پاڪستاني اداڪارا زرنش خان هڪ ڀيرو ٻيهر ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ واري پنهنجي بيان جي حمايت ڪندي چيو آهي تھ شادي ۾ عورت ۽ مرد کي سمهوتو ڪرڻو پوي ٿو، ڇوتھ هي رشتو سمجهوتي جو ئي نالو آهي. زرنش خان پنهنجي وضاحتي وڊيو بيان ۾ ڄاڻايو آهي تھ عمر وڌڻ سان انسان تبديل ٿيڻ ۾ گهٻرائي ٿو، تنهنڪري مون چيو هو تھ ننڍي ڄمار ۾ شادي بهتر آهي، ڇوتھ جواني ۾ ماڻهو تبديلي آڻي وٺندو آهي. هن چيو تھ ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ منهنجي رائي آهي، ٻيا ڀلي ان سان اتفاق نھ ڪن، عورتن بھ مون تي تنقيد ڪئي، پر ٻيهر چوان ٿي تھ مسئلن جو حل هڪ ناهي هوندو. هن چيو تھ پٺاڻ آهيان، والدين جي مرضي سان ننڍي عمر ۾ شادي ڪئي ۽ خوش آهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close