ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سينيٽ ۾ واڳ ڌڻين جي سھولتڪارن جي کوج

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

جنھن ويل سينيٽ جي موجوده چيئرمين صادق سنجراڻيءَ جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿي ھئي، ان وقت سڀني کي اندازو ٿي ويو ھو ته ان Move پٺيان ڪير ھو؟ ھِن ڀيري به ساڳي صورتحال نظر آئي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڪثريت جي باوجود اسٽيٽ بينڪ ترميمي بل ھڪ ووٽ جي اڪثريت سان حڪومت منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي! صورتحال تي نظر رکندڙن جو خيال آھي ته سينيٽ ۾ جيڪي ڪجهھ ٿيو، ان تي حيرت ڪرڻ جي ڪابه ڳالھه ناھي. ڇاڪاڻ ته اجلاس کان ڪيترائي ڪلاڪ اڳ واڳ ڌڻين جي نمائندن جا نھ فقط مخالف ڌر جي سينيٽرز کي فون اچڻ شروع ٿي ويا، پر طئي ٿي ويو ھو تھ ائين ٿيندو، جيئن نتيجا آيا. ان جو مطلب آھي تھ مخالف ڌر کي سٺي ٻار جيان ووٽ بل جي حق ۾ ڏيڻو آھي، يا وري جيڪي ڪمزور وڪيٽ تي کٽي آيا، انھن کي پاسيرو رھڻ جي ھدايت ڪئي وئي. بلڪل ائين ئي ٿيو، جيڪي سينيٽرز موجود ھئا، انھن مان مخالف ڌر جي بھ ڇھن ميمبرن نھ فقط حڪومتي بل جي حمايت ڪئي، پر ان سان گڏ جيڪي واڳ ڌڻين سان ويجھڙائپ رکن ٿا، اھي سينيٽرز تھ ايوان ۾ ئي نھ آيا، ان سان حڪومت جو ڪم وڌيڪ آسان ٿي ويو.
سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، جنھن ڳجهي انداز سان سينيٽ جي سيٽ کٽي آيو ۽ واڳ ڌڻين جي ھڪ ٻئي Hevywieght حفيظ شيخ کي مات ڏني، ان وقت ئي شڪ ۽ شبھا ظاھر ڪيا ويا هئا. ان کانپوءِ يوسف رضا گيلاني بلوچستان عوامي پارٽيءَ جي سينيٽرز جي حمايت سان مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿي ويو، ھن جي حڪومتي بينچن تي ويٺل ٻين سينيٽرز بھ حمايت ڪئي. ان حوالي سان سڀني يوسف رضا گيلانيءَ جي اھا ڳالهھ تھ ھي ايوان مخالف ڌر جي مھرباني سان ھلي ٿو، ان جي جواب ۾ قائد ايوان شھزاد وسيم کيس طعنو ڏنو، جيڪو يادگار آھي. ھن ڀريل ايوان ۾ کيس چيو تھ جناب گيلاني صاحب جيڪڏھن حڪومت توھان جي حمايت نھ ڪري ھا تھ مخالف ڌر جا اڳواڻ ڪيئن ٿيو ھا؟ ان ڪري ھي ايوان توھان جي ڪري نھ پر اسان جي ڪري ھلي ٿو. ان دوران يوسف رضا گيلاني جو منھن ئي لھي ويو.
سينيٽ مان اسٽيٽ بينڪ ترميمي بل جي منظوري کان اڳ جو ماحول تھ ڏسو، ايجنڊا ۾ اھا ڳالهھ شامل ھئي تھ بل جي منظوري ورتي ويندي، پر ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين حڪومتي ڌر جا سينيٽرز غائب ھئا. قائد ايوان کان وٺي مملڪتي وزير علي محمد خان ۽ ٻيا پنھنجن سينيٽرز کي فون مٿان فون ڪندا رھيا، پر ھو اچڻ لاءِ تيار نھ ھئا. ان کانپوءِ حڪومتي ڌر جا سينيٽرز ظاھر آھي تھ ٻرن مان تھ نھ نڪتا ھوندا، انھن کي گھرايو ويو. ھي بل جيئن واڳ ڌڻين جي خرچ پاڻي جو ھو، انھن کي ئي رقم جي سخت ضرورت آھي، ان ڪري انھن چاھيو پئي تھ بل ڪھڙي بھ صورت ۾ منظور ڪيو وڃي. ٻئي پاسي عالمي مالياتي فنڊ حڪومت کي وارننگ ڏئي ڇڏي ھئي تھ ٻھ ڀيرا نظرثاني اجلاس تھ ملتوي ڪيو ويو، پر ھاڻ فيبروريءَ جي شروع تائين قانون سازيءَ جو عمل مڪمل نھ ٿيو تھ قرض نھ ڏنو ويندو. ان سان واڳ ڌڻين جي پريشانيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. ان کانپوءِ سمورن سينيٽرز جي گھر جا فون رڌم سان وڄڻ لڳا ۽ ھي بل منظور ڪرايو ويو.
اجلاس کان اڳ ۾ سڀني ڏٺو تھ حڪومتي ڌر جو موڊ ھو تھ جيڪڏھن ايوان ۾ اڪثريت ناھي تھ ڀلي بل پيش نھ ٿئي، سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي تھ ايستائين بھ چئي ڇڏيو تھ بل پيش ڪرڻ حڪومت جو ڪم آھي، جيڪا نٿي ڪرڻ گھري! ھي اصل ۾واڳ ڌڻين ڏانھن پيغام ويو تھ حڪومت سھڪار نھ ڪري رھي آھي،ان سان ناڻي جو وزير شوڪت ترين بھ غائب ٿي ويو. سينيٽ جي چيئرمين کي اعلان ڪرڻو پيو تھ شوڪت ترين جتي بھ ھجي ان کي ايوان ۾ پيش ڪيو وڃي تھ جيئن قانون سازي ڪري سگھجي. ان دوران ڏسندي ئي ڏسندي شوڪت ترين سھڪندو ايوان ۾ پھتو ۽ ان بل پڙھڻ شروع ڪري ڇڏيو. ان دوران شق وار بحث دوران مخالف ڌر جون سموريون رٿون ۽ تجويزون رد ٿي ويون ۽ ائين ئي ٿيڻو ھو، ڇاڪاڻ تھ ھي رڳو قانوني پروسيس طئي ڪرڻو ھو، نڪي رٿون يا تجويزون منظور ڪرڻيون ھيون. مخالف ڌر جي ميمبرن تھ چيئرمين کي چيو تھ حڪومت کي چئو تھ اھا بل پيش ڪري يا بل کي ملتوي ڪيو وڃي. ان کانپوءِ رضا رباني ۽ ٻين سينيٽ چيئرمين کي رولنگ ڏيڻ لاءِ زور ڀريو، پر چيئرمين ٻھ ڀيرا اجلاس ملتوي ڪيو. ان مان اندازو ٿي سگھيو پئي تھ ڪيئن سينيٽ چيئرمين حڪومت ڌر جي سھولتڪاري ڪئي ۽ اسپيس ڏنو، جنھن کانپوءِ سڀني ڏٺو، مخالف ڌر جي دلاور خان ۽ ان جي ڇھن حامين ڪيئن حڪومتي بل جي حمايت ڪئي. ھن کي بھ ظاھر آھي، ڪٿان اشارو تھ مليو ھوندو.
ان کان اڳ يوسف رضا گيلاني تھ ايتري سھولتڪاري ڪئي، جو پاڻ تھ ايوان ۾ نھ آيو، پر مخالف ڌر سان واسطو رکندڙ 8 سينيٽرز ۽ حڪومت جا حامي چار سينيٽرز ايوان مان غائب رھيا. مشاھد حسين سيد کي ڪير نٿو سڃاڻي، ھن بھ ڪورونا جي بھاني سنھي گھٽي جو رخ ڪيو ۽ ايوان ۾ نھ آيو. ھي ساڳيو مشاھد حسين آھي،جيڪو ڪنھن زماني ۾ نواز شريف جي ڊارلنگ ھو ۽ ھاڻ ان کي پنھنجي ئي پارٽي ۾ ڪو گاهه وجھڻ لاءِ تيار ناھي. ھو توڙي جو پرڏيھي معاملن جي ڪميٽيءَ جو ھينئر بھ چيئرمين آھي، پر پرڏيھي معاملا تھ وڏي سرڪار جي ھٿ وس آھن ۽ ھو انھن جي ئي اشارن تي ڪم ڪري ٿو. ھن سموري ڪارروائي دوران واضح ٿيو تھ اھي سينيٽرز جن کي واڳ ڌڻين جي اکين جو تارو سمجھيو ويندو ھو، انھن مڪمل سھولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو. اھا بھ اميد نٿي ڪري سگھجي تھ سندن پارٽيون انھن کان ڪو پڇاڻو ڪنديون. شيري رحمان جي ان ڳالهھ کي ڪو سنجيده وٺڻ لاءِ تيار ناھي تھ حڪومت رات جو دير سان اسٽيٽ بينڪ جو ترميمي بل ايجنڊا ۾ شامل ڪيو. ھن يوسف رضا گيلاني کي بھ سيف سائيڊ فراھم ڪئي تھ ھو رات جو دير سان مصروف ھو، ان ڪري اجلاس ۾ اچي نھ سگھيو. ھي سڀ “دل ڪي خوش رکني ڪو غالب يي خيال اڇا هي” واري ڳالھه لڳي ٿي.
عالمي مالياتي فنڊ کان ڇھه ارب ڊالرن جي رقم وٺڻ لاءِ جيڪا قانون سازي ڪئي وئي آھي، ان جو واسطو عمران خان جي حڪومت جي خرچ پکن سان گھٽ آھي، ان ڪري انھن کي گھڻي ڊڪ ڊوڙ بھ نھ ڪرڻي پئي. پئسن جي ضرورت واڳ ڌڻين کي ھئي، انھن کي ضروري خريداريون ڪرڻيون ھيون. اھي ئي روزانو جي بنياد تي اوڌر وٺي گذارو ڪري رھيا ھئا. اسٽيٽ بينڪ جي بل سان ملڪ جي جيتري بھ مالياتي خودمختياري متاثر ٿئي ۽ حڪومت جا ھٿ پير وڍجي وڃن، اھا وڏي ڳالهھ ناھي. ڇاڪاڻ تھ جڏھن ملڪ جو اقتدار اعليٰ ۽ خودمختياريءَ کي عالمي ادارن اڳيان گروي رکيو ويو آھي تھ ھن بل سان ڇا ٿيندو؟ ان بل جي نتيجي ۾ حڪومت اسٽيٽ بينڪ کان قرض کڻي نھ سگھندي، بقول شيري رحمان جي تھ جنگ جي صورتحال ۾ بھ حڪومت مرڪزي بينڪ ڏانھن ھٿ ڊگھيري نٿي سگھي. ان سان وقت جي حڪومت کي جيڪڏھن قرض وٺڻا ھوندا تھ اھا ڪمرشل بينڪن ڏانھن ويندي، جيڪي پھريان ئي عام کاتيدارن جي ابتي کل لاھي رھيون آھن. ان سان گڏ ھي ڳالھه بھ واضح آھي تھ حڪومت توڙي واڳ ڌڻين جا خرچ تھ ملڪي مالياتي ادارا ۽ بينڪون پورا ڪري نٿيون سگھن. ان ڪري انھن کي عالمي مالياتي ادارن جي اڳيان خيرات وٺڻي پئي ٿي. اھو ئي سبب آھي جو ملڪ جي تاريخ ۾ ڳرو قرض ورتو ويو آھي ۽ موجوده حڪومت جي ساڍن ٽن سالن دوران سمورا ريڪارڊ ٽٽي ويا آھن.
اسٽيٽ بينڪ جي ترميمي بل جي ڪو ٻيو مخالفت ڪري تھ ڳالھه سمجھه ۾ اچي ٿي، پر موجوده قانون جي وزير فروغ نسيم، جيڪو پڻ واڳ ڌڻين جي اکين جو تارو آھي، ان بھ ڪيترين ئي شقن تي اعتراض واريا ھئا. ھن جو چوڻ ھو تھ اھي شقون آئين سان ٽڪراءُ ۾ آھن، خاص ڪري انساني حقن جي آزاديءَ سان ٽڪراءُ ۾ اچن ٿيون، پر انھن کي بھ نظرانداز ڪيو ويو. جيڪڏھن ڪنھن بل تي وقت جي قانون جو وزير اعتراض واري تھ اندازو لڳايو تھ اھو بل ڪنھن تيار ڪيو ھوندو؟
ھن بل جي منظور ٿيڻ سان واضح ٿي ويو تھ پارليامينٽ ۾ جيڪي بھ اسيمبلي ميمبرز يا سينيٽرز ويٺل آھن،انھن جي ڪابھ خودمختيار ۽ آزاد راءِ ناھي. اھي ڪنھن نھ ڪنھن جي اشاري تي ڪم ڪن ٿا. ھي فرق بھ گھٽ محسوس ٿيڻ لڳو آھي تھ حڪومت توڙي مخالف ڌر جا چونڊيل نمائندا، واڳ ڌڻين جي ايجنڊا تي ھڪ ئي پيج تي آھن. اھڙي پارليامينٽ مان عوام دوستيءَ جي ڪيتري اميد ڪري سگھجي ٿي؟ جيڪڏھن پارليامينٽ ڳجھن ھٿن ۾ ائين يرغمال ھوندي تھ جيڪا بھ قانون سازي ٿيندي، اھا ڪيتري بھتر ھوندي. ھينئر پ پ جو لانگ مارچ ويجھو آھي، ان کان اڳ ھو واڳ ڌڻين جا سھولتڪار بڻيا آھن. ساڳي حالت (ن) ليگ جي آھي. ان ڪري ھي سڀ ھڪ ئي صف ۾ بيٺل آھن، عوام کي ڪنھن بھ چڱائي جي اميد نھ ڪرڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button