ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪالمن جا قسم ۽ دعا لاءِ درخواست

Editorial-Article- Aijaz Mangi

سنڌي ميڊيا ۾ ڪالم ڪجهه موضوئن تائين محدود هوندا آهن. اڪثر سياسي. ان کان پوءِ ادبي. ڪڏهن ڪڏهن سماجي. نه ته ذاتي. طنز مزاح وارا ڪالم ته حليم بروهيءَ کان پوءِ ڪفن پوش ٿي چڪا آهن. پر عالمي ميڊيا ۾ ايئن ناهي. انگريزي ميڊيا ۾ ڪالمن جي وڏي ويرائٽي(verity) آهي. ان کان پوءِ فرانسيسي جرنلزم ۾ ان جو ڀرپور اظهار آهي.
عالمي صحافت ۾ ڪالمن جا موضوع تمام گهڻا آهن. بين الاقوامي سطح تي گهڻن ڪالمن جا موضوع سياسي هجن ٿا پر مغربي ميڊيا سمجهي ٿي زندگي صرف سياست ناهي. زندگيءَ جا هزارين رنگ روپ آهن. اصل ڳالهه Interest (دلچسپي) جي آهي. اها ڪنهن جي ڪنهن ۾ آهي. ڪنهن جي ڪنهن ۾ آهي. مغرب جا ماڻهو سياست کي سرڪاري چال سمجهندا آهن. ۽ اهي ان ۾ ايترا غلط به ناهن. هر ملڪ جي سياست سرڪاري چال ۽ اقتداري ترڪتال هوندي آهي. ان ڪري مغرب جا ماڻهو زندگيءَ جي ٻين پاسن بابت سنجيدگيءَ سان سوچيندا آهن.
اولهه جي صحافت ۾ ڪيترائي ناميارا ڪالم نگار اهي آهن، جيڪي پالتو جانورن (Pets) جي باري ۾ وڏي ذوق شوق سان لکن ٿا. ڪيترن ڪالم نگارن جو ان موضوع سان ڪو اچي نه وڃي. هو صرف “بورچيخاني جي باغ” (Kitchen Garden) جي باري ۾ پنهنجن املهه خيالن جو اظهار ڪندا آهن. ڪي ڪالم نگار صرف “هم جنس پرستي” جي حق ۾ لکندا آهن. انهن جا به لکين پڙهندڙ آهن. ڪي هٿيارن تي ڪالم لکن ٿا. ڪي وري آرٽ ۽ لٽريچر جي حوالي سان پنهنجي قلم آزمائي ڪن ٿا. ڪي صرف ۽ صرف سفارتڪاريءَ کي پنهنجو موضوع بڻائن ٿا. جڏهن ته هر ملڪ ۾ “شوبز” جو موضوع سدائين وات ۾ پاڻي آڻيندڙ (Juicy) رهي ٿو. موسيقيءَ کان مصوري ۽ سوشل ميڊيا کان ڊجيٽل سائنس تائين هر شعبي جا ماهر پنهنجي پنهنجي پسند کي ميڊيا ۾ پيش ڪندا رهن ٿا. ان سلسلي ۾ سيليبرٽيز (Celebrities) جي حوالي سان لکيل ڪالم وڏي شوق سان پڙهيا وڃن ٿا. ڪچن جي موضوع تي لکجندڙ ڪالمن جي الڳ دنيا آهي.
سو! ڪالمن جي موضوعن جو ڪو انت شمار ڪرڻ مشڪل آهي. جهڙي طرح جرنلزم (Journalism) جي دنيا ۾ “فيچر” (Feature) جي لاءِ چيو ويندو آهي ته “جيڪو ڪجهه ڌرتي جي مٿان ۽ آسمان جي هيٺان آهي، اهو ڪجهه “فيچر” ۾ “فٽ” ٿي سگهي ٿو. تهڙي طرح ڪالم به ائين آهن. پر انهن جي باري ۾ بنيادي شرط وري به ماڻهوءَ جي محنت ۽ ان محنت جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل ڄاڻ جي نتيجي واري حاصلات آهي.
ڪالم ڪا مشڪري ناهي. جي آهي ته به. ڪالم ڪا مشڪري نه هجڻ گهرجي. جنهن ڪالم جي پويان ڄاڻ ناهي. جنهن ڪالم جي پويان ڪا معلومات ناهي. اهو ڪالم ناهي. نه هجڻ گهرجي. هڪ ڪالم نگار جو ڪم هڪ رپورٽر کان لازمي طور تي سخت هجڻ گهرجي. خاص رپورٽرن لاءِ اهو لازمي ناهي ته هر ڏينهن “اسٽوري” فائيل ڪن. اهي مهينن جو ڪم هڪ ڏينهن ۾ ڪري ڇڏيندا آهن. پر انهن جي هڪ ڏينهن جي ڪم پويان مهينن جي محنت هوندي آهي. ۽ اها محنت انهن جي اسٽوريز مان اڇليون کائيندي آهي.
ڪالم نگار کي به ڪجهه اهڙو هجڻ گهرجي. هو ڀلي هر هفتي اچي. پر جڏهن به اچي، ڪجهه “خرد جو کاڌو” (Food for Thought) کڻي اچي. صرف ان صورت ۾ اهو ڪالم نگار صحافي هجڻ جو ثبوت پيش ڪري سگهي ٿو.
سو ڪالمن جا ڪيئي قسم هجن ٿا. ننڍي کنڊ جو تمام وڏو صحافي ۽ اديب خوشونت سنگهه گهڻو ڪري پنهنجي سياسي، سماجي ۽ سيڪسي تجربي ۽ مشاهدي تي مبني ڪالم لکندو هو. ۽ هن جي پرهندڙن جو تعداد تمام گهڻو هوندو هو. هن جا ڪيترائي ڪالم لطيفن جي صورت ۾ لکيل آهن. جهڙي طرح هڪ سورريئلسٽ (Surrealist) شاعر لکيو هو:
“هر اها شيءَ جيڪا منهنجي اک ڏسي ٿي
اها چوي ٿي “مون کي منظوم ڪر”
جيڪڏهن مون کان هن وقت پڇيو وڃي ته “ادب ۽ صحافت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟”
ته جيڪر مان چوندس “اهو فرق، جيڪو صبر ۽ جبر ۾ آهي”
“ادب صبر ۽ صحافت جبر آهي”
صحافت تڪڙو تيار ٿيندڙ بير (Beer) آهي.
۽ ادب پراڻو چڪندڙ شراب آهي.
ڪالم ڇاهي؟
ڪالم نه مڪمل صحافت آهي ۽ نه مڪمل ادب آهي.
ڪالم ڪجهه صحافت ۽ ڪجهه ادب آهي.
ڪالم تڪڙ ۾ لکيل ادب آهي.
۽ ادب صبر جهڙي جبر سان لکيل ڪالم آهي.
ان حوالي سان ڪالم کي تڪڙو نه وٺڻ گهرجي.
ڪهڙي خبر ته ڪهڙي ڪالم ۾ ڪهڙو بارود ڀريل آهي؟
ڇا خبر ته ڪهڙي ڪالم ۾ ڪهڙو مواد ڀريل آهي؟
ڪير ٿو ڄاڻي ته ان ۾ دماغن لاءِ ڪيترو ڌماڪيدار مادو ڀريل آهي؟
ڪو ناول به ناڪاره ٿي سگهي ٿو ۽ ڪو ڪالم به ڪيميا جو گهر ٿي سگهي ٿو!
لکڻي ته صرف لکڻي آهي.
لفظ ته فقط لفظ آهن.
بنيادي ڳالهه وري به اهو احساس ۽ جذبو آهن جيڪو ماڻهوءَ جي مٽيءَ کي مهڪائي سگهي ٿو جيڪو ڳجهه کي ڳائي سگهي ٿو.
سوشل ميڊيا جو طوفان هن مهل پرنٽ ميڊيا کي ڪاغذ جي پرزن وانگر اڏاري رهيو آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته آواز ۽ تصويرن واري ميڊيا انهن لفظن کي مات ڪري چڪي آهي، جيڪي لفظ هٿن سان لکيا ۽ اکين سان پڙهي اندر ۾ ائين لاٿا ويندا هئا، جيئن سچ جو سفر پنهنجا ارتقائي مرحلا طئه ڪندو آهي.
ميڊيا جو جسم ته انهن خبرن تي مشتمل هوندو آهي، جيڪي ماڻهن کي انهن جي آس پاس کان آگاهه رکنديون آهن پر ميڊيا جو اصل روح پوءِ به انهن خيالن کي سمجهيو ويندو آهي، جيڪي انهن خبرن مان جنم وٺندا آهن. اهي خيال اخبارن جي ايڊيٽوريل ۽ مستقل ڪالمن جي صورت ۾ پڙهندڙن آڏو پيش ٿيندا آهن. جهڙي ريت پريس فوٽوگرافر لاءِ چيو ويندو آهي ته هو جڳ جهان کي پنهنجي ڪيمرا ۾ قيد ڪندو آهي پر هن جي تصوير هميشه رهجي ويندي آهي. تهڙي طرح هڪ رپورٽر سڀني جو سماچار پيش ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجي باري ۾ خبر ڏيڻ کان معذور هوندو آهي. ساڳي طرح ڪالمن جي دنيا ۾ اها ڳالهه گهٽ پسند ڪئي ويندي آهي ته ڪو ڪالم نگار دنيا جهان کي ڇڏي پنهنجي باري ۾ ڪي لفظ لکي يا پنهنجن مٽن مائٽن جي سلسلي ۾ اخبار جو اسپيس والاري. پر جهڙي ريت هڪ سپاهي هڪ شهري به هوندو آهي، تهڙي طرح هڪ ليکڪ جي لفظن واري سفر ۾ ڪڏهن اهو موڙ به ايندو آهي جو هو پنهنجي ذات ۽ پنهنجي ڪٽنب سان ٿيل بي انصافين جي باري ۾ ڪجهه لکڻ لاءِ پاڻ کي مجبور محسوس ڪري.
هن مهل مان به ان ڪيفيت مان گذري رهيو آهيان. هن وقت جڏهن ميڊيا ۾ منهنجي ڀاڻيجي دعا منگيءَ کي اغوا ڪندڙ مجرم پوليس جي ڀرپور تعاون سان ڀڄي ويو آهي، تڏهن ان واقعي کي مان نه رڳو دعا جي حوالي سان ناانصافيءَ جو بدترين مثال سمجهان ٿو پر منهنجي خيال ۾ معاشري جي هر دعا، سماج جي هر نياڻي پنهنجي گهر جي در کان ٻاهر نڪرڻ جي سلسلي ۾ غيرمحفوظ بڻجي وئي آهي. ان ڪري هي معاملو صرف هڪ نياڻيءَ جو نه پر پوري معاشري جو آهي. ڇا مان ان مهل دعا کي ڪراچيءَ جي امير ترين علائقي مان اغوا ڪندڙ ڏوهاريءَ جي فرار تي صرف ان ڪري نه لکان جو دعا ۽ منهنجي وچ ۾ رت جو رشتو آهي؟
ڇا دعا ۽ منهنجو رشتو صرف اهو آهي ته مان هن جو مامو ۽ هوءَ منهنجي ڀاڻيجي آهي؟ ڇا اسان ٻنهي ۾ اهو رشتو ناهي ته هوءَ هڪ مظلوم نياڻي آهي ۽ مان نياڻين جي نگهباني لاءِ آواز اٿاريندڙ قلمڪار آهيان. ڇا اسان جي وچ ۾ صرف گهر ۽ در جو رشتو آهي؟ ڇا اسان جي وچ ۾ ان درد جو رشتو ناهي، جنهن درد جي رشتي لاءِ فيض احمد فيض فرمايو آهي ته:
“بڙا هي درد ڪا رشتا، يه دل غريب سهي”
دعا ۽ منهنجو رشتو صرف رت جو رشتو ناهي. اهو هڪ روح جو رشتو به آهي. روح جو اهو رشتو، جيڪو سماجي مت ڀيد نه سمجهندو آهي.
جيڪڏهن دعا منهنجي ڀاڻيجي نه هجي ها ته ڇا مان هن سان ٿيل ناانصافيءَ جي باري ۾ نه لکان ها؟ منهنجو قلمي سفر ته سدائين فيض جي ان فرمان مطابق رهيو آهي ته:
“هم ني ان پر ڪيا حرف حق سنگ زن
جن ڪي هيبت سي دنيا لرزتي رهي
جن په آنسو بهاني ڪو ڪوئي نه تها
اپني آنکهه ان ڪي غم مين برستي رهي”
جيڪڏهن مون دعا کي نه ڏٺو هجي ها. جيڪڏهن مان دعا سان نه مليو هجان ها. تڏهن به مان هن جي باري ۾ شدت ڀريا لفظ تلاش ڪري، ڪيئن نه لکان ها؟
مظلوميت سان رشتو مٽي مائٽيءَ کان مٿي آهي. دعا منگي مظلوم نياڻي آهي. هن کي ڀنگ جي پئسن لاءِ اغوا ڪيو ويو. اهو سمورو هفتو دعا جي گهر ڀاتين لاءِ ڪيئن رهيو؟ مان ان وارتا جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. ڪڏهن ڪڏهن حالتون اسان کي ان ڪيفيت جي گهٽيءَ مان به گذارين ٿيون، جيڪا ڪيفيت ناانصافيءَ ۽ بدامنيءَ سبب هن معاشري جا عام ماڻهو برداشت ڪن ٿا.
شايد! ان تڪليف مان گذرڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به هجي ٿو ته اسان پاڻ به ان پيڙا مان گذرون، جنهن پيڙا مان هن ڌرتيءَ جون معصوم ڌيئرون گذرن ٿيون. اسان جي مٿان به اهي تڪليف جون گهڙيون اچن، جيڪي هن جي معاشري جي هڪ گهرن مٿان گذرن ٿيون.
ڪالم نگارن جو فرض فقط اهو ناهي ته هو اڻ ڄاتل ۽ اڻ سڃاتل معاشري تائين محدود رهن. انهن جي مٿان اهو فرض به عائد ٿئي ٿو ته هو پنهنجي گهر کي به معاشري جو هڪ انگ سمجهن. صحافين ۽ سياستدانن کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته جنهن معاشري ۾ بي انصافي آهي، جنهن معاشري ۾ بدامني آهي. ان معاشري ۾ انهن جو به گهر آهي.
دعا منگيءَ جو اغوا ٿيڻ هڪ دردناڪ واقعو هو. هڪ اهڙو واقعو جنهن سان سموري سنڌ سڪتي ۾ اچي وئي هئي ۽ جنهن سبب ڪراچيءَ جو گجگاهه ۽ بي پراوهه شهر ڪنبي ويو هو. هن جي اغواڪارن کي گرفتار ڪرائڻ ۾ دعا جي ڪٽنب جو ڪردار هو. اهو ڪردار ان ڪري ادا ڪيو ويو هو ته جيئن معاشري جون دعائون محفوظ رهن. دعا کي اغوا ڪندڙ پوليس جي بهترين تعاون سان فرار ٿي چڪو آهي. ڇا دعائن جي تحفظ لاءِ ڪا درخواست نه ڪجي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button