شوبز

ناديا خان ۽ شرميلا فاروقي جا هڪٻئي کي ڏنڊ وارا نوٽيس جاري

پاڪستان جي ٽي وي ميزبان ناديا خان ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي هڪٻئي کي ساک متاثر ڪرڻ ۽ ڪروڙن جي ڏنڊ وارا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق شرميلا فاروقي جي امڙ کان تکا سوال ڪرڻ تي ٻنهي وچ ۾ جاري تڪرار هاڻ قانوني ويڙهه ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جنهن بعد شرميلا فاروقي 50 ملين جي ڏنڊ جي گهر ڪندي ساک متاثر ڪرڻ جو نوٽس ناديا خان کي موڪلي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ ناديا خان بھ موٽ ۾ 50 ڪروڙ جي ڏنڊ جو نوٽس شرميلا کي جاري ڪرايو آهي. اهڙي ريت ٻنهي عورتن جاري ڪيل نوٽيسن ۾ هڪٻئي تي ساک متاثر ڪرڻ ۽ عورت جي توهين ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن. هوڏانهن سياستدان ۽ ٽي وي ميزبان جي وچ ۾ جاري تڪرار ۾ شدت تي ماڻهو حيران ٿي ويا آهن، انهن سندن اهڙي عمل کي ننديو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button