جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته هاڻوڪي اپوزيشن (پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ) عمران خان نيازيءَ کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿي ته اهو احمقن جي جنت ۾ ٿو رهي. هن وقت تائين عمران خان نيازيءَ کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جون ڪيتريون ڪوششون ٿي چڪيون آهن، پر اهي سڀ ڪوششُون ناڪام ٿيون آهن. ڪيترا اهڙا بل هئا جيڪي اپوزيشن جي حمايت کان سواءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان پاس نٿي ٿي سگهيا پر اهي آرام سان پاس ٿي ويا. تازو اسٽيٽ بينڪ وارو ترميمي بل به سينيٽ مان منظور ٿي ويو. جڏهن ته سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت رکندڙ پارٽي آهي. ظاهر آهي اهو بل ائين پاڻمرادو ته پاس ڪونه ٿي ويو هوندو. ان لاءِ به پيپلز پارٽي هڪ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي جو هڪ ووٽ سان اهو بل پاس ٿي ويو. ڀلي ان لاءِ پيپلز پارٽيءَ تي “ڪمپني بهادر” جو بار هجي، پر پيپلز پارٽي هاڻ اها پارٽي ٿي وئي آهي، جيڪا ڪُتو به کائيندي آهي ۽ سندس ڪُک به ڪانه ڀربي آهي.
ان سڄي ماحول ۾ ڪڏهن ان ڳالهه جو مونجهارو پيدا ٿي پوندو آهي ته اپوزيشن وڌيڪ نا اهل آهي يا عمران حڪومت؟ حڪومت نا اهل آهي، اها ڪرپٽ آهي، ان کي عوامي مسئلا حل ڪرڻ نٿا اچن، اهو پهرين ڏينهن کان نظر اچي رهيو آهي پر اپوزيشن پنهنجو پاڻ کي نااهل ثابت ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو آهي. جنهن کان پوءِ عمران خان نيازيءَ جي حڪومت لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ٿي ويون آهن. تنهنڪري جيئن هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا هوندا آهن، ائين ئي اپوزيشن جا ڏند به عوام کي ڏيکارڻ لاءِ هڪڙا ۽ کائڻ لاءِ ٻيا آهن.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي اپوزيشن جماعت نه هجي ها ته اها پي ٽي آءِ لاءِ ايتري سهولتڪاري وارو ڪردار ادا نه ڪري آهي، جيڪا اها 2017ع کان ڪندي پئي اچي. اها اپوزيشن جي ڪمزوري آهي جو عوام هن جي پويان لڳڻ لاءِ تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته جتي اپوزيشن جماعتون هڪٻئي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته پوءِ عوام انهن تي اعتبار ڇو ڪندو. عوام اهڙي اپوزيشن جي آسري روڊن تي ڇو نڪرندو، جيڪا وک وک تي اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهي رهي آهي.
پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ حڪومت خلاف لانگ مارچ جو طئي ڪري ڇڏيو آهي ۽ مختلف چينلن تي ويٺل ڪيترائي اينڪر پرسن توڙي وي لاگر اسان کي روز اهو پيا ٻڌائيندا آهن ته عمران خان نيازيءَ جي حڪومت ڦاسي پئي آهي، بس ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي. هتي اهو طئي ڪرڻ ڪنهن صحافي جو ڪم ناهي نه ئي اهو اپوزيشن طئي ڪندي آهي ته ڪنهن جي حڪومت ڪيترن ڏينهن جي مهمان آهي. اهو انهن ملڪن ۾ ٿي سگهي ٿو، جتي سياست ۽ سياستدان آزاد هجن. جتي سياست رڳو سياستدان ئي ڪندا هجن. پر هتي ته سياستدانن کان وڌيڪ “ڪمپني بهادر” سياست ڪندي آهي. تنهنڪري اها طئي ڪندي ته عمران خان نيازي ڪيترن ڏينهن جو مهمان آهي ۽ سندس متبادل ڪير هوندو. عمران خان نيازيءَ کي ڀلي اها ڀل هجي ته هن جو متبادل ڪوبه ناهي ۽ هو هاڻ هڪ براند جو نالو ٿي ويو آهي. پر سياست ۾ بنهه گهڻي چوائس موجود هوندي آهي. تنهنڪري سڀاڻي سندس جاءِ تي ڪو اهڙو ماڻهو اچي سگهي ٿو، جيئن پنجاب ۾ عثمان بوزدار اچي ويو هو. ڪنهن کي وهم گمان به ڪونه هو ته ڪو هو پنجاب جهڙي طاقتور صوبي جو وڏو وزير ٿي سگهي ٿو پر اڄ هو نه رڳو اتي موجود آهي پر کيس سمورين سازشن جي هوندي به ڪير هٽائي نٿو سگهي.
جهڙي ريت عمران خان نيازي عوام کي ڪوڙن دلاسن وسيلي ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي ڇڏيو آهي، اهڙي ريت اپوزيشن به عوام کي هڪ ٻي ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي ڇڏيو آهي. عوام سندس ڳالهيون ٻڌي ٿو، حڪومت کان بيزاريءَ جو اظهار ڪري ٿو پر حڪومت به اتي موجود آهي. سڀ وزير مشير پنهنجي ڪم سان لڳا پيا آهن ۽ اپوزيشن کي هر محاذ تي شڪست ملي رهي آهي پر اها نڪ جي پڪائيءَ سان ان کي قبولڻ لاءِ به تيار ڪانهي.
هي معاملو رڳو عمران خان نيازيءَ کي اقتدار کان ڌار ڪرڻ جو ڪونهي پر اصل ۾ معاملو اهو آهي ته عمران خان نيازيءَ کان پوءِ “ڪمپني بهادر” ڪنهن ڏانهن دوستيءَ جو هٿ ٿي وڌائي ته جيئن هاڻوڪي بحران کان نڪري سگهجي يا وري ان بحران کي گهٽائي سگهجي. نواز شريف سان ڊيل جون ڳالهيون ٿينديون رهيون، سندس واپسيءَ جون تاريخون طئي ٿينديون رهيون پر هاڻ اهو معاملو به دم ٽُوڙي ويو آهي. ائين هلندي هلندي حڪومت جا چار سال پورا ٿي ويندا ۽ پوءِ چونڊن جو وقت اچي مٿان بيهندو، جنهن ۾ عوام کي جيڪڏهن آزادي سان ووٽ وجهڻ جو موقعو ملي ويو ته پي ٽي آءِ جي شڪست به راڄ ڏسندا پر جيڪڏهن وري به چونڊون اهڙيون ئي ٿيون، جهڙيون 2018ع ۾ ٿيون آهن ته پوءِ عوام جي مٿي ۾ هڪ ڀيرو وري عمران خان نيازي ۽ سندس ٽيم لڳل هوندي.
جيڪڏهن اپوزيشن جي نيڪ نيتي هجي ها ته هن وقت تائين پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ بنهه گهڻيون ڏکيائيون اچي وڃن ها پر اپوزيشن جي نيت ئي ڪانه هئي، تنهنڪري اهو سلسلو وڏي وقت تائين هلندو رهيو. ان عمل سان نه رڳو اپوزيشن عوام ۾ پنهنجو اعتماد وڃايو آهي پر هن هڪ اهڙي حڪومت لاءِ راهه هموار ڪئي آهي، جيڪا پنهنجي مزاج ۾ نه رڳو فاشسٽ آهي پر عوام دشمن آهي. جڏهن عمران خان نيازي اهو چوي ٿو ته هو جيڪڏهن اقتدار مان نڪتو ته وڌيڪ خطرناڪ هوندو ته اها ڳالهه هو رڳو اپوزيشن لاءِ نٿو ڪري پر انهن لاءِ ڪري ٿو، جيڪي سندس آڱر جهلي کيس اقتدار ۾ وٺي آيا ۽ جن سمجهيو ته سندس اچڻ کان پوءِ ملڪ تي پئسن جو مينهن وسي پوندو. لٽيل دولت موٽي ملندي، ڪرپشن نوي ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي ۽ پاڪستان دنيا جو سپر پاور بڻجي ويندو. پر هن نه رڳو اڳيون سوجهرو چٽ ڪري ڇڏيو پر کيس جيڪي هدف حاصل ڪرڻا هئا، اهي به پورا نه ٿي سگهيا ۽ ان حساب سان “ڪمپني بهادر” کي به شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
عمران خان نيازيءَ کي اپوزيشن شڪست ڏئي سگهي يا نه پر کيس شڪست هن جي مغروريت ضرور ڏيندي، جنهن کان هو ڪڏهن کٽي نٿو سگهي. سو ان شڪست لاءِ تماشو ڏسو ۽ انتطار ڪريو.