ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ

Editorial-Article-Yameen Jatoi

ملڪ ۾ مسٽر نيازي ۽ سندس همنوائن جي اقتدار ۾ ايندي ئي ڪرپشن ۾ جنهن پئماني تي واڌ آئي آهي، ان جي ثابتي هاڻي ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جهڙا ادارا به ڏئي رهيا آهن، ياد رهي ته هي اهي حڪمران آهن جن جي شر کان ڪورونا جي مد ۾ مليل فنڊن جي رقم به محفوظ نه رهي سگهي آهي ۽ اهو به واضح هئڻ گهرجي ته هي حڪمران ڪرپشن مخالف بيانيو کڻي اقتدار تي قابض ٿيا هئا، پر هنن جي اقتداري دور ۾ جيئن ڪرپشن وڌي آهي، ان سان ته ڪرپشن ۾ اڳوڻين حڪومتن جا رڪارڊ به ٽٽندي نظر اچي رهيا آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 180 ملڪن جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جاري ڪيو آهي، جنهن موجب پاڪستان ڪرپشن رينڪنگ ۾ 16 درجا مٿي هليو ويو ۽ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان سڄي دنيا ۾ 140 هين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع ۾ پاڪستان جو دنيا ۾ 124 هون نمبر هو ۽ 2020ع ۾ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جو گذريل سال اسڪور 31 هو، جڏهن ته 2021ع ۾ پاڪستان جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جو اسڪور 28 ٿي ويو، ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي اسڪور ۾ 3 پوائنٽس جي گھٽتائي ٿي آهي، انڊيڪس جو اسڪور گھٽجڻ ڪرپشن ۾ واڌ کي ظاهر ڪري ٿو.
پر عمران خان نالي موجوده وزيراعظم ۽ سندس همنوا ان رپورٽ کي مڃڻ لا تيار ناهن. هي ساڳو عمران خان آهي جيڪو نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ان ساڳي ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي ليگي سرڪار خلاف خوب استعمال ڪندو هو، ان وقت ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن بابت رپورٽ جو اکر اکر درست هوندو هو، ڇاڪاڻ ته جو مسٽر نيازي جي ان وقت حڪومت ڪونه هوندي هئي، هاڻي جيئن ته مسٽر نيازي اقتدار جي ڪرسي تي براجمان آهي، تنهنڪري، ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ غلط آهي!! مسٽر نيازي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي جيڪو رد عمل ڏنو ڪجهه ان تي به نظر وجهجي، سندس چوڻ هو:
“اسان جي حڪومت ڪرپشن خلاف سڀني کان وڌيڪ قدم کنيا. ڪرپشن ڪندڙ ڪيسن کي منهن ڏيڻ بدران ملڪ کان ٻاهر ويٺا آهن.”
مسٽر نيازي جي ڄاڻايل رد عمل کي ڏسجي ته سندس ذهني ڏيوالپڻو ان مان واضح آهي. هونئن به هن بابت اها ڳالهه گهڻي مشهور آهي ته همراهه کان سوال هڪڙو ڪيو، جيڪڏهن ان جو اونڌو جواب نه ملي ته رقم سود سميت واپس! هاڻي هن همراهه کي ڪير سمهجائي ته ٽرانسپرنسي جي رپورٽ سندس حڪومتي دور ۾ وڌندڙ ڪرپشن بابت آهي، نڪي هن جي اڳوڻن حڪمرانن جي ڪرپشن خلاف کڄندڙ قدمن بابت!! ان کي سنڌي ۾ چئبو آهي، “اٽو چي گهوٻاٽو”! هونئن به حقيقتن کي ٽوڙڻ مروڙڻ ته مسٽر نيازي سميت سندس همنوائن جو کاٻي هٿ جو کيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو اهو ڪونه ٿو ٻڌائي ته سندس نڪ هيٺان ڪرپشن ڪيئن ۽ ڇو ٿي رهي آهي پر مارو رڳو اڳوڻن حڪمرانن جي ڪرپشن تي اٿس، جيڪا سنس حڪومتي دور ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، ان جو ڪو ليکو چوکو نه ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته همراهه “بذات خود” ايماندار آهي هاڻي سسٽم خراب آهي ته ان کي هي “ويچارو” ته ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي نه؟! اقتدار ۾ ته ويچارو بس مڙئي ايئن ئي ويٺو آهي.
هاڻي وري ٿورو سندس همنوائن جو به رد عمل ڏسو. جيڪڏهن اهي سردار کان ٻه وکون اڳتي نه هجن ته اهي پئسا به سود سميت واپس. ان ڏس ۾ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ته نڪ جي پڪائي ۾ اصلي رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيا. موصوف چيو: “ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ پاڪستان جو درجو مالي ڪرپشن نه پر سياسي ڪرپشن ۽ قانون جي حڪمراني نه هجڻ سبب هيٺ ڪِريو آهي. اصل ۾ پاڪستان جو اسڪور قانون جي حڪمراني نه هجڻ ۽ سياسي ڪرپشن سبب هيٺ آيو آهي. فنانشل ڪرپشن ۾ واڌ ناهي ٿي، پاڪستان ۾ رول آف لا تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ پوري طرح شايع ناهي ٿي، ان ۾ فنانشل ڪرپشن جو ذڪر ناهي. مختلف ادارن ۽ اين جي اوز جي رپورٽن جي بنياد تي رپورٽ تيار ڪئي وئي. سمورن ادارن پاڪستان جي رينڪنگ کي برقرار رکيو، رڳو اڪانومسٽ انٽيليجنس ڪنٽري يونٽ درجي بندي ڪيرائي آهي، چيڪ ڪيو ان جو پاڪستان ۾ ڪير سربراهه آهي ته اوهان کي پتو پئجي ويندو ته ڇو ڪِري آهي.”
سڀ کان پهرين ته ايڏي اعتماد سان نڪ جي پڪائي جو مظاهرو ڪرڻ تي کين داد ڏيڻ کانسوا رهي نٿو سگهجي. ٻي ڳالهه اها آهي ته جيئن مسٽر نيازي حڪومت ۾ هوندي به هر وقت اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته ڄڻ هو هن وقت به اپوزيشن ۾ هجي، تيئن سندس وزير مشير به اها ئي واويلا ڪن ٿا. فواد چوڌري جو مٿيون بيان ان جي ثابتي آهي. سوال اهو آهي ته قانون جي حڪمراني سميت جيڪي به معاملا آهن اهي ڪير نبيريندو؟ هن وقت حڪومت ۾ ته توهان ويٺل آهيو، توهان صرف ايترو ٻڌايو ته توهان جيڪي صادق ۽ امين هئا، ايماندار هئا، کير جا وهنتل هئا، توهان جي حڪومتي دور ۾ ايڏي وڏي پئماني تي ڪرپشن ڇو ۽ ڪيئن وڌي رهي آهي؟ توهان اڃا ماڻهن کي ڪيترو بيوقوف ٺاهيندئو؟ اڃا ڪيترا ڪوڙ هڻندئو؟ ماڻهن کي ڪوڙي اخلاقيات جا اڃا ڪيترا ڀاشن ڏيندئو؟ سچ ته اهو آهي جو اوهان جي ايجنڊا تي صرف ۽ صرف عوام دشمني ئي آهي. ڇاڪاڻ ته اوهان عوام جا نمائنده ته آهيو ڪونه، عوام ته اوهان کي اليڪشن ۾ چونڊي اقتدار ۾ موڪليو ناهي، اوهان ته عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي اقتدار تي قبضو ڪري ويهي رهيا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ ڪنهن به عوام دوستي جي اميد رکڻ اصل ۾ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر ئي آهي.
ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ سينيٽ ۾ بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته “هي حڪومت ڪارڪردگي تي نه، چور ڦورو ڪرپشن جي بيانئي تي هلي هئي. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو آهي. اوهان ڪرپشن ۾ به سب رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ماضي جي حڪومتن کي ڇڏيو، پنهنجو جواب ڏيو.”
هي حڪمران آيا ته جمهوريت ۽ سياست جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هڻڻ لا هئا، پر سندن سياست جي تابوت ۾ آخري ڪوو لڳندي نظر اچي رهيو آهي، اي وي ايم سميت صدارتي نظام جا شوشا ڇڏڻ تائين اهي سڀ اٽڪلون دراصل پاڻ کي ان آخري ڪوڪي کان بچائڻ جون ناڪام ڪوششون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button