ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مير وسيم ٽالپر قتل ڪيس

Editorial-Article- Munwar Lashari

20 جنوريءَ تي مير وسيم ٽالپر جي قتل جو واقعو چينل واهه وٽ پيش آيو ھو. 20 جنوريءَ تي ٽنڊوباگو پوليس تلھار جي حد ۾ ڪارروائي ڪري ھڪ منشيات فروش کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي ھئي پر ان سان گڏ مير وسيم عرف مقصود ٽالپر کي پوليس ڪٿي به ظاھر ئي ڪونه ڪيو ھو. وارثن ۽ دوستن جي اطلاعن کان پوءِ جڏھن نورالدين جي گرفتاريءَ جون خبرون سوشل ميڊيا ۽ واٽس اپ گروپن ۾ گردش ڪرڻ لڳيون ته رڳو نورالدين دودي جت جو ئي ذڪر پڙھڻ لاءِ پئي مليو پر نورالدين دودي جت سان گڏ ان وقت مير وسيم ٽالپر پڻ موٽر سائيڪل تي سوار ھو. جيڪڏھن نورالدين پڪڙجي پيو ھو ته ان سان گڏوگڏ مير وسيم ٽالپر به لازمي گرفتار ڪيو وڃي ھا ڇو ته وارثن ۽ دوستن جي بقول ته ان وقت مير وسيم ٽالپر ۽ نورالدين جت ٻئي ڄڻا گوٺان تلھار وڃي رھيا ھئا جو جمالي ڦڙدو وٽ ٽنڊوباگو پوليس يرغمال ڪري ورتو ھو پر ھاڻي مير وسيم ٽالپر جي ان وقت ٽنڊوباگو پوليس ڌڻي به نه پئي ٿي. مير وسيم جو ڪٿان ڪو ڏس پتو به نه پئي پيو آخرڪار ويو ته ويو ڪيڏانھن.
خير اطلاع ملڻ کان پوءِ تلھار مان مير وسيم جا وارث عزيز دوست به جمالي ڦڙدو وٽ پھچي مير وسيم جي ان وقت کان ڳولا ڪرڻ لڳا ھئا. جمالي ڦڙدو ڀرسان ئي چينل واهه آھي، ان چينل واهه ڀرسان ھڪ ڏنڍ تلاءَ به ھو جتي بقول وارثن جي ته اتان کان ٽوال ۽ پيرن جا کوڙ سارا نشان مليا، جنھن مان ائين لگي ٿو ته جھڙوڪر پوليس ۽ مير وسيم ٽالپر وچ ۾ گھڻو دير چڪريون ھليون. پوليس مير وسيم ٽالپر تي تشدد ڪري مرڻينگ ڪري وڌو ھوندو. ان کان پوءِ چينل واهه ۾ پوليس ڦٽو ڪري فرار ٿي وئي. پهرين ٽنڊوباگو پوليس مالڪي نه پئي ڪئي پر ھڪ ٻه بيان سامھون آيا جن ۾ لکيل ھو ته نورالدين دودي جت کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. جڏھن ته ٻئي جوابدار پوليس کان فرار ٿي چينل واهه ۾ ٽپ ڏنو ۽ ٻڏي ويو. جيڪڏهن هو ٻڏي ويو، تڏهن به پوليس لاءِ سوال کڙا ٿين ٿا. آخرڪار ھن ٽپو ڇو ڏنو. وري پوليس ڳالهھ بدلائڻ لاءِ ھڪ نئون حربو ھلايو. پڇا ڳاڇا ڪري ھڪ بيان پڻ جاري ڪيو ويو جنھن ۾ لکيل ھو ته مير وسيم ٽالپر ھڪ سٺو تارُو ھو ۽ پوليس مير وسيم ٽالپر کي اکين ڏٺو ئي ناھي. بھرحال جيترا ماڻھو اوتريون ڳالھيون پر ھڪ ڳالھه سچ ثابت ٿي ته مير وسيم ٽالپر جيڪڏھن تارُو ھو ته ائين ٻڏي مري ڪونه ھا. کيس بي گناهه ماري پوءِ اڇليو ويو آھي. مائٽن جو به اهڙو ئي بيان ھو.
ڏٺو وڃي ته جيڪڏھن هو تارُو ھو ته ھو ٻڏو ڪيئن؟ ٿي سگھي ٿو ٽنڊوباگو پوليس ڪارروائي دوران جهيڙو ڪري مير وسيم ٽالپر کي زخمي ڪري وڌو ھجي ۽ بيھوشيءَ جي حالت ۾ چينل واهه ۾ ڦٽو ڪري پوليس اتان کان آجو ٿي واپس ھلي وئي ھجي يا مير وسيم ٽالپر کي اھڙو ڪو ڌڪ لڳي ويو ھجي جنھن کان پوءِ پوليس کان فرار ٿي جان بچائڻ خاطر مير وسيم ٽالپر چينل واهه ۾ ٽپو ڏنو. ٻنھي صورتن ۾ ڏوهاري ٽنڊوباگو پوليس ئي ھئي ڇو ته پرائي حد ۾ بنا جواز اچي ڪارروايون ڪرڻ جي ڪا به اجازت نه ايس ايس پي بدين کان مليل ھئي ۽ نه ئي وري تلھار پوليس کي اھڙو ڪو اطلاع پڻ ڏنو ويو هو. ٽنڊوباگو پوليس ڏاڍ مڙسي ڪري وردي ۽ اختيار جو غلط استعمال ڪيو ۽ نتيجي ۾ ھڪ انساني جان ضايع ٿي وئي. نيٺ ان جو ذميوار ڀلا ٻيو ڪير ڪوٺيو ويندو.
گذريل ڏينھن مير وسيم ٽالپر قتل ڪيس جي سيشن ڪورٽ بدين ۾ ٻڌڻي ٿي جتان کان الزام ھيٺ اڳوڻو ٽنڊوباگو ايس ايڇ او بشير چانڊيو پنھنجي عبوري ضمانت ڪرائي ورتي، جڏھن ته ٻه جوابدار ھڪ پرائيوٽ ڪمانڊو علم الدين ۽ پوليس اھلڪار نياز جروار تلھار پوليس گرفتار ڪري ورتا آھن. مير وسيم ٽالپر قتل ڪيس ۾ نامزد اندازن اٺ کن جوابدارن جا نالا فريادي پاران ڏنا ويا ھئا، جنھن مان ھڪ اڳوڻي ايس ايڇ او پنھنجي ضمانت ڪرائي ورتي ۽ ٻه گذريل ڏينھن جوابدار تلھار پوليس گرفتار ڪري ورتا آھن، جڏھن ته اڃان به پنج کان ڇھه کن جوابدار آزاد گھمي رھيا آھن، جن کي تلھار پوليس ۽ مقرر جانچ آفيسر گرفتار ناھن ڪري سگھيا. مير وسيم ٽالپر قتل ڪيس ۾ سياسي سماجي شھرين سميت تلھار جا مقامي جت برادريءَ جا ماڻھو وڏي جدوجھد ڪري رھيا آھن. مير وسيم قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري خلاف مسلسل احتجاج ۽ مير وسيم ٽالپر جي ڀائرن عزيزن سان گڏجي انھن کي آٿٿ پڻ ڏيندا، ٻانھن ٻيلي ٿيو وتن. جڏھن ته پ پ پ ايم پي اي مير الھه بخش ٽالپر ايم اين اي مير غلام علي، وڏي وزير جي خاص معاون تنزيلا قنبراڻي سميت اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا ۽ ٻين اڳواڻن مير وسيم ٽالپر جي تڏي تي پھچي گھري ڏک جو اظھار پڻ ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ مير وسيم ٽالپر قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ايس ايس پي بدين کي فون ذريعي رابطو پڻ قائم رکيو. ھن وقت مير وسيم ٽالپر قتل واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف شھرن ۾ احتجاج جو سلسلو پڻ جاري رکيو ويو آھي پر ڇا ھاڻي مير وسيم ٽالپر قتل ڪيس ۾ الزام ھيٺ مک جوابدار اڳوڻو ايس ايڇ او ٽنڊوباگو ضمانت تي آزاد ٿيو ويو آھي. وارثن جو ۽ مير وسيم ٽالپر جي بيوه جو اعليٰ اختيارين ۽ عدليه کان اھو ئي مطالبو ھو ته اڳوڻي ايس ايڇ او بشير چانڊيو کيس جيل اماڻيو وڃي ھا، ان کان پڇاڻو ڪرائڻ گھرجي ھا ته ھن مير وسيم ٽالپر کي ڪھڙي ريت اھڙا ڳجھا ڌڪ ھڻائي قتل ڪيو يا پوءِ آخرڪار 20 جنوري واري رات ٿيو ڇا ھو.
بقول وارثن جي ھڪ بيان مان پتو پوي ٿو ته ان رات پرائيوٽ سلور ڪلر ڪار ۾اڳوڻو ايس ايڇ او ٽنڊوباگو بشير چانڊيو پڻ موجود ھو، جيڪو ضمانت ڪرائڻ کان پوءِ ھاڻي آزاد آزادي جا مزا ماڻي رھيو آھي. پر هاڻ هن ڪيس ۾ ڪجهه نئين اڳڀرائي ٿي آهي. گذريل ڏينھن بدين ڪورٽ سڳوري ۾ ضمانت ڪرائڻ لاءِ پھتل پرائيوٽ ڪمانڊو علم الدين ۽ پوليس اھلڪار نياز جروار کي تلھار پوليس ڪورٽ سڳوري ٻاھران گرفتار ڪري، تلھار پوليس اسٽيشن ا۾ آندو ويو آھي. جتي انهن کان پڇا ڳاڇا ھلي پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button