ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تاشقند ٺاهه ۽ لال بهادر شاستري

Editorial-Article-Rauf Nizamani

جواهر لال نهرو جي وزيراعظم طور حيثيت پارٽي ۾ غيرمتنازعه هئي. اهو عام طور ڏٺو ويو آهي ته اهڙن اڳواڻن جي وفات کانپو پارٽي اندر مختلف گروهن ۾ اقتدار لا ڇڪتاڻ شروع ٿي ويندي آهي. ساڳي ريت ڪانگريس ۾ به نهرو جي ديهانت کانپو مختلف گروهه سامهون آيا ۽ وزيراعظم جي عهدي لا هڪ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي. ان وقت اندرا گانڌي سياسي لحاظ کان گھڻي تجربيڪار نه هئي ۽ نه ئي پارٽي ۾ ان ڪو اثر رسوخ ٿي رکيو. گھڻي ڏي وٺ کانپو لال بهادر شاستري کي ڀارت جو وزير اعظم نامزد ڪيو ويو. شاستري هيٺئين وچولي طبقي جو شخص هو جنهن جو پنهنجو گھر به نه هو ۽ نه ئي سندس شخصيت ۾ ايڏي ڇڪ هئي جيڪا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجھه ڪري سگھي. سندس بنيادي خاصيت پارٽي جو هڪ وفادار ڪارڪن هئڻ ۽ لاڳيتو ان لا ڪم ڪرڻ هو. هو مهاتما گانڌي جو ساٿي ۽ سندس پوئلڳ هو. هو آزادي جي تحريڪِ ۽ خاص طور انگريز سرڪار سان سهڪار نه ڪرڻ واري تحريڪ ۾ گانڌي سان گڏ رهيو هو ۽ گھڻا ڀيرا جيل به وڃي چڪو هو. آزادي کانپو هو مختلف موقعن تي يوپي جي اسمبلي جو رڪن ۽ وزير رهيو. پو، 1952 ۾ لوڪ سڀا جو رڪن ۽ ريلوي ۽ ٽرانسپورٽ جو وزير ٿيو. 1961 ۾ هو نهرو جي ڪابينا ۾ گھرو معاملن جو وزير ۽ نهرو جي آخري سالن ۾ وزير بي محڪمه جي عهدي تي به رهي چڪو هو.
اندرا گانڌي کيس خاص طور ناپسند ڪندي هئي. ڪلديپ نير هڪ واقعو ٻڌائي ٿو ته هو هڪ ڀيري وزيراعظم جي رهائشگاهه تين مورتي ويو ته اتي شاستري کي وزيراعظم جي سيڪريٽري وٽ ويٺل ڏٺائين جيڪو اتي نهرو جي طبيعت پڇڻ آيو هو. هن سيڪريٽري کي چيو ته کيس اندر موڪل ته ان جو جواب هو ته اندرا گانڌي جيڪا ان وقت نهرو وٽ موجود هئي کيس موڪلڻ کان منع ڪئي آهي.
1965 جي پاڪ ڀارت جنگ ٻنهي ملڪن جي ناتن جي حوالي سان هڪ اهم واقعو آهي. اها جنگ سترنهن ڏينهن هلي ۽ گڏيل قومن جي اپيل تي ختم ٿي. ٻنهي ملڪن پاران سوويت يونين جي ثالثي جي آڇ کي قبوليندي تاشقند ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان جي وفد جو اڳواڻ صدر ايوب خان هو جڏهين ته ڀارت جي وفد جي اڳواڻي وزير اعظم لال بهادر شاستري ٿي ڪئي. گھڻن لاهن چاڙهن کان پو ٻنهي ملڪن ۾ اهو ٺاهه ٿيو هو. هڪ مرحلي تي ايئن پئي محسوس ٿيو ته ڳالهه ٻولهه ناڪام ٿي چڪي هئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وفدن واپس موٽڻ جي تياري پئي ڪئي. سوويت وزيراعظم ڪوسيگن جي ڪوششن سان اها ڳالهه ٻولهه وري جاري ٿي سگھي ۽ نيٺ اهي ٺاهه تي راضي ٿيا.
ان ٺاهه جي هڪ اهم حيثيت آهي. ان ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته 25 فيبروري 1966 تائين ٻنهي ملڪن جون فوجون آگسٽ کان اڳ وارين سرحدن تي موٽي وينديون، ٻيئي ملڪ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا، معاشي ۽ سفارتي ناتن کي بحال ڪيو ويندو، هڪٻئي جي جنگي قيدين کي منظم نموني واپس ڪيو ويندو ۽ ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ باهمي ناتن کي سڌارڻ لا ڪم ڪندا. ان حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وزيرن وغيره جون ڪجھه گڏجاڻيون به ٿيون پر ڪشمير جي معاملي تي اختلافن جي ڪري گھڻي پيش رفت نه ٿي سگھي.
ان جنگ کانپو ناتن ۾ ابتري آئي ۽ اهي وقت سان گڏ لاڳيتو وڌيڪ ابتر ئي ٿيندا ويا آهن. بنهي ملڪن جا ماڻهو ان ٺاهه سان پوري ريت مطمئن نه هئا. سندن ليکي سندن اڳواڻ ان مان پنهنجي ملڪ لا گھڻو ڪجھه حاصل نه ڪري سگھيا هئا. ڀارت جا ماڻهو ان ڳالهه تي ڪاوڙيل هئا ته هڪ ته ڀارت قبضي ڪيل علائقا واپس ڪرڻ لا تيار ٿي ويو هو ۽ ٻيو ته پاڪستان سان جنگ نه ڪرڻ جو ٺاهه ۽ ڪشمير ۾ گوريلا جنگ کي نه ڪرڻ جو ڪم پڻ نه ٿي سگھيو هو. ساڳي ريت پاڪستان جو صدر ايوب خان به تاشقند مان موٽڻ کانپو ان ٺاهه متعلق ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ بجائي لاتعلق ٿي اڪيلائي ۾ هليو ويو. ٺاهه متعلق اختلافن ڪري پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو، جنهن پنهنجي ڌار سياسي جماعت ٺاهي ۽ تاشقند ٺاهه سندس ايجنڊا جو اهم حصو بڻجي ويو. اهڙي ريت ان ٺاهه ٻنهي ملڪن ۾ هڪ نئين صورتحال کي جنم ڏنو.
ان ٺاهه کي ان لحاظ کان به ياد رکيو ويندو ته ٺاهه ٿيڻ کانپو ٻئي ڏينهن جڏهين ٻنهي ملڪن جا وفد پنهنجن ملڪن لا روانا ٿيڻ وارا هئا ته ڀارت جي وزيراعظم شاستري جو دل جي دوري ڪري ديهانت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو، جيڪو ان وفد ۾ شامل هو، جا اهي ڪمينٽ گھڻو مشهور ٿي ويا ۽ ليکڪ پڻ ان جو حوالو ڏنو آهي ته جڏهين پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري عزيز احمد کيس نالو کڻڻ کانسوا ٻڌايو ته بس هو هلي پيو ته ڀٽو جو فوري اهو جواب هو ته ٻنهي مان ڪهڙو حرامي هلي پيو هو.
بهرحال شاستري جو ديهانت سندس خاندان ۽ ملڪ لا وڏو صدمو هو. هن رات سمهڻ کان اڳ پنهنجن گھر وارن سان ڳالهايو هو. واپسي ۾ کيس ڪابل مان ٿي دهلي وڃڻو هو.
شاستري جي اوچتي ديهانت کانپو اهي ڳالهيون به گردش ڪري رهيون هيون ته کيس زهر ڏنو ويو هو. شاستري جي کاڌي ۾ احتياط جي ڪري سندس ماني سوويت يونين ۾ ڀارت جي سفير جي گھران تيار ٿي ايندي هئي. ان ڪري سڌو شڪ ان ڏانهن ٿي ويو. اهو ان ڪري به هو ته ان سفير جا اندرا گانڌي سان لاڳاپا هئا ۽ گھڻن کي اهو شڪ هو ته هن اندرا جي چوڻ تي اهو ڪم ڪيو هو. بهرحال لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانسوا ڀارت اماڻيو ويو. شاستري جي زال ۽ خاندان جا ٻيا فرد ان موت کي فطري مڃڻ لا تيار نه هئا. سندن ان احتجاج جي ڪري انڪوائري ته ڪرائي ويئي پر ان انڪوائري جي رپورٽ ان بنياد تي عام نه ڪئي ويئي ته ان سان هڪ ته پرڏيهي ناتا خراب ٿيندا، ٻيو ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ٿيندو ۽ اها پارلياماني حقن جي ڀڃڪڙي به ٿيندي.
شاستري جي پنهنجي ڪا ذاتي ملڪيت ۽ ايستائين ته رهڻ لا ذاتي گھر به نه هو. ان ڪري سوال اهو هو ته سندس زال ۽ خاندان جو ڇا ٿيندو. ان ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيستائين سندس زال جيئري آهي اها سرڪاري گھر ۾ رهندي ۽ کيس گذاري لا سرڪار پاران هڪ خاص الائونس ملندو رهندو.
شاستري جي ديهانت کانپو اندرا گانڌي ڀارت جي ٽين وزيراعظم ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button