ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اسٽيٽسڪو برقرار رکڻ تي اتفاق

Editorial-Article- Allahbux Rathore

هاڻ سياسي پنڊتن ۽ صورتحال تي نظر رکندڙ مبصرن جو ان ڳالهه تي اتفاق ٿيندي نظر اچي پيو ته موجوده سياسي آرڊر شايد جيئن جو تيئن رهي ۽ تبديليءَ جون ڳالهيون لالي پاپ ثابت ٿين. هڪڙي تبديليءَ جو نعرو عمران خان ڏنو هو ۽ ٻي تبديلي وري واڳ ڌڻين جي آهي. مخالف ڌر جيڪا عمران خان جي سياسي آرڊر کي ته چيلينج ڪندي نظر آئي، پر واڳ ڌڻين جي اڳيان ڪوبه بيهڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن ڌريون سمجهن ٿيون ته تبديليءَ جي هوا شايد سندن من کي گل گلزار ڪرڻ واري آهي، انهن جي مک تي مايوسي وڌي رهي آهي. ان جو مک سبب هي آهي ته هڪ طرف عمران خان جي سياسي، معاشي ۽ جمهوريت جي حوالي سان ايجنڊا ته ڪنهن تباهي کان گهٽ ناهي، پر ان تباهيءَ کي روڪڻ جو ڪم مخالف ڌر کي ڪرڻ گهربو هو، پر اها به ساڳي سڪي جو ٻيو پاسو لڳي رهي آهي. عمران خان جي سياسي “ڏاهپ” جنهن جا موجد به واڳ ڌڻي آهن، انهن کان اڳتي مخالف ڌر به ويندي نظرنٿي اچي. جيڪڏهن عمران خان وٽ موجوده نظام کي چيلينج ڪرڻ جو ڪوبه ويزن ناهي، ته مخالف ڌر جي به ڪا sanner ايجنڊا نظر نٿي اچي. لڳي ائين رهيو آهي ته عمران خان ۽ مخالف ڌر، جنهن ۾ (ن) ليگ توڙي پيپلز پارٽي شامل آهن، اهي به ساڳي پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. تازوئي ڪجهه اهڙيون سياسي اڳڀرايون ٿيون آهن، جن جي حوالي سان ٽنهي ڌرين جو ساڳيو ۽ هڪجهڙو موقف سامهون آيو آهي.
جيڪڏهن موور ۽ شيڪر ساڳي پيج تي هجن ته ملڪ جو سياسي نظام بدبو ڪري ويندو ۽ ان مان جان ڇڏائڻ وارو ڪوبه نٿو بچي. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهوءَ جي اڳ ئي ابتي کل لاٿي پئي وڃي، ان جي حالت ويتر بدترين ٿي ويندي. هي اهڙي بند ڳلي يا vicious circle آهي، جنهن ۾ چاڪي جي ڏاند جيان سموريون ڌريون گهمي رهيون آهن ۽ انهن جي اکين تي پٽيون ٻڌيون ويون آهن. هي سموريون ڌريون سمجهن ٿيون ته هو طاقتور واڳ ڌڻين يا اسٽيبلشمينٽ جي ارادن اڳيان ڪنهن به ريت بند ٻڌي نٿيون سگهن، ان ڪري پراڻي آمريڪي چوڻي آهي ته ” جيڪڏهن ڪنهن قوت سان مقابلو ڪري نٿا سگهو يا پڄي نٿا سگهون ته انهن سان شامل ٿي وڃون.”هينئر بلڪل اهڙي صورتحال هن پياري پاڪستان جي آهي. جيڪو ڪنهن عوامي مسيحا جو انتظار ڪري رهيو آهي.
هينئر ايجنڊا جي حد تائين حڪومت ۽ مخالف ڌر الڳ الڳ نظر اچن ٿيون. حڪومتي ڌر چاهي ٿي ته ڪو اهڙو وکر وڪڻجي، جنهن سان عمران خان جي حڪمرانيءَ کي هر صورت ۾ وڌيڪ عرصو جاري رکي سگهجي. پي ٽي آءِ جي نئين نظام لاءِ جيڪڏهن عمران خان کي عارضي طور لاءِ پاسيرو به ڪيو وڃي ته اهو سودو گهاٽي جو نه هوندو. ان سوچ تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن صدارتي نظام جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته ڪڏهن وري اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جو ووٽ حاصل ڪري مخالفن کي مات ڏجي. هينئر سمنڊ پار پاڪستانين جا 90 لک ووٽ آهن، عمران خان سمجهي ٿو ته هو انهن ۾ گهڻو پاپولر آهي، ان ڪري اي وي ايم مشين جي استعمال جي اجازت ملي وڃي يا اها مشين استعمال ڪئي وڃي ته ان جون ويهه ئي آڱريون گيهه ۾ پئجي سگهن ٿيون. اهو ضروري ناهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جا سمورا ووٽ عمران خان کي وڌا وڃن، پر جيڪي ووٽ پئجي سگهن ٿا، انهن جو گهڻو فائدو پي ٽي آءِ کي ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان هاڻ سرڪاري اليڪٽرانڪ ميڊيا تي مهم به شروع ڪئي وئي آهي.
ملڪ ۾ جيڪڏهن پارلياماني نظام جي جاءِ تي صدارتي نظام متعارف ڪرايو وڃي ٿو ته ان حوالي سان پي ٽي آءِ حڪومت وٽ ٻه آپشن آهن، هڪڙو هي ته ڪنهن طريقي سان موجوده اسيمبلين کي استعمال ڪندي عمران خان کي نئون صدر چونڊرائجي ۽ کين قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ جيڪي ووٽ حاصل هوندا، انهن ۾ 77 ووٽن جي سرسي حاصل هوندي. ٻيو گس هي آهي ته ايوب خان، جنرل ضياءَ يا پرويزمشرف جهڙو ريفرنڊم ڪرائجي، جنهن ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان سان ڪوڙا سچا ووٽ استعمال ڪندي، عمران خان کي سوڀارو قرار ڏجي. جيڪڏهن مخالف ڌر جو ڪردار ڪنهن سهولتڪار وارو برقرار رهيو ته انهن ٻنهي آپشنز تي عمل ڪري سگهجي ٿو. ان سان گڏ واڳ ڌڻين جو رويو به اهميت رکي ٿو، پر واڳ ڌڻين کي ٻنهي آپشنز ۾ ڪو گهاٽو ناهي. اهي رڳو پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ پريشان هوندا آهن. هن ملڪ ۾ عمران خان جي حڪومت هجي يا مخالف ڌر جي ٻن اهم پارٽين مان ڪنهن هڪ جي، اهي عوام جو پيٽ چيري به واڳ ڌڻين کي رقم ادا ڪندا. ان سان گڏ هو غير ضروري خرچ پورا ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪندا. اهڙي صورتحال ۾ ڪمزور ۽ سياسي سوجهه ٻوجهه کان وانجهيل وزير اعظم عمران خان وڌيڪ قابل استعمال ۽ ايڊجسٽ ڪرڻ جهڙو هوندو.
رهي مخالف ڌر ته ان جي حڪمت عملي، ڪڏهن به اسٽيٽسڪو کي چيلينج ڪرڻ واري نه رهي آهي. انهن واڳ ڌڻين سان ڪنڌ ڌوڻي ها سان ها ملائي آهي. ان جو اهڃاڻ اسان سينيٽ جي چيئرمين خلاف بي اعتمادي جي رٿ، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ۽ هاڻ اسٽيٽ بينڪ کي خودمختياري ڏيڻ واري آءِ ايم ايف جي بل جي منظوري دوران ڏسي چڪا آهيون. مخالف ڌر چاهي ته ان لاءِ عمران خان جي حڪومت يا موجوده سياسي آرڊر کي چيلينج ڪرڻ لاءِ ان وٽ ميدان کليل آهي. هينئر تائين حڪومت جون جيڪي ڪرپشن جون ڪهاڻيون سامهون آيون آهن، ان سان گڏ خراب حڪمرانيءَ کان وٺي مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جا سمورا ريڪارد ٽٽي ويا آهن. حقيقت هي آهي ته موجوده حڪمرانن لاءِ Political good will به ناهي. ان جي خلاف عوامي ڪاوڙ کي سموهڻ به ڪو مشڪل ڪم ناهي. ملڪ جا ماڻهو وزير اعظم جي ان بيان تي به يقين نٿا ڪن ته ڪو مهانگائي ٻه چار مهينن جو کيڏ آهي. پلس ڪنسلٽنٽ جي تازي سروي ۾ به واضح ٿيو آهي ته 54 سيڪڙو شهري حڪومت جي ڪنهن واعدي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، هي حالت ان کان به خراب آهي. رڳو 18 سيڪڙو اهڙا ماڻهو ٿي سگهن، جن سروي ۾ حصو ورتو. انهن کي عمران خان جي حڪومت جي ڪارڪردگي تي اطمينان آهي. انهن مان جيڪي عمران خان جي ڪارڪردگيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪن ٿا، انهن مان 29 سيڪڙو ماڻهو ڪي پي ڪي جا آهن. ان کان اڳ جولاءِ 2021ع ۾ اطمينان جو اظهار ڪندڙن جو انگ 50 سيڪڙو هو.
مخالف ڌر آخرڪار حڪومت يا واڳ ڌڻين کان ايتري ڊنل ڇو آهي؟ هي ظاهري طور تي حڪومت خلاف وڏيون ڳالهيون ڪن ٿا، پر زمين تي ڪجهه به نظر نٿو اچي. سياسي پنڊت سمجهن ٿا ته مخالف ڌر جون پارٽيون، جيڪي ماضي ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪنديون هيون، انهن جي اصل ۾ مزاحمت جو ڏنگ نڪري ويو آهي ۽ تبديليءَ جو سرچشمو عوام کي سمجهڻ بدران اسٽيبلشمينٽ کي سمجهن ٿيون. هينئر به دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن، جتي شعوري سطح پاڪستان کان به گهٽ هوندي، پر اتي عوامي راءِ ايتري سگهاري آهي، جو ٿوري انگ ۾ ماڻهو احتجاج لاءِ نڪتا ناهن ۽ حڪومت گهر ڀيڙي ٿي ناهي. انهن ملڪن ۽ اسان جون زميني حقيقتون يقين سان الڳ الڳ آهن، پر هن ملڪ ۾ فوجي آمريتن خلاف ڪيئن عوامي راءِ سامهون آئي ۽ طاقتور حڪمران به ميدان ۾ بيهي نه سگهيا. جيڪڏهن مخالف ڌر جون پارٽيون عوام جي طاقت تي يقين نه رکنديون ۽ فق ڊيلز ۽ سوديبازي لاءِ سندرو ٻڌي بيٺل هونديون ته پوءِ عوام جي نصيب ۾ عمران خان جهڙا حڪمران هوندا. هينئر پيپلز پارٽيءَ جو لانگ مارچ هجي يا پي ڊي ايم جو، ٻنهي کي علامتي سمجهيو پيو وڃي. اهڙي صورتحال نظر نه پئي اچي ته حڪمران گهر ڀيڙا ٿي وڃن. هي اصل ۾ سياسي ڌريون بارگيننگ جي پوزيشن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ ميدان ۾ اچن پيون. جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪنهن تبديليءَ کي آڻڻو آهي ته ان لاءِ ادارن تي واڳ ڌڻين جي قبضي خلاف ميدان ۾ لهڻو پوندو. جيڪڏهن مخالف ڌر جون پارٽيون خال ڇڏينديون ته نيون ڌريون اينديون ۽ ان کي ڀرينديون. حڪمران عوام جي ڪاوڙ ۽ غضب کي سمجهڻ کان قاصر آهن هڪڙو اهڙو پل ايندو آهي، جو عوام once for all سمورو سياسي نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيندو. ملڪ ۾ عوام جي احتجاج نه هجڻ يا اهڙين قوتون جيڪي تبديليءَ جون محرڪ ٿي سگهن ٿيون، انهن جي خاموشيءَ کي معمولي نه سمجهيو وڃي. تاريخ ثابت ڪيو آهي ته هڪڙي خطرناڪ ٽرننگ پوائنٽ ايندي،جنهن ۾ وقت ضرور لڳندو پر تبديلي ايندي ضرور. ان حوالي سان ملڪ ۾ ايڪٽرز به موجود آهن ،پر اهي ميدان ۾ نه لهي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته هي سماجيات جو اصول آهي ته اسٽيٽسڪو جي صورتحال هميشه نه رهندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button