ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪلهوڪيون اخبارون ڇا ٿيون چون؟

Editorial-Article- Yameen Jatoi

ڪلهوڪين اخبارن ۾ ملڪي سياست جي حوالي سان انتهائي دلچسپ خبرون آيون آهن. پهرين ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ بابت آهي. جيتوڻيڪ چيو اهو پئي ويو ته نواز شريف جنوري ۾ پاڪستان موٽندو پر سندس نه موٽڻ کان پو لڳي اهو ئي ٿو ته نواز ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ مبينا ڊيل بابت جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، شايد اهو معاملو رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف نه رڳو جنوري ۾ نه موٽيو، پر اڱاري تي هن پاران جيڪا ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، ان مان به اهو ئي لڳي ٿو ته سندس ويجهڙ ۾ اچڻ جا ڪي به امڪان ناهن. ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان جو وري اهو بيان “اسان جو مقابلو اسٽيبلشمينٽ نه پر عالمي سامراج سان آهي.” انتهائي دلچسپ بيان آهي، جيڪڏهن ان کي مولانا جو يوٽرن چئجي ته وڌا نه ٿيندو. اهو بيان سندس ماضي جي ڏنل بيانن جي بلڪل ابتڙ آهي. جن ۾ هو اسٽيبلشمينٽ خلاف سخت پوزيشن جو اظهار ڪندو رهيو آهي. هو چوندو رهيو آهي ته هنن جي ويڙهه نيازي سرڪار سان نه پر اسٽيبلشمينٽ سان آهي. سندس تازي بيان کي سندس اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيي ۾ بنيادي تبديلي سمجهجي؟ بظاهر لڳي ته اهو ئي ٿو. انهن ٻن خبرن سان گڏ وفاقي سرڪار جي ردعمل، پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ بابت ٿيندڙ سرگرمين ۽ ملتان جي ٻن پيرن جا بيان آيل آهن. جن تي نظر وجهڻ ضروري آهي. ڪلهوڪيون اخبارون ڪجهه هن ريت چون ٿيون:
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تازي ميڊيڪل رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن چيو ويو آهي ته نواز شريف علاج بنا پاڪستان ويو ته سندس حالت بگڙي سگهي ٿي. رپورٽ مطابق نواز شريف جي 3 صفحن تي ٻڌل طبي رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن موجب ڊاڪٽرن نواز شريف کي سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي کانپوءِ نواز شريف گهڻي دٻاءَ ۾ آهي، نواز شريف علاج بنا پاڪستان ويو ته سندس حالت بگڙي سگهي ٿي، ذهني دٻاءَ جي ماحول ۾ نواز شريف جي بيماري وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي. رپورٽ موجب نواز شريف انجيو گرافي ڪرائڻ بنا لنڊن مان نه وڃي، نواز شريف ذهني دٻاءَ بنا پنهنجون سرگرميون جاري رکي، دوائون کائي، کليل فضا ۾ گهمي ڦري ۽ ان دوران ڪرونا کان بچاءَ جا قدم به کڻي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نواز شريف دل جو مريض آهي ۽ ڪرونا سبب ان جي زندگي کي خطرو آهي، ڪرونا سبب نواز شريف کي ساهه جو مسئلو به ٿي سگهي ٿو، ڪرونا ۾ ايئرپورٽن ۽ عوامي هنڌن تي خدشا وڌيڪ آهن.
وفاقي حڪومت نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ کي ڪوڙو قرار ڏيندي عدليا کان سخت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته “آمريڪا ۾ ويٺل ذاتي ڊاڪٽر لنڊن ۾ موجود نواز شريف جون ڪوڙيون ميڊيڪل رپورٽون ٺاهي رهيو آهي. اهو عدالتي نظام ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. ڪوڙين رپورٽن سان مسئلو حل نه ٿيندو. نواز شريف عوام جا پئسا واپس ڪري پوءِ ڀلي لنڊن ۾ آرام سان ويهي رهي.”
شاهد خاقان عباسي، جنهن لا مشهور آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ جي گهڻو ويجهو آهي، نواز-اسٽيبلشمينٽ مبينا ڊيل ۾ به ان جي ڪردار جون ڳالهيون ٿين ٿينديون رهن ٿيون، جو چوڻ آهي ته “پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي چور ٻين جو احتساب ڪري رهيا آهن. نواز شريف جو علاج ٿي رهيو آهي، هن سال اچي يا ايندڙ سال. جڏهن مڪمل علاج ٿي ويندو ته وطن واپس اچي ويندو. عمران خان ٻڌائي ته هن ڪرپشن بابت نيب ۽ ايف آئي اي کي ڪيترا خط لکيا آهن. وزيراعظم جا صلاحڪار فرار ٿي ويا، صلاحڪار جي نوڪري ڇڏيندڙ پنهنجا اثاثا ظاهر ڪن. جڏهن ته نيب چيئرمين ڊيلي ويجز تي چنبڙيو پيو آهي. نيب کي اپوزيشن نظر اچي ٿي، نيب حڪومت جي هدايتن تي اپوزيشن جي خلاف ڪيس ٺاهي ٿو. نيب کي ڇا لڳي ٿو ته اوهان کان سوال نه ٿيندا.”
سپريم ڪورٽ بار تاحيات نااهلي بابت درخواست تي اعتراض لڳائڻ ۽ واپس ڪرڻ جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بار جي صدر احسن ڀون چيو آهي ته “بدقسمتي آهي ته هن اهم ڪيس ۾ ٽيڪنيڪي اعتراض لڳايا ويا. اسان فيصلي خلاف جلد اپيل داخل ڪنداسين ۽ اپيل جي ڪاپي ميڊيا سان به شيئر ڪنداسين.” واضح رهي ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن کي واپس ڪيو ويو آهي. عمران نيازي تاحيات نااهلي بابت سپريم ڪورٽ بار جي پٽيشن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته “هڪ چور، ڏوهي ۽ ڪوڙ ڳالهائي لنڊن ڀڄي ويل شخص لاءِ سپريم ڪورٽ بار عدالت هلي وئي، عدالت کي چئي رهيا آهن ته ان کي هڪ موقعو ملڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ بار ايندڙ پٽيشن اها ڪري ته پاڪستان ۾ جيل کولي ڇڏيو.”
ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ جي سلسلي ۾ سرگرميون جاري آهن، ان ڏس بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ سرگرميون ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته “لانگ مارچ کان گهٻرائي وفاقي حڪومت پ پ ۽ عوامي نمائندن خلاف ڪوڙي پروپئگنڊا شروع ڪري ڇڏي آهي. پ پ جو لانگ مارچ ملڪي سياسي تاريخ جو اهم پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندو، جنهن ۾ لکن جي انگ ۾ عوام شريڪ ٿيندو ۽ عمران خان جي مقبوليت جا پول کلي ويندا. تحريڪ انصاف جي حڪومت پ پ ۽ عوامي نمائندن خلاف پروپئگنڊا ڪري رهي آهي پر اسان ان جو ڄمي مقابلو ڪنداسين. پ پ جو لانگ مارچ عوام پاران عمران خان جي حڪومت خلاف هڪ چارج شيٽ هوندو، 27 فيبروري تي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ستايل عوام جا لشڪر پنهنجي شهرن کان نڪري اسلام آباد جو رخ ڪندا. کيس گيٽ نمبر 4 جي رستي جي خبر ناهي ۽ اها ڳالهه “انهن” کي به معلوم آهي. اسلام آباد وينداسين پر پارليامينٽ يا پي ايم هائوس جو گهيرا نه ڪنداسين، ڊگهن ڊگهن ڌرڻن ۽ قومي ادارن تي حملن بدران پارليامينٽ جي سياست ڪنداسين، حڪومت کي ڪڍڻ لا آئين تحت بي اعتمادي جي رٿ آڻڻي پوندي. ن ليگ دعويٰ ڪري ٿي ته تحريڪ انصاف جا 34 ايم اين ايز انهن سان گڏ آهن، جيڪڏهن ائين آهي ته حڪومت ڪيرائي ڏيکارين. نواز شريف اڪثريت هئڻ باوجود پارليامينٽ کي وقت نه ڏنو، ميان صاحب کي پارليامينٽ ان وقت ياد آئي جڏهن حڪومت کي خطرو آهي.”
جڏهن ته مولانا فضل الرحمان، جنهن جي توبن جو رخ اسٽيبلشمينٽ ڏانهن هوندو هو، هاڻي هن به هڪ يوٽرن ورتو آهي. سندس چوڻ آهي ته “اسان جو مقابلو اسٽيبلشمينٽ سان نه پر عالمي سامراج سان آهي.” چمن ۾ جلسي کي خطاب ڪندي فضل الرحمان روايت موجب پي ٽي آءِ تي ڇتي تنقيد به ڪئي ۽ چيو ته “انهن چيو اسان جي حڪومت ايندي ۽ ڪروڙ نوڪريون ڏينداسين، 74 سالن ۾ به اسان جي نوڪرين جو انگ هڪ ڪروڙ تائين ناهي پهتو. جڏهن اسان ميدان ۾ لهنداسين ته حڪمران ڀڄي ويندا، اهي قوم جا نمائندا ناهن، تنهن ڪري دنيا انهن سان سهڪار نه پئي ڪري. اسان باطل حڪومت سان ٺاهه نه ڪنداسين، هيءَ حڪومت ناجائز ئي نه پر انتهائي نالائق به آهي، حڪمرانن جو انجام به اشرف غني جهڙو ٿيندو. آءِ ايم ايف جي شرطن اڳيان هاڻ اسٽيٽ بئنڪ ڪجهه نه ڪري سگهندي، اسان کي خبر آهي ته اسٽيٽ بئنڪ بابت قانون ڪيئن پاس ٿيو.”
هوڏانهن ملتان جا ٻه پير اڄڪلهه آمهون سامهون آهن. سينيٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي منظوري بعد اهي ٻئي پير هڪٻئي خلاف پنهنجي ڪروڌ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
اڱاري تي سينيٽ جي ٿيل اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڳالهائيندي چيو ته “يوسف رضا گيلاني جي استعيفيٰ ڊرامو هو، هو ڪرسي سان چنبڙيل رهندو. مخالف ڌر اڳواڻ پنهنجي غير حاضري جون وضاحتون پيش ڪيون، عوام ۽ اپوزيشن ڌريون ان جي وضاحت مان مطمئن ناهن. ايوان ۾ سڀني کي خبر آهي ته ليڊر آف اپوزيشن ڪيئن چونڊيو، سينيٽر ڪيئن چونڊيو، ووٽ خريد ڪري، ان جي ويڊيو ميڊيا ۾ هلندي رهي، ان جو ته ڪيس اڄ به اليڪشن ڪميشن ۾ لڳل آهي. اسٽيٽ بئنڪ کي ڪنهن جي غلامي ۾ ڏيڻ جي ڳالهه درست ناهي، اسٽيٽ بئنڪ خود مختيار ادارو آهي، ڪالهه کان ايوان ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمن تي بحث ٿي رهيو آهي، پ پ ۽ ن ليگ ٻنهي اسٽيٽ بئنڪ بابت ترميمون ڪيون.”
قريشي جي اهڙي بيان تي گيلاني پنهنجو ردعمل ڏنو. سندس چوڻ هو ته “پرڏيهي وزير ملڪ جي سڃاڻپ خراب ڪئي آهي. شاهه محمود دلاور خان گروپ جو ترجمان بڻيو هو. سينيٽ اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته “پرڏيهي وزير بنا ڪنهن سبب جي ايترو هيٺ ڪري پيو اميد نه هئي ته پرڏيهي وزير ايتري قدر ڪري پوندو. هي سينيٽ جي توهين آهي. اسان شاهه محمود قريشي کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو. جڏهن مان اسپيڪر هيس شاهه محمود منهنجو پارلياماني معاملن جو پارلياماني سيڪريٽري هو. بي بي چيو ته شاهه محمود کي اوهان جو پارلياماني سيڪريٽري ان لاءِ بڻايو ته اوهان کان سکي سگهي.” ان کان اڳ سينيٽ اجلاس ۾ يوسف رضا گيلاني چيو ته “هن معاملي تي گذريل ڏينهن ڳالهه ٿي وئي هئي، پبلڪ ٻنهي پاسن جون ڳالهيون ٻڌي اها فيصلو ڪري وٺندي. جيتريون به ضمني اليڪشنز ٿيون آهن، پي ڊي ايم کٽيون آهن. سينيٽ اليڪشن ۾ گڏيل اپوزيشن پي ڊي ايم کٽي آهي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button