ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بدامني جي باهه ۽ ڌاڙا هڻندڙ افغاني

Editorial-Article- Rashid Leghari

رياست شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ شروع کان وٺي ناڪام رهي آهي، وڏن شهرن ۾ هونئن به شهرين ۽ عوام جو ساهه مٺ ۾ هوندو آهي. جيڪو جيتري طاقت رکي ٿو، اهو محفوظ آهي. ٻي صورت ۾ قتل انسان جو مقدر بڻجي وڃي ٿو. ڪراچيءَ ۾ مختلف ڌاڙن ۽ ڦرن ۾ روزانو الائي ڪيترا ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن. سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر ۽ ڀتي خوريءَ جي پنهنجي تاريخ رهي آهي. هن مافيا کي ڪير ڪٿي سپورٽ ڪري ٿو، جديد هٿيارن کان وٺي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد تائين سڀ ڪجهه اخبارن ۾ لکجي ۽ تبصرن ۾ سامهون اچي چڪو آهي. گذريل ڏينهن ڏهرڪيءَ ۾ واپاري ستن لعل کي قتل ڪيو ويو آهي. هن جي قتل پٺيان ڀلي ڪهڙا محرڪ هجن پر شروعاتي جاچ ۾ کيس مالي حوالي سان تنگ ڪرڻ ئي هو، جنهن کي هڪ فيڪٽريءَ جي افتتاح ڪرڻ دوران هڪ وڏي ميڙ ۾ جوابدارن گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. جنهن جو هڪ بيان به سامهون آيو آهي. جنهن ۾ هو قاتلاڻي حملي دوران ڌمڪيون ڏيندڙ گروهن جي نشاندهي ڪري رهيو آهي.
هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي. ڇا پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هن سموري بدامنيءَ کان اڻڄاڻ آهن. اسان ڏٺو آهي ته شهرين تي حملي، ڦرلٽ ۽ قتل جي وارداتن کان پو ئي پوليس ۽ ٻي فورسز موقعي تي پهچي ويندي آهي. شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لا هن رياست وٽ ڪو به ميڪنزم نه رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ تازو هڪ شهريءَ کي گهرڀاتين جي سامهون قتل ڪندڙ جوابدار پوليس اهلڪار ئي نڪتو آهي. هن مقتول جي لانئون لهڻ جا ڏينهن ٻڌل هئا. ڪراچيءَ ۾ هڪ پروفيسر کي مبينه ڦر دوران قتل ڪيو ويو. اهڙي ريت ڪراچيءَ کان پو اسان ڏٺو آهي ته حيدرآباد شهر منهنجي خيال ۾ بدامني ۽ ڦرلٽ جي حوالي سان ملڪ جو ٻيو وڏو شهر بڻجي ويو آهي. هتي جي مقامي سڃاڻپ رکندڙ جوابدارن کان پو وري افغاني پٺاڻ (ڌاڙيوال) به شهرين جي گهرن ۾ داخل ٿي لٽ مار ڪرڻ لا پهچي ويا آهن. هنن جو نيٽ ورڪ هتي ڪيئن پهتو، کين ڪنهن جي پٺڀرائي حاصل هئي، اهو پوليس اڃا پنهنجي جاچ ۾ شامل نه ڪيو آهي. حيدرآباد ۾ جيتوڻيڪ هاڻوڪو ايس ايس پي به پشاور واري پاسي سدوزئي قبيلي سان ئي تعلق رکي ٿو. هن ايس ايس پي پڻ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ لا ڪنهن قسم جا اپا نه ورتا آهن. هن جي مقرري دوران وري نوان نوان گروهه سامهون اچي رهيا آهن. اسان ڏٺو آهي ته هن وقت ڪوٽڙي شهر به بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي. ٽنڊو الهيار شهر وانگر هن شهر جي حصي ۾ ڏوهاري، منشيات فروش ۽ لينڊ گريبر آيا آهن. گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ پوليس افغاني گروهه ڌاڙيوالن جي چيلهه ڀڇڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس، ڳجهن ادارن ۽ حساس معلومات جي بنياد تي افغاني گروهه کي گرفتار ڪري ميڊيا آڏو پيش ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ حيدرآباد ۾ پوليس ٽن امير زميندار واپارين جي گهرن ۾ ڌاڙو هڻندڙ افغانستان سان تعلق رکندڙ افغاني پٺاڻ گروهه جي ملوث هجڻ جو انڪشاف سامهون آندو آهي. پوليس افغاني ڦورو جوابدارن کي گرفتار ڪري 50 لک ماليت جو سون لکين روپيا روڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي. هن گروهه جا ماسٽر مائيند اڃا پوليس ظاهر نه ڪيا آهن. افغان گروهه جي گرفتاريءَ جي سلسلي ۾ اي ايس پي حسنين وارث پوليس سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پوليس عالمي، ملڪي ۽ مقامي سطح تي ڌاڙا هڻندڙ گروهه سان واسطو رکندڙ جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن. حيدرآباد ۾ لڳل ڌاڙن جي جاچ دوران 10 ڏينهن اڳ پوليس ٻن جوابدارن زبير ۽ نبيل کي گرفتار ڪيو هو. هنن جوابدارن جي گرفتاري کان پوءِ هنن پوليس آڏو اهم انڪشاف ڪيا هئا. سندن نشاندهيءَ تي ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي هڪ جوابدار افغاني محمد علي عرف عبدالحئي افغاني کي گرفتار ڪيو ويو. جنهن جي نشاندهيءَ تي وري افغاني گروهه جي سربراهه گل علي عرف گلالئي جي ٺڪاڻي تي ڇاپو هنيو ويو، جتان پوليس حيدرآباد ۽ ڄامشورو مان ڌاڙن مان ڦر ڪيل 50 لک ماليت جو سون، 4 لک روڪ ۽ جديد هٿيار هٿ ڪيا آهن. پوليس ٻڌايو ته گرفتار گروهه سال اڳ 13 جنوري 2021ع ۾ حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ لطيف آباد يونٽ نمبر 3 ۾ مشهور صعنتڪار فتح گروپ جي سيٺ گوهر جي گهر ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جو ڌاڙو هنيو هو. ساڳئي جوابدار وري تازو 28 ڊَسمبر تي ساڳئي ٿاڻي جي حد ۽ ساڳئي علائقي ۾ نواب يوسف ٽالپر جي ڀا زميندار نور احمد ٽالپر جي گهر ۾ گهڙي عورتن کي يرغمال بڻائي 40 تولا سون، روڪ رقم، هٿيار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو. ساڳين جوابدارن ڄامشوري ۾ هڪ واپاري جي گهر ۾ ڌاڙو هڻي لکين ماليت جو سون، 4 لک روڪ ڦر ڪئي هئي.
پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاريءَ لا ايس ايڇ او حسين آباد نيڪ محمد کوسو ۽ عمران رشيد جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي ڇاپا هنيا پئي. گروهه افغانسان مان چمن بارڊر وسيلي ڪوئيٽا کان سنڌ پهتا، جيڪي وڏي سرمائيدار کي نشانو بڻائي وري بلوچستان رستي افغانستان ۾ روپوش ٿي ويندا هئا. گروهه ۾ گرفتار جوابدارن سان گڏ گلالئي افغاني، مالڪ افغاني، گور چانگ عرف چونڪ افغاني عبدالباري افغاني شامل آهن. جيڪي سندن ليڊر هئا، اهي پاڪستان ۾ موبائل سمون جاري ڪري ۽ ٻئي ٽيڪنيڪل سپورٽ ڪندا هئا.
پوليس دعويٰ ڪئي ته افغاني گروهه کي اسان برسٽ ڪيو آهي. هن گروهه جي گرفتاريءَ کان پوءِ پوليس اهو نه ٻڌايو آهي ته افغانين حيدرآباد جي پوش علائقي لطيف آباد يونٽ نمبر 3 ۾ ڪنهن جي مدد ۽ ريڪي سان پهتا. هن ڌاڙي جي جاچ ۾ ٻيا ڪهڙا مقامي ماڻهو ۽ ڦورو شامل آهن. اسان ڏٺو آهي ته عدالتن ۾ هٿيار رکڻ ۽ ڦر، چوري ڪرڻ جي سزا به 3 کان 5 سال هوندي آهي. عدالتن مان آزاد ٿيڻ کان پو اهڙن جوابدارن تي نظر رکڻ لا پوليس وٽ ڪو ميڪنزم آهي. جڏهن ته حيدرآباد ۾ پوليس گذريل 48 ڪلاڪن اندر 6 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا آهن. اسان ڪرائيم رپورٽر دوستن ڪچهري ڪندي اهو انڪشاف ڪيو ته اهڙو خطرناڪ افغاني ڌاڙيلن جو گروهه پوليس سان مقابلي ۾ زخمي ڇو نه ٿيو. جنهن کي پوليس تندرست حالت ۾ گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيندي يا هنن جو جسماني رمانڊ وٺندي. جيڪي وري آزاد ٿي شهرين کي لٽڻ سان گڏ سري عام مار ڌاڙ ڪري شهرن جو امن برباد ڪري ڇڏيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button