طالبان جي اوسلو ۾ يورپي مُلڪن جي صلاحڪارن سان مُلاقات ٿي آهي. مُلاقات جو مقصد افغانستان ۾ ٿيندڙ ڏُڪار، غُربت ۽ مَفلسيءَ کي خَتم ڪرڻ لاءِ يورپي مُلڪن کان سهڪار جي اُميد هُئي، جنهن تي اُنهن مُلڪن اِمداد ڏيَڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو، اها امداد فقط انساني ڀلائيَ خاطر ڏني ويندي.
اي ايف پي مُطابق طالبان جو اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ افغانستان سرڪاري سطح تي يورپ جو پهريون دورو ڪيو، جنهن ۾ مُختلف اولهه جي مُلڪن جي سفارتڪارن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ افغانستان جي تازي صورتحال ۽ افغانستان ۾ انساني حقن کي ترجيح هيٺ رکيو ويو ۽ افغان طالبان پاران عالمي طور تسليم ڪرڻ ۽ مالي امداد جي خواهش به ظاهر ڪئي.
طالبان جو ملڪ سنڀالڻ کان پوءِ افغانستان وڌيڪ بُکَ ۽ بدحاليءََ جو شڪار ٿي ويو آهي، کاڌي جي کوٽ هئڻ ڪري افغانستان هن وقت اڳ جي ڀيٽ ۾ بدترين دور مان گُذري رهيو آهي.
ناروي جي وزيراعظم جوناس گهراسٽور چيو ته اسان جي امداد جو بنيادي مقصد انساني حقن جي سار لهڻ آهي، ان کي ايئن نه سمجهيو وڃي ته اسان افغانستان کي قبول ڪري ورتو آهي. اسان 12 سالن کان وڌيڪ سمورين ڇوڪرين کي اسڪولن ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا. اسان جو سهڪار ڪرڻ جو مقصد سرڪاري طور افغانستان کي قبول ڪرڻ جي حيثيت تي ٻڌل ناهي اهو نج انسانيت جي ڀلائيَ لاءِ آهي.
ناروي جي وزيراعظم چيو ته اوسلو ملاقات سان گهڻن مُلڪن توڙي ماڻهن کي پريشاني ٿي هوندي پر اهو انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ اسان جو پهريون قدم آهي.
ان گڏجاڻيءَ ۾ موجود امداد ڏيندڙن طرفان دعويٰ ڪئي وئي ته افغانستان ۾ لڳ ڀڳ 23 ملين ماڻهو مطلب مُلڪ جي اڌ آبادي بُک ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ کي مُنهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته 9 ملين ماڻهو بُک ڪنڌيءَ تي آهن. جيڪي پنهنجي گهر جا ٿانو کپائي ماني ڳَڀي لاءِ واجهائيِن پيا، ايتري قدر جو ماڻهو پنهنجا ٻار وِڪڻڻ لاءِ تيار آهن.
افغانستان جي موجوده صورتحال مان اها ڳالهه ته واضح آهي ته ماڻهو ڀيانڪ موت جي ور چڙهي رهيا آهن، ان صورتحال کي ڏسندي ڪيترائي سوال اُڀرن ٿا ته ڇا هاڻي طالبان پُرامن طريقي سان انساني حقن جي علمبرداري ڪندي، نئين سوچ سان، پراڻي سوچ کان بلڪل مُختلف سياسي ۽ عوام ڀلائيَ واري پاليسيءَ کي کڻي اڳتي هلندا، جڏهن ته ڪنهن نُقطه نگاهه سان اوسلو جي گڏجاڻي به طالبان لاءِ سياسي حوالي سان ايتري خاص ڪامياب نه رهي آهي.
افغانستان جي صورتحال گذريل ڏهاڪن کان انتهائي سنجيده ۽ ڳنڀيرتا واري بڻيل آهي پهرين روس سان جنگ جنهن ۾ آمريڪا مُڪمل طور طالبان جو حامي ۽ سڄڻ هو، جڏهن طالبان افغانستان حڪومت خلاف بيٺا ته آمريڪا وري سندن آڏو دُشمن بڻجي بيهي رهي، معاملا ڇڪتاڻ سبب خراب ٿي ويا. 9/11 واري حملي کان پوءِ ته افغانستان جي صورتحال ۽ مُستقبل لوڏن ۾ اچي ويو. ان صورتحال ۾ مُلڪ ايترو ته معاشي حوالي سان پوئتي هليو ويو جنهن جا نتيجا اڄ اسان جي سامهون اچي رهيا آهن.
بين الاقوامي پابندين جي ڪري افغانستان کي اهڙي صورتحال ۾ ڪو به مُلڪ قبولڻ لاءِ تيار ناهي. ٻئي پاسي مُلڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ شدت اختيار ڪري رهي آهي. بي بي سيءَ جي رپورٽ مُطابق تقريبن 10 لک ٻار بُک واري خطري ۾ ورتل آهن. سياري جي ٿڌ جي ڪري ماڻهو گرم ڪَپڙا وٺڻ بدران پنهنجي گهر جو سامان ساڙي چُلها ٻارين ٿا ۽ باهه جي چوڌاري ويهن ٿا.
آمريڪا ڪهڙي سبب جي ڪري 20 سال افغانستان تي رت جي راند کيڏي؟ ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ لاءِ آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي جيڪو حملو ٿيو جنهن جو الزام هُنن اسامه بن لادن القاعده تي مڙهيو ۽ اهو ڄاڻايو ويو ته هُو افغانستان ۾ ترسيل آهي، ٽريڊ سينٽر تي حملي جي سڄي رٿابندي اتان ئي ڪئي وئي، ان آڙ ۾ نيٽو سان گڏ آمريڪا افغانستان تي بمباري شروع ڪري ڏني، ان ڇڪتاڻ ۾ طالبان حڪومت کي تخت ڇڏڻو پيو ۽ ٻئي پاسي آمريڪا پنهنجي فوجين کي افغانستان ۾ داخل ڪري چُڪي هُئي، رستو سوڙهو ڏسي طالبان گوريلا جنگ وڙهڻ لڳا ۽ هوڏانهن آمريڪا حامد ڪرزئي کي ڪٽ پُتلي بڻائي مُلڪ جون واڳون کيس ڏنيون، ڏٺو وڃي ته افغانستان کي ڪمزور بڻائڻ ۾ پرويز مُشرف جو به وڏو هٿ رهيو جنهن آمريڪا کي پنهنجا هوائي اڏا فقط ان ڪري ڏِنا جنهن جو آمريڪا ڀرپور فائدو وٺي افغانستان ۾ طالبانن جي چيلهه ئي ڀڃي ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ دهشگرديءََ جي هوا لڳڻ شروع ٿي ۽ لڳ ڀڳ 70 هزار لاشن کي پاڪستان به ڪلها ڏنا.
سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته طالبان اوچتو حڪومت جو تختو اونڌو ڪري پوري مُلڪ تي مُعجزاتي طور قابض ڪيئن ٿي ويا؟ هاڻي اچون ٿا ان ڊيل ڏانهن، جيڪا طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دوحه ۾ ٿي ته سيپٽمبر 2021ع ۾ آمريڪا پنهنجي سموري فوج افغانستان مان ڪڍندو، آمريڪا به آخرڪار ٿڪجي پيو هو، اتي وري سامراجي قوت پاڪستان کان اڏن جي گُهر ڪئي ته جيئن جيڏي مهل من چاهي وري افغانستان تي بمباري ڪري سگهن. عمران خان جو پوري سياسي تاريخ ۾ اهو فيصلو ساراهه جوڳو هو ته هِن آمريڪا کي اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پاڪستان اڳ ئي سزا ڀوڳي چُڪو هو. هوڏانهن آمريڪا جو فوج ڪڍڻ هيڏانهن افغانستان تي طالبان ٻيهر قابض ٿي ويا پر طالبان رتوڇاڻ کان پاسو ڪيو ۽ ڳالهين ذريعي اڳتي وڌندا آيا، هُنن جيڪي به اعلان ڪيا سي ڪنهن حد تائين سياسي سطح تي ڪرڻ جوڳا هئا پر طالبان جي دهشت ۽ آمريڪا سان ايڏي ڊگهي جنگ وڙهڻ ڪارڻ دنيا جا مُلڪ هِن وقت تائين طالبان حڪومت کي قبول ڪرڻ کان ڪيٻائين پيا يا ايئن به چئجي ته آمريڪا سڀني کي اک ڏسيو ويٺو آهي.
اُتي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انڊيا جنهن جي افغانستان ۾ مُختلف پروجيڪٽس تي سيڙپڪاري ٿيل هُئي، جنهن ۾ ڊيم، روڊ ۽ اسڪول شامل هُئا، طالبان جي قابض ٿيڻ سان انهن هن وقت تائين افغانستان ۾ ٿيندڙ هلچل جو ڪو به قدم ناهي کنيو، جڏهن ته واپار جي ذريعي هُو لاڳاپا وڌائي رهيا هئا. هيڏانهن پاڪستان دنيا جي مُلڪن جي قطار ۾ اڪيلو ٿي بيٺو ۽ افغانستان کي ڪڻڪ مُهيا ڪئي، جڏهن آمريڪا پينٽاگون واري حملي کان پوءِ آمريڪا افغانستان ۾ مُداخلت ڪئي ته انڊيا به دلچسپي وٺي واپار شروع ڪيو پر 24 ڊسمبر 1999ع ۾ انڊيا جي کٽمنڊو نيپال کان ايندڙ فلائيٽ IC, 814 طالبان هائيجيڪ ڪئي ته انڊيا ۽ طالبان ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي. ان ڳالهه کي وساري افغانستان سان واپار ڪرڻ ۽ اتي شيڙپڪاري ڪرڻ يقينن انڊيا جي هڪ ڏورانهين ۽ گهري سوچ واري نگاهه هُئي ته افغانستان سان هم آهنگي وڌائي افغانستان کان بلوچستان سرحد ۾ داخل ٿجي جنهن سان پاڪستان اڃا وڌيڪ ڪمزور ٿي سگهي ٿو پر طالبان طاقت ۾ اچڻ سان وري انڊيا لاءِ اِمتحان شُروع ٿي ويو آهي.
هن وقت هڪ پاسي مُلڪ اِنسانيت خاطر طالبان حُڪومت سان سهڪار ڪري رهيا آهن، ٻئي پاسي انهن کي قبول ڪرڻ وارو سوال آهي. واضح رهي ته طالبان پاڪستان ۾ به رت جي راند کيڏي چُڪا آهن. مُلڪ افغانستان کي قبول ڪرڻ کان نه پر طالبان جي مُستقبل کان گهٻرائي رهيا آهن ته ڇا هُو ايندڙ وقت ۾ به ايئن ئي سنئين دڳ سان هلندا يا وري وحشت ۽ دهشت قائم ڪري انسان دُشمن بڻجي بيهي رهندا. اهو مڙني مُلڪن لاءِ هِن وقت مونجهاري وارو سوال آهي.