ملڪ جي سياست جي وايومنڊل ۾ اڄڪلهه “لانگ مارچن” جا پڙلا گونجي رهيا آهن. اهي لانگ مارچ اپوزيشن نيازي سرڪار خلاف ڪرڻ جون تياريون ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ اپوزيشن پارٽين جون سرگرميون به بظاهر وڌي رهيون آهن. اپوزيشن نيازي سرڪار کي ڪيرائڻ ۾ ڪيتري سنجيده آهي، ان جو اندازو ته سندن گذريل ٽن سالن جي سياست مان ڪري سگهجي ٿو پر ان کي به ڇڏي جيڪڏهن سندن ٻن لانگ مارچن واري فيصلي ئي کي ڏسجي ته ان مان به واضح ٿئي ٿو ته اپوزيشن ڪيڏي نه ورهايل آهي. هڪ ورهايل قوت ڀلا ڪيئن نيازي سرڪار کي ڏکيو وقت ڏئي سگهي ٿي؟ ٿيڻ ته هيئن گهرجي ها ته اپوزيشن کي گڏيل طور لانگ مارچ ڪرڻ گهرجي ها، جيڪو نتيجا ڏئي پئي سگهيو. پر هنن ايئن نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هنن کي ايئن ڪرڻو ئي ڪونهي. تڏهن ئي ڌار ڌار لانگ مارچ وارو فيصلو ڪيو ويو آهي. بهرحال، هاڻي جيئن ته اپوزيشن جون ٻئي ڌريون ڌار ڌار لانگ مارچ جو اعلان ڪري چڪيون آهن، تنهنڪري، انهن پنهنجي پنهنجي دائري ۾ سرگرمي شروع ڪري ڇڏي آهي. جيئن ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم کان اڳ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، تنهنڪري، بلاول گهڻو سرگرم نظر اچي رهيو آهي.
آچر واري ڏينهن سرگوڌا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته “نااهل وزيراعظم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جنگ جو اعلان ڪري 27 فيبروري تي اسلام آباد لاءِ نڪرنداسين. هن حڪومت ۾ تبديلي جي نالي تي تباهي هلي رهي آهي، عوام جي انساني ۽ معاشي حقن تي حملا ٿي رهيا آهن، هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو ويو پر ڇا ٿيو؟ انهن ويتر عوام کي بي گهر ۽ بي روزگار ڪري ڇڏيو، اڄ ملڪ ۾ هر طبقو سراپا احتجاج آهي ۽ وزير چون ٿا ته مهانگائي ناهي، ملڪ ۾ مهانگائي آهي ۽ ان جو ذميوار عمران خان آهي. اسان شروع کان ئي هن کي سليڪٽڊ چيو هو، آءِ ايم ايف سان ڊيل عوام ۽ غريب دشمن ڊيل آهي، توهان جي ناڪاميءَ جو بار عوام کڻي رهيو آهي، حڪومت زراعت تباهه ڪري ڇڏي، آبادگار ڀاڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪرپشن تي عوام سان ڪوڙ ڳالهايو ويو پر ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ عمران خان جي ڪرپشن جو راز فاش ڪري ڇڏيو. ظالم حڪومت پروپئگنڊا باوجود گهڻي دير تائين قائم نه رهندي، اسان هٿ ٺوڪئي کي ڀڄائڻ لاءِ عوام سان گڏ نڪرنداسين ۽ کيس ڀڄائينداسين.”
ٻئي طرف يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته “پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت خلاف 27 فيبروري جي لانگ مارچ جي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. لانگ مارچ رحيم يار خان کان پنجاب ۾ داخل ٿيندو. پنجاب ۾ هي بهاولپور، ساهيوال، ملتان، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ مرڪزي اسٽاپ اور سان اسلام آباد طرف وڌندو. اسان کي خبر نه آهي ته قافلي کي گادي واري هنڌ پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو پر هڪ ڳالهه ظاهر آهي ته پي ٽي آئي حڪومت مارچ شروع ٿيڻ کان پهريان بي چين ٿي وئي آهي. پارٽي لانگ مارچ لاءِ ڪارڪنن کي گڏ ڪرڻ لاءِ فيبروري جي شروع ۾ ملتان ۾ ڏکڻ پنجاب جي ڪارڪنن جو ڪنوينشن ڪرڻ واري آهي جنهن کي چيئرمين بلاول ۽ آصف علي زرداري خطاب ڪندا.” پ پ جي دعوت تي لانگ مارچ ۾ ڪنهن به ٻي اپوزيشن جماعت جي شامل ٿيڻ جي امڪان بابت يوسف رضا گيلاني چيو ته “مسلم ليگ (ن) پهريان ئي پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اسلام آباد طرف پنهنجي مهانگائي روڪٿام مارچ 23 مارچ تي اعلان ڪري چڪي آهي ڇو ته پيپلز پارٽي جو مارچ هڪ مهينو اڳ شروع ٿي رهيو آهي ان لاءِ هو ان محاذ تي اپوزيشن جي قيادت ڪري رهي آهي. پي ٽي آئي حڪومت جي خلاف پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جو موقف هڪ ئي آهي. پي ڊي ايم محسوس ڪيو آهي ته اسيمبلين مان استيعفائن جي خلاف پيپلزپارٽي جو موقف درست آهي ڇو ته هي پارلياماني جمهوريت لاءِ سٺو ناهي ٿيندو.”
ان ڪجهه ڏينهن اڳ اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم حڪومت خلاف 23 مارچ تي هر صورت ۾ مهانگائي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي. 25 جنوري تي مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيل پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته “پي ڊي ايم مني بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، 23 مارچ تي مهانگائي مارچ ٿيندو ۽ اسان اسلام آباد جو رُخ ڪنداسين. جيئن اهي پاڻ رانديڪا آهن، انهن ملڪي معيشت کي به رانديڪو بڻائي ڇڏيو آهي. عوام سجاڳ آهي، انهن کي کير مان مک جيان اقتدار مان ڪڍندي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل انهن جي هٿرادو ايمانداري جو آئينو قوم کي ڏيکاري ڇڏيو. هن حڪومت هر سياستدان کي چور چيو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان نه ڏنو. پي ڊي ايم اڳ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي رد ڪري چڪي آهي ۽ اڄ به واضح لفظن ۾ ان کي رد ڪيون ٿا. جڏهن ته صدارتي نظام ملڪ ۾ آمريت جو ٻيو نالو رهيو آهي، ڀلي اهو ايوب هجي، يحيٰ هجي يا مشرف جو دور هجي، اسان ان ناپاڪ خواهش کي پورو ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ آئين لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. بي اعتمادي رٿ سياست جو حصو آهي پر في الحال ان تي غور ناهي ڪيو ويو، موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو خاتمو لازمي آهي. 23 مارچ جي مهانگائي مارچ کانپوءِ ٻئي ڪنهن لانگ مارچ جي ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي.”
جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته “اپوزيشن پارٽيون پاڻ ٻڏتر جو شڪار آهن، ن ليگ چوي ٿي ته سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي هنن سان دوکو ڪيو آهي. هي لانگ مارچ جو شوق به پورو ڪري وٺن.”
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اهم اڳڀرائي اها ٿي ته اپوزيشن اڪثريت هجڻ جي باوجود سينيٽ ۾ ضمني مالياتي اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. اپوزيشن جي مخالفت باوجود حڪومت صرف هڪ ووٽ جي مدد سان ترميمي بل سميت آ ايم ايف جي جائزي لا گهربل ٻه بل منظور ڪرائي ورتا. بل جي حمايت ۾ 43 ۽ مخالفت ۾ 42 ووٽ پيا. اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ نه پهتو. سينيٽ جي سمورن ميمبرز جو انگ 99 آهي پر اهم سيشن جي موقعي تي ايوان ۾ رڳو 86 ميمبرز موجود هئا.
اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي منظوري کان پو سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته “اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي منظوري دوران ساٿ ڏيڻ تي يوسف رضا گيلاني ۽ پيپلز پارٽي جا ٿورائتا آهيون. اميد آهي ته هن وڏي شڪست کانپوءِ اپوزيشن جا ڪجهه ڏينهن آرام سان گذرندا. حڪومت ثابت ڪيو آهي ته سموريون پارٽيون ملي ڪري به عمران خان جي اڳيان ڍير آهن. الله جي مدد شامل هجي ته انشاءَالله ڪاميابي جو سفر بيهندو ناهي. عدم اعتماد جو خواب ڏسندڙ هن ايوان ۾ به ناڪام ٿي ويا، جتي هنن جي نام نهاد اڪثريت آهي. الحمدالله هڪ ٻئي ڏينهن تي هڪ ٻي ڪاميابي ملي. سياسي طور تي اڄ اپوزيشن کي شڪست ملي جنهن ۾ اسان جي بهتري آهي. اڄ اپوزيشن جي شڪست ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو هو جيڪي خواب ڏسي رهيا هئا ته اسان قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آڻينداسين، اهو خواب هنن جو هن ايوان ۾ به پورو نه ٿيو. سينيٽ ۾ اپوزيشن جي اڪثريت هجڻ جي باوجود هو اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل روڪي نه سگهيا ته قومي اسيمبلي ۾ ڇا ڪندا. اڄوڪي شڪست کان پوءِ اپوزيشن سياسي طور تي ناڪاره ٿي وئي.” هن مسلم ليگ(ن) جي ميمبرن جو به ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته “مان انهن جو به ٿورائتو آهيان جيڪي نواز شريف کي پارٽي مان هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.”
ان بل جي منظوري ۽ فواد چوڌري جي تنقيد بعد پيپلز پارٽي اسٽيٽ بينڪ ترميمي بل کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.