ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سينيٽ ۾ عمران حڪومت جي سوڀ

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

گذريل ٻن ڏينهن ۾ اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ٻه وڏا سياسي واقعا ٿيا آهن جن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي ساک کي ڇيهو رسايو آهي. اسلام آباد ۾ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کي آئي ايم ايف وٽ گروي رکڻ وارو قانون سينيٽ مان پيپلز پارٽيءَ جي پٺڀرائي سان منظور ٿيو ۽ ڪراچيءَ جي ريڊ زون ۾ سوين ڪارڪنن داخل ٿي مرڻينگ حالت ۾ پيل ايم ڪيو ايم کي ٻيهر جيئارڻ واري سازش کي شھر واسين ۽ واپارين ٻئي ڏينهن ھڙتال کان انڪار ڪري پنھنجا دوڪان ۽ ڪاروبار کولي ناڪام بڻائي ڇڏيو. آئون پاڻ خميس ۽ جمعي ڏينهن ڪراچي ۾ ھئس ۽ صدر جھڙي مرڪزي ڪاروباري علائقي ۾ گھمي ڦري ڏٺم ته ايم ڪيو ايم جي ھڙتال واري سڏ تي نه بسون، گاڏيون ۽ ٻي ٽريفڪ جام ٿي سگهي ۽ نه ڪو ھڪڙو دوڪان بند ڪرائي سگھيا. پنھنجي انھيءَ وڏي ناڪامي جي باھه ٺارڻ خاطر متحده جي ليڊرن وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف پنهنجي ھڪ ساٿيءَ جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سول لائينز ٿاڻي ۾ جيڪا درخواست ڏني آهي، ظاهر آهي ته وڏي وزير خلاف ايف آئي آر نٿي ڪاٽي سگھجي ڇاڪاڻ ته ھو حادثي مھل موقعي تي موجود ڪونه ھو ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم جي مري ويل ھن ڪارڪن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھئائين. حقيقت ۾ ته ھو فوتيءَ جي گھر لنگھي ويو ۽ سندس وارثن سان ڏک ونڊي، کين مطمئن ڪيائين ته سنڌ سرڪار ھن مظلوم خاندان جي مالي مدد ڪندي ۽ قتل جي جوابدارن کي سزا ڏيندي.
ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان رڳو ٻڌڻ ۾ ٻه آهن. اندران انھيءَ پراڻي سازش تي پاڻ ۾ ھڪ آهن ته ڪراچي شهر تي نه فقط جنرل پرويز مشرف جي دور وانگر قبضو ڄمائي وٺجي پر ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري اصلوڪي اسڪيم تي به عمل ڪرائجي. اھو خواب 1948 کان وٺي خواب ئي رھيو آھي جنھن جي تعبير ۽ تڪميل 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي ڪري سگهندا ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ مٿان اسٽيبلشمينٽ وارا ڪنھن اھڙي تنظيم کي قبضو ڪرڻ ڪيئن ڏيندا جنهن کي پاڻ ڀارتي ايجنسي را جي ايجنٽ ۽ دھشتگرد جماعت ٺھرائي چڪا آهن.
ڪراچيءَ ۾ ڇانوڻيون آهن. انگريزن جي دور کان قائم ٿيل ھنن ڪنٽونمينٽ بورڊز جي ايراضيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو رهندو آھي. شاھراهھ فيصل ڪراچيءَ جي شهه رڳ آهي جيڪا وچ شھر جي ميٽروپول ھوٽل وٽان شروع ٿي صدر ڪينٽ، فيصل ڪينٽ، ملير ڪينٽ ۽ ڪورنگي ڪينٽ وارن علائقن تائين پنجويهه ميل ڊگهي آھي. پريان پورٽ قاسم ۽ اسٽيل ملز آهن جنهن کان پوءِ ٺٽي ضلعي جو ڌاٻيجي شهر شروع ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ڏاکڻي پاسي ڏانهن نھاريو ته پراڻي ڪراچي بندرگاهه، سنڌين، بلوچن، ڪڇين ۽ پٺاڻن جو ڪياماڙي ضلعو شروع ڪئي ٿو جنهن ۾ منھڙو ڪينٽ ۽ ماڙيپور ائيربيس وارن علائقن سان لڳولڳ لياريءَ جو تمام وسيع اولڊ سٽي پکڙيل آهي. اوڀر ڏکڻ ۾ ڪلفٽن، ڊفينس، گذري مياڻ ۽ ٻيا اھڙا علائقا آهن جتان اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ھٿيارن جي زور تي به نه کٽي سگهندي آهي. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ جڏهن وسيم اختر سنڌ جو وزير داخلا ھو تڏھن ھنن ٺپا هڻي ڪوڙا ووٽ دٻن ۾ ڀري خوش بخت شجاعت نالي پنهنجي عورت اميدوار کي کٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ووٽرن پولنگ اسٽيشنز جو ٽن ڏينهن تائين گھيرو ڪري ٻيھر ڳڻپ ڪرائي جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ اميدوارن کي شڪست ۽ تحريڪ انصاف جي عارف علوي کي سوڀ ملي.
متحده وارن پنهنجي مئل تنظيم کي ٻيهر جيئرو ڪرڻ لا جيڪا سازش سٽي هئي ان جو اھم نقطو اهو هو ته ريڊ زون اندر اھڙو ٻڙڌڪ مچايون جو پوليس وارا گولي ھلائڻ تي مجبور ٿين ته جيئن اسان کي ھڪ يا ٻه لاش هٿ چڙهن ۽ اڳي وانگر انھن لاشن جي نمائش ڪري پاڻ کي مظلوم ثابت ڪري سگهجي. کين ھڪڙي ڪارڪن جو لاش ملي ويو جنهن تي ھائي گھوڙا ڪري جمعي ڏينهن مئل ڪارڪن جي سوڳ ۾ ماڻهن کي ھڙتال ڪرڻ ۽ ڪاروبار نه کولڻ لا باقاعدي خميس جي شام کان ئي دھشت ۽ وحشت پکيڙڻ واسطي ساڳيا پراڻا حربا هلائي واپاري تنظيمن جي اڳواڻن کي فون ذريعي ڌمڪيون ڏنائون. ٻارھن مئي جو وسيم اختر جيڪا ٻولي ڳالهائيندو آهي، سا ماڻهن کي چيڙائڻ لاءِ ڪافي ھوندي آهي. دوڪانن وارا توڙي وڏا واپاري ايم ڪيو ايم جي غنڊاگردي جا اڳ ۾ ئي سٽيل ۽ ستايل آهن، تن پنھنجن اڳواڻن کي دانھن ڏني ۽ ڪاروباري تنظيمن جي طرفان واڳ ڌڻين سان رابطو ڪري کانئن سوال ڪيا ويا ته ڇا اوهان متحده قومي موومينٽ جي ليڊرن کي وري ڇوٽ ڇڏيو آھي ته ڪراچي شهر ۾ امن امان کي برباد ڪن؟ ظاهر آهي خميس ڏينهن ريڊ زون ۾ ٿيل بدامني جي ڪري ڪراچيءَ جا مکيه رستا بند ھجڻ سبب ھو اڳ ۾ ئي پريشان ھئا. مھانگائي ۽ ڪورونا جي مرض ھٿان ٽن سالن کان نقصان سھندڙ ڪاروباري ماڻهو ھرگز نه پيا چاهين ته ايم ڪيو ايم ھڪ دفعو وري شھر ۾ رتوڇاڻ ڪري ۽ کانئن ھن پوائنٽ تي زوريءَ ڀتا وٺڻ شروع ڪري ڇڏي. سندن دانھن راولپنڊيءَ تائين پھچي ويئي جتان ڪراچي ۾ پوسٽ ٿيل ڳجهن رياستي ادارن جي آفيسرن کي حڪم مليو ته وسيم اختر کان وٺي فاروق ستار تائين سڀني اڳواڻن کي چئي ڇڏيو ته سڀاڻي جيڪڏهن زوريءَ دوڪان بند ڪرائيندا ته اوهان کي ڪاٺ ۾ وجهي ڇڏبو. بزدل ته پهرين درجي جا آهن، سو گھڻا ڄڻا ته ماٺ ڪري گھرن ۾ ويهي رهيا. يعني پنهنجن ٻرن ۾ لڪي ويا. جمعي تي ايم ڪيو ايم جي پنهنجي ڳڙھه عزيز آباد، لالو کيت، ناظم آباد ۽ اورنگي ٽائون ۾ به اسڪول، ڪاليج، دوڪان کليل رھيا ۽ ٽريفڪ به بنا ڪنهن رنڊڪ جي شھر ۾ ھلندي رھي ۽ ھڪ خطرناڪ سازش دفن ٿي ويئي جنهن جو مقصد لساني فسادن جي چڻنگ لڳائڻ هو.
سينيٽ جنهن کي پارليامينٽ جو مٿانهون ادارو يا بالا ايوان چئبو آهي، ان ۾ پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته تحريڪ انصاف جي بدران مخالف ڌر جي ميمبرن جي گھڻائي آهي. گذريل ٽن سالن کان ڏسڻ ۾ اچي پيو ته ھن سڀ کان وڏي ايوان ۾ اپوزيشن پارٽيون ۽ سندن ليڊر پنهنجي نصب العين مطابق فرض ادا نه پيا ڪن بلڪ جنھن جنهن قانون کي عوام دشمن سمجهي ظاهري طرح ان کي نندڻ کانپوءِ سگھاري ڌر جي فيصلن تي اکيون ٻوٽي عمل ڪندا رھن ٿا. چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي چونڊ مھل ته ميان نواز شريف پنھنجي جماعت جا ووٽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني جي حق ۾ ڏيڻ جي بنا ڪنهن شرط جي آڇ ڏني پر کيس پ پ قيادت پاران ٺپ جواب مليو. آصف علي زرداري پنهنجي پارٽي جي سينيٽرن جا ووٽ اسٽيبلشمينٽ جي اميدوار صادق سنجراڻي جي جھوليءَ ۾ وجھي کيس کٽرايو ۽ موٽ ۾ پاڻ کي پنهنجن وڌ ۾وڌ ساٿين کي نيب جي مقدمن مان آجو ڪرائي ڇڏيائين. جمعي تي اسٽيٽ بينڪ کي آمريڪي سامراجي اداري آئي ايم ايف جي وياج خوريءَ لاءِ واٽ ھموار ڪرڻ واسطي گروي رکڻ جو قانون منظور ٿيڻ کان اڳ مخالف ڌر جي ميمبرن جو انگ سرڪاري ڌر کان گھڻو سرس ھو پر جنهن مھل ووٽنگ ٿي ته پ پ جي اتحادي دلاور خان گروپ جي ٽن ميمبرن جي بيوفائيءَ کان وڏو ڌڪ ھنيو زرداريءَ جي سڀ کان وڏي ساٿاري مخدوم يوسف رضا گيلاني! سڄي ملڪ جا ماڻهو حيران ۽ پريشان آهن ته ليڊر آف دي اپوزيشن اسلام آباد نه اچي عمران حڪومت لاءِ سھولتڪار بڻيو. سندس انھيءَ غير حاضريءَ سبب نه رڳو آئي ايم ايف وارا پر خود آصف زرداري به ڏاڍو خوش ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ايندڙ اليڪشن ۾ مرڪزي يا وفاقي حڪومت ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ھو سنڌ کي به پنهنجي ڪنٽرول ۾ ئي رکڻ چاهي ٿو.
ان کان اڳ مخالف ڌر جي شاندار اتحاد پي ڊي ايم ۾ پڻ آصف زرداري جي فيصلن ڏار وجهي ڇڏيا هئا جنهن ڪري مولانا فضل الرحمان کي وڏي واڪي چوڻو پيو ته “پ پ قيادت اسان جي پٺ ۾ ڪاتي ھنئي آھي.’
يوسف رضا گيلانيءَ جي جمعي ڏينهن واري غير حاضريءَ تي تحريڪ انصاف جي وزيرن سندس ٿورا مڃيا آهن. ھنن کي زرداريءَ جا ٿورا مڃڻ کپن جنھن اسٽيبلشمينٽ کي نياپو ڏنو آهي ته منهنجي وفاداري سڀ کان اتم آهي، ھر ڏکئي وقت ۾ اوهان جي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر آهيان. زرداري جي انھن سياسي ٽٻين جي ڪري مخالف ڌر ۾ ڦڙڦوٽ پيدا ٿي ۽ عمران حڪومت کي ھر قسم جا عوام دشمن قانون لاڳو ڪرڻ ۾ سھولت.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button