راڳ جي دنيا جي ليجنڊ لتا منگيشڪر جي حالت ٻيهر ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، جنهن بعد کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ونٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ممبئي جي اسپتال ۾ داخل لتا منگيشڪر جي ڊاڪٽر سندس صحت بابت دعائن جي اپيل بھ ڪري ڇڏي آهي. لتا منگيشڪر جو علان ڪندڙ ڊاڪٽر پراتيت صمڌاني جو چوڻ آهي تھ لتا جي صحت انتهائي خراب آهي، جنهن ڪري کيس ونٽيليٽر تي رکيو ويو آهي. ياد رهي تھ سرن جي ڪوئل طور شهرت ماڻيندڙ 92 ورهين جي لتا کي گذريل مهينا ڪرونا مثبت اچڻ تي اسپتال آندو ويو، جنهن جي طبيعت ۾ سڌارو اچڻ تي کيس ونٽيليٽر تان هٽايو ويو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close