ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي جي ايجنڊا کڻي آيل حڪمران

Editorial

وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن جون اهي دعوائون ختم نه پيو ٿين ته معاشي ماحول بهتر ٿي رهيو آهي ۽ عوام کي ان جا نتيجا ملڻ شروع ٿي ويندا، جڏهن ته عملي طور صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي. ڇاڪاڻ ته مهانگائي عوام جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آهي. غريب ٽيڪس جي بار هيٺان دٻجي چڪو آهي. عام واهپي واريون شيون روزاني جي بنياد تي مهانگيون ٿي رهيون آهن. ڳڻپ واري وفاقي اداري مهانگائي بابت هفتي واري رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق هڪ هفتي دوران تقريبن 17 عام کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيون آهن. ان حوالي سان ڳڻپ واري اداري موجب سڀني کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ مهانگائي 20 ڏهائي 24 سيڪڙو ٿي وئي آهي. رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 17 شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جن ۾ ٽماٽا 18 رپيا 53 پيسا ۽ ٿوم 13 رپيا 55 پيسا في ڪلو مهانگي ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مٽرن جي اگهه ۾ 2 رپيا 45 پيسا في ڪلو، چڻن جي دال 1 ڏهائي 92 رپيا ۽ دال ماش جي اگهه ۾ 2 ڏهائي 75 رپيا في ڪلو واڌ ٿي. جڏهن ته دال مسور 1 ڏهائي 54 رپيا ۽ مڱن جي دال 0 ڏهائي 68 پيسا مهانگي ٿي. ڳڻپ واري اداري موجب گيهه جو في ڪلو اگهه هڪ رپيو 75 پيسا واڌ ٿيڻ بعد في ڪلو جو اگهه 400 رپيا 75 پيسا ٿي ويو. جڏهن ته 5 لٽر ڪوڪنگ آئل جو اگهه 2 هزار 85 رپيا 42 پيسا ٿي ويو. ٻئي پاسي ملڪ ۾ ايندڙ مهيني جي شروعات تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 10 روپين تائين واڌ جو امڪان آهي. انڊسٽري ذريعن موجب عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پهرين فيبروري کان ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا في لٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا في لٽر واڌ جو امڪان آهي. هيءَ حڪمران اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ته وڏا عوام دوست هئا، انهن کي عوام جا ڏک سور به ياد هئا، هو ايوانن ۾ تقريرون ڪندي چوندا هئا ته ن ليگ جي حڪومت مهانگائي ڪري رهي آهي. اها ساڳي پي ٽي آءِ اقتدار ۾ ايندي ئي عوام لاءِ عذاب کڻي آئي آهي. بهرحال جيڏي مهانگائي هنن حڪمرانن ڪئي آهي، ايڏي ته گذريل حڪومتن ۾ به نه ٿي، هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، هي حڪومت عوام کي ذهني طور مفلوج ڪرڻ جي مڪمل تياري ڪري آئي آهي، ڇا ڇا مهانگو نه ڪيو اٿس، ڊالر مهانگو، بجلي مهانگي، گيس مهانگي، تيل مهانگو، ڀاڄيون مهانگيون، ڪپڙا لٽا سڀ ڪجهه مهانگو ٿي ويو آهي. مهانگائي ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ۽ حڪمران اهڙو لب و لهجو اختيار ڪري ويٺا آهن ڄڻ اڄ به مخالف ڌر ۾ هجن. هاڻي حڪومت اوهان وٽ، معاشي پاليسيون اوهان وٽ، عوام کي رليف ڏيڻ جا سمورا موقعا اوهان وٽ، پوءِ به عوام جا اهنج گهٽجڻ بدران انهن ۾ بدترين واڌ ڇو اچي رهي آهي؟ عوام اڄ به سستي اٽي لپ لاءِ پريشان ڇو آهي؟ 15 هزار ڪمائيندڙ هڪ ماڻهو ان لاءِ پريشان ڇو آهي ته هو انهن ڏوڪڙن مان گذرسفر ڪيئن ڪري؟ جڏهن سڀ ڪجهه هٿن ۾ هوندي به اوهان عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو، نه رڳو ڪجهه نه ڪيو، پر ان جي عذابن ۾ ڏهوڻي واڌ ڪيو ته پوءِ ان جو مقصد اهو ئي آهي ته اوهان جي ترجيح عوام نه آهي. اوهان جي ايجنڊا عوام جا سور گهٽائڻ نه پر انهن ۾ اضافو ڪرڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو مسلسل جيڪي قدم کنيا پيا وڃن اهي عوام لاءِ ڏينهون ڏينهن جيئڻ تنگ ڪري رهيا آهن. مهانگائي جي ايجنڊا کڻي آيل حڪمرانن کي اهو ئي چونداسين ته اجايون دعوائون ڪرڻ بدران هاڻي عام ماڻهو جي بهتري لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button